سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ تي اتفاق

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ،بينر ۽ پوسٽر هٽائڻ تي اتفاق

    حيدرآباد(رپورٽ: سکر لاشاري) سنڌ جي سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن، تعليمدانن، اديبن، دانشورن ۽ سڄاڻ ڌرين سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ، ڪلاسن جي بائيڪاٽ واري عمل، هنگامن، جهيڙن کي روڪڻ، يونيورسٽي ۾ مختلف شاگرد تنظيمن پاران لڳايل پوسٽر، بينر، وال چاڪنگ رضاڪاراڻي طور هٽائڻ، شاگرد تنظيمن کي يونيورسٽي اندر سياسي جلسا ڪرڻ نه ڏيڻ، امتحانن لاءِ حاضري جو سيڪڙو مقرر ڪرڻ، شاگردن کي داخلا وقت ورتل حلف تي عمل ڪرائڻ، سمورا وسيلا تعليم جي شمع روشن ڪرڻ لاءِ ڪتب آڻڻ ۽ پيش ڪيل ٻين تجويزن تي اتفاق ڪندي برک اديب محمد ابراهيم جويو يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروين شاهه، صحافي ناز سهتو، اديب تاج جويو، فنڪشنل ليگ اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي ۽ ٻين تي ٻڌل مشاورتي ڪاميٽي جوڙي وئي، جڏهن ته مشاورتي ڪاميٽي تجويزن جو جائزو وٺڻ بعد گڏيل مشاورت سان تجويزن تي عمل ڪرائڻ لاءِ وري هڪ مانيٽرنگ ڪاميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو، ڪالهه حيدرآباد جي مقامي هوٽل ۾ ٿيل آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ برک اديب محمد ابراهيم جويو خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي ۾ امن امان هئڻ سان ئي تعليمي نظام بهتر نموني هلي سگهي ٿو، هن چيو ته تعليمي ادارن ۾ هٿيار نه هئڻ گهرجن، سڀ کان وڏو هٿيار قلم ۽ ڪتاب آهن، جن کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، تعليمي ادارن ۾ تعليم جي واڌ ويجهه لاءِ شاگردن جون يونينون ٺهڻ گهرجن، جڏهن ته شاگرد ونگون يونيورسٽي اندر سياست بدران اداري جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪن،

    عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو چيو ته منهنجو خيال هو ته سنڌ جي تعليم کي تباهه ڪرڻ جا رياست سان يونيورسٽين جا وي سيز ۽ گورنر ذميوار آهن، پر اهڙي قسم جي ڪانفرنس ڪوٺائڻ سٺو عمل آهي، هن چيو ته سنڌ ۾ سڀ کان وڏو قتل عام سنڌ جي علم ۽ ذهن جو ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته تعليمي ادارن جي سڌارن ۾ سنڌ جي ماڻهن سان عوامي تحريڪ گڏ آهي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه خطاب ڪندي چيو ته يونيورسٽي ۾ انتظامي معاملا ميرٽ تي نه هلڻ سبب مسئلا پيدا ٿيا آهن، امتحانن لاءِ شاگردن جي حاضري گهٽ ۾ گهٽ 60 سيڪڙو مقرر هئڻ گهرجي، هن چيو ته سياسي حڪومتن ۾ يونيورسٽين جون گاڏيون، تيل ۽ ٻيا وسيلا غلط استعمال ٿين ٿا، تنهن ڪري يونيورسٽي کي انتظامي معاملا ميرٽ تي هلائڻا پوندا، يونيورسٽي مان هٿيارن جي خاتمي ۽ ڪلاسن جي بائيڪاٽ کي روڪڻ لاءِ تڪڙا قدم کڻڻ گهرجن. پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ جهڙي سياست هوندي اهڙو ئي تعليمي ادارن ۾ ماحول هوندو، ڪجهه سال اڳ هڪ سياسي ليڊر نعرا هنيا ته فرج، ٽي وي ۽ ٻيو گهريلو سامان وڪڻي هٿيار خريد ڪيو، جنهن کانپوءِ اهڙيون حالتون پيدا ٿيون هيون، هن چيو ته درسگاهن ۽ سماج کي هڪٻئي سان مضبوط رابطو رکڻ گهرجي، يونيورسٽي ۾ سياسي سرگرمين سان تعليمي ماحول خراب نه ٿيڻ گهرجي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ جي شاگرد سياست ڀتاخوري، چندا اوڳاڙي ۽ استادن کي مارڪٽ ڪرڻ تائين محدود آهي، هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته اسان کي هڪ شاگرد ونگ عزيز آهي يا سنڌ جي 5 ڪروڙ عوام؟، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ وال چاڪنگ، پوسٽر ۽ بينر هٽائڻ جو فيصلو ٿيو ته پوءِ عوامي تحريڪ سنڌ جي مڙني تعليمي ادارن ۾ سياسي سرگرميون معطل ڪندي، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نذير مغل خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي علم ۽ دانش سان سنڌ کي مالامال ڪري رهي آهي، مادري علمي جا 23 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪجهه شاگردن وٽ يرغمال بڻيل آهن، اهي شاگرد نعرا هڻي ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري اداري جو تقدس پائمال ڪن ٿا، سنڌ يونيورسٽي بائيڪاٽ جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي، هن چيو ته اسان جا شاگرد ڏوهاري ناهن، سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي واحد يونيورسٽي آهي جتي 10 کان وڌيڪ سياسي پارٽين کي اظهار جي آزادي جو حق ڏنو ويو آهي، پر اسان جا شاگرد اڳواڻ ڪرسي تي ويهڻ، اخبار پڙهڻ، ماني کائڻ ۽ ٻين معمولي ڳالهين تي جهيڙا ڪن ٿا۔

    فنڪشنل ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مهتاب اڪبر راشدي خطاب ڪندي چيو ته سياسي پارٽيون شاگردن کي ٻارڻ طور استعمال ڪرڻ وارو عمل بند ڪن، هن چيو ته 20 سال اڳ ساڳئي يونيورسٽي واري معاملي تي قومي جرڳو ٿيو، جنهن ۾ 9 هزار صفحن تي تجويزون تيار ڪيون ويون، جن تي اڄ تائين عمل نه ٿيو آهي، جسقم جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته جسقم جي شاگرد ونگ جساف گذريل 2 سالن کان ڪلاسن جو بائيڪاٽ ناهي ڪيو، هن چيو ته رڳو هٿيارن جي نه پر قلم جي ذريعي دهشتگردي ٿيندي آهي، انتظاميا پاران شاگرد تنظيمن سان ٻٽو معيار رکڻ سبب حالتون خراب ٿينديون آهن، جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر صفدر سرڪي چيو ته قتل صرف سنڌ يونيورسٽي ۾ نه دنيا جي ٻين تعليمي ادارن ۾ به ٿيندا آهن پر شاگرد سياست ٿيڻ گهرجي، عرب ملڪ ۾ آيل انقلاب ۾ شاگردن جو اهم ڪردار آهي، سنڌ ۾ شاگرد سياست ۾ بهتري آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، سنڌ نيشنل فرنٽ جي جنرل سيڪريٽري انجنيئر ايوب شر چيو ته سنڌ ۾ پرائمري کان اعلى تعليم تائين تعليم تباهي جي ور چڙهيل آهي، بدترين ڪرپٽ ۽ جاهل کي سياسي پارٽيون عهديدار ڪن ٿيون، يونيورسٽي جي بهتري لاءِ جيڪو به قدم کنيو ويندو فرنٽ ان سان گڏ هوندي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳواڻ نند لال مالهي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن کي سنڌ کان الڳ نٿا ڪري سگهون، تعليمي ادارن ۾ غنڊا پالڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي۔

    سگا جي سرواڻ ڊاڪٽر سليمان شيخ چيو ته سنڌ ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ تعليمي معيار بهتر بڻائڻ، امن امان قائم ڪرڻ ضروري آهي، انهي سان پنهنجي نوجوان نسل کي علم سان مالامال ڪري سگهون ٿا، نوجوان دانشور جامي چانڊيو چيوته يونيورسٽيون دنيا ۾ قومن جي تعميري ترقي جو بنياد آهن، سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪرپشن ۽ غنڊا گردي کي گڏيل طريقي سان ختم ڪرڻو پوندو، جيئي سنڌ محاذ (آريسر گروپ) جي مرڪزي اڳواڻ مير عالم مري چيو ته ملڪ جي پنجاب، پشاور ۽ ٻين يونيورسٽين ۾ حالتون خراب آهن، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ٻين قدمن کڻڻ سان تعليمي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو وڃي، جيئي سنڌ محاذ جي سربراهه رياض چانڊيو چيو ته سنڌ يونيورسٽي لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي وڏا خواب ڏٺا، پر ان کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي وئي، پ پ (شهيد ڀٽو) جي مرڪزي اڳواڻ بنگل چنا چيو ته ڪانفرنس ۾ تعليم جي بهتري لاءِ هر تجويز تي عمل ڪيو ويندو، جيئي سنڌ تحريڪ جي سربراهه شفيع ڪرناڻي چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ سڀ کان اڳ تعليمي ادارن مان آواز اٿيو آهي، تنهن ڪري شاگرد يونين ختم ڪرڻ درست قدم نه هوندو، تعليمي ادارن ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ ضابطا اخلاق جوڙڻ گهرجي، ان موقعي تي اديب تاج جويو، سينيئر صحافي ناز سهتو، سينيئر قانوندان جهمٽ مل، عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻ عبدالغفور سيال، عرفانه ملاح ۽ ٻين خطاب ڪندي يونيورسٽي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، ڪانفرنس ۾ پيش ٿيل تجويز تي رياض چانڊيو اختلاف ظاهر ڪيو، جڏهن ته آل پارٽيز ڪانفرنس کان اڳ يونيورسٽي انتظاميا ۽ سياسي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن جو الڳ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ يونيورسٽي جي موجوده صورتحال تي ويچاري مسئلن جي حل لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ ڪانفرنس شروع ڪئي وئي.

    روزانه ڪاوش جي خبر
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ تي اتفاق

    الله ڪري مادر علمي جا حالات ٺيڪ ٿين ۽ سنڌ تعليمي ترقي ماڻي۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ تي اتفاق

    اسانجا هٿ مٿي آهن، ڌڻي در دعا آهي ته سنڌ جا ڏاها ۽ سگهارا ماڻهون سنڌي قوم تي رحم ڪن ۽ قومي علم جي واڌ جو سبب ٿئي ۔۔۔۔ انشاء الله

    بس جيڪي فيصلا ٿيا آهن انهن تي سچائي سان سڀ ڌريون عمل ڪن ۔۔۔ سنڌ يونيورسٽي جو اهو سٺو عمل آهي جو هنن سڀني ڌرين کي ان حال ۾ شامل ڪري سنڌ جي تعليم جو ڪيس پيش ڪيو ۔۔۔

    اميدون وڏيون آهن ۔۔۔ شل پوريون ٿين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ تي اتفاق

    جتي مٿيان فيصلا ٿيا آهن اتي ڪجهه ڌرين کي اعتراض پڻ آهن :

    2008ع کان سنڌ يونيورسٽي ميدان جنگ بڻيل، 4 شاگرد شهيد ڪيا ويا

    حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي ۾ هن وقت 23 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، جن مان 5 هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون يونيورسٽي جي هاسٽلن ۾ رهن ٿيون، مادر علمي جي 54 تدريسي شعبن ۾ 8 سئو استاد ۽ 4 هزارن کان وڌيڪ ملازم نوجوانن کي تعليم ۽ ٻيون گهربل سهولتون ڏيڻ ۾ رڌل آهن، 10 هزار ايڪڙ زمين جي ايراضي رکندڙ سنڌ يونيورسٽي جي سالياني بجيٽ 19 سئو ملين بجيٽ آهي، ماضي ۾ ٽن يونيورسٽين کي جنم ڏيندڙ سنڌ يونيورسٽي جا هن وقت بدين، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ڪئمپس ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته دادو ڪئمپس جي رٿا تي عمل هلندڙ آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ سال 2008ع ۾ 38 کان وڌيڪ ڀيرا ڌرڻا ۽ ڪلاسن جا بائيڪاٽ ٿيا، هڪ درجن کان وڌيڪ ڀيرا شاگردن تنظيمن ۾ جهيڙا ٿيا، جنهن دوران ٿيل فائرنگ ۾ 29 کان وڌيڪ شاگرد زخمي ۽ هڪ شاگرد عبدالنبي بروهي قتل ٿيو، اهڙي طرح 2009ع ۾ 23 کان وڌيڪ ڌرڻا لڳا، 12 ڀيرا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيو، 14 کان وڌيڪ فائرنگ جا واقعا ٿيا، هڪ شاگرد فريد کوسو قتل ٿيو، جڏهن ته 2010ع ۾ 37 ڀيرا شاگردن ڌرڻا هنيا، 6 ڀيرا بائيڪاٽ ۽ 10 فائرنگ جا واقعا پيش آيا جن ۾ 12 شاگرد زخمي ٿيا، هلندڙ سال دوران شاگردن ۾ معمولي ڳالهه تان ٿيل جهيڙن ۾ ڪيترائي ڀيرا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ٿيڻ سان گڏ 2 شاگرد بابر سنديلو ۽ رميز سهاڳ شهيد ٿيا

    اي پي سي ڍونگ هئي، اسان کي ويهڻ نه ڏنو ويو:جساف (جسمم)

    ڄامشورو/هڱورجا (پ ر/ن ڪ) سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران سڏرايل آل پارٽيز ڪانفرنس کي جساف (جسمم) مڪمل رد ڪري ٿي، اهڙو اظهار جساف (جسمم) جي مرڪزي چيئرمين حفيظ پيرزادي پاران جاري ڪيل پريس بيان ۾ ڪيو، هن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ جسمم جي وفد کي ڪانفرنس ۾ ويهڻ نه ڏنو ويو ڇو ته اهو وفد انتظاميا پاران ڪيل ڪرپشن جو اڇو چٺو ميڊيا آڏو پيش ڪري ها، ۽ اسان بابر سنديلي رميز سهاگ جي قتل جو ذميوار يونيورسٽي انتظاميا کي سمجهون ٿا، تعليمي ادارن ۾ رٽائرڊ بيورو ڪريٽس کي مقرر ڪري هٿرادو ماحول خراب ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آل پارٽيز ڪانفرنس هڪ ڍونگ هو ۽ اسان ان کي مڪمل رد ڪيون ٿا ۽ جساف (جسمم) سدائين تعليم دوست پاليسي تي عمل ڪيو آهي، جنهن ڪري ڪانفرنس ۾ نظر انداز ڪيو ويو، هوڏانهن هڱورجا ۾ جيئي سنڌ متحده محاذ جي ڪارڪنن پاران ذوالفقار ڄراح ، نثار سيال، رحمت الله ملاح جي اڳواڻي ۾ مظفر ڀٽو، آغا ياسر جي آزادي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو۔

    ”وي سي هٽايو-يونيورسٽي بچايو“: اي پي سي دوران شاگردن جي بک هڙتال

    حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي جي آل پارٽيز ڪانفرنس دوران سنڌ يونيورسٽي اسٽوڊنٽس ايجوڪيشن فورم پاران انتظاميا خلاف هوٽل آڏو بک هڙتال ڪئي وئي، بک هڙتالي شاگرد وي سي کي هٽائڻ ۽ اداري مان هٿيار ڪلچر ختم ڪرڻ لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا، ان موقعي تي فورم جي سارنگ جويو، معشوق قمبراڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي انتظاميا جي نااهلي سبب علمي اداري ۾ هٿيار عام ٿي ويا آهن، جنهن سبب شاگرد پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪري تدريسي عمل بهتر ڪيو وڃي ۽ موجوده وي سي کي هٽايو وڃي.
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ تي اتفاق

    موجوده وي سي کي هٽائڻ جو طاهر سنڌي پڻ مطالبو ڪري ٿو، هن ڪرپشن جي انتها ڪري ڇڏي آهي، فيسن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو اٿس، هن کي ڪجهه به نه ٿو گهرجي رڳو مال ٿو گهرجي مال، ايم فل ايڊميشن فيس 11 هزار مان وڌائي 44000 ڪري ڇڏي اٿس، رڳو پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ، ڪهڙو غريب شاگرد هڪ سال جي ايم فل لاءِ 44000 ڀري سگهندو؟؟؟؟؟؟؟؟؟؟
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ يونيورسٽي کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ،ڪلاسن جو بائيڪاٽ،جهيڙا ختم ڪرڻ تي اتفاق

    الله ڪري ادا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو