سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل چيتي ۽ لومڙ جو ذڪر!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    Trial of the century
    سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل چيتي۽ لومڙ جو ذڪر!

    اشفاق لغاري

    فيصل مسجد جي احاطي ۾ دفن ٿيل ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر کي نامور ليکڪ طارق علي ”لومڙ“ ۽ لاڙڪاڻي جي راڻي ذوالفقار علي ڀٽي کي پنهنجي جنهن ڪتاب ۾ ”چيتي“ جو نالو ڏنو آهي، ان The leopard & the Fox جو ذڪر اڄڪلهه پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ به هلي رهيو آهي. صدر آصف علي زرداريءَ پاران ڀٽو ڪيس ٻيهر کولڻ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ کي موڪليل صدارتي ريفرنس جي ٻڌڻيءَ دوارن، صدارتي ريفرنس جي وڪيل کي خميس واري ڏينهن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ پاڻمرادي جلاوطن پاڪستاني ليکڪ طارق علي جي شهيد ڀٽي ۽ ضياءَ تي بي بي سي لاءِ لکيل ڊرامي (جيڪو طارق علي پاران سيلف سيسنر شپ شرط جو نه مڃڻ سبب بي بي سي تان نه هلي سگهيو) کي چڱي نموني پڙهي اچڻ جي صلاح ڏني آهي.

    هونئن ته تاريخي حقيقتن کي ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪري لکيل هي سڄو ڪتاب ئي پڙهڻ جهڙو آهي، پر خاص ڪري جيڪو ڪتاب جو 171 هين صفحي کان شروع ٿيندڙ ضميمو آهي، اهو اڄوڪن ڏينهن ۾ نه رڳو پيپلز پارٽيءَ جي هر اڳواڻ ۽ ڪارڪن کي پڙهڻ ۽ اڻ پڙهيل هجڻ جي صورت ۾ ڪنهن کان ٻڌڻ گهرجي، پر جيڪو ماڻهو شهيد ڀٽي جي ڪيس کي سمجهڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو، ان کي به مذڪوره ضميمو ضرور نظر مان ڪڍڻ گهرجي. طارق علي پنهنجي هن ڪتاب ۾ اهو پڻ ڄاڻايو آهي ته، مولوي مشتاق نه رڳو ضياءَ جو ننڍپڻ جو يار هو، پر ڀٽي صاحب جي ڪيس وارن ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هجڻ باوجود هو ڪيئن پنهنجي هم خيال ججن سان گڏ رات جو جنرل ضياءَ جي دارون وارين محفلن ۾ کليل بوتل ۽ گلاسن تي ضياءَ کي اهو پختو يقين ڏياريندو هو ته: هڪڙو ئي ماڻهو ۽ هڪڙو ئي ڪفن آهي، تون پرواهه نه ڪر جنرل! مولوي مشتاق توسان گڏ آهي ... ۽ پوءِ آڌي رات جو ان وقت جو چيف جسٽس ڪيئن ان لومڙ جهڙي چالاڪ جنرل سان وڏا تاڙا ملائي اهو طئه ڪري اٿندو هو ته، صبح جو ڪورٽ جي ڪٽهڙي ۾ ڪيئن آئون بطور چيف جسٽس ڀٽي صاحب جي تذليل ڪندس. رڳو اهو ئي نه، پر طارق علي ته اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڀٽي صاحب کي قتل پهرين ڪري ڦاسي پوءِ چاڙهيو ويو هو. طارق علي جي شاعراڻي نثر واري ان ڪتاب کي رڳو بابر اعواڻ ئي ڇو پڙهي، پر قانون جي خشڪ ٻوليءَ جي ڪتابن ۾ جيئندڙ مانوارا جج صاحبان ۽ وڪيل برادري به ضرور پڙهي ته، مولوي مشتاق ڪيئن نه ڀٽي صاحب جي عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان اڳ ئي هر روز ضياءُ الحق کان رات جو ڊڪٽيشن وٺي، کيس اها پڪ ڏياري ايندو هو ته، بلڪل آقا ائين ئي ٿيندو، جيئن توهان چئو ۽ چاهيو ٿيا. “لومڙ ۽ چيتي” جي عنوان واري هن ڪتاب ۾ جتي ڀٽي صاحب جي زندگيءَ جي پويان پئجي ويل جنرل ضياءَ جي ڪاري دور جا ٻيا ڪئين اولڙا پسي ۽ محسوس ڪري سگهجن ٿا، اتي ڀٽي صاحب جي پرڪشش شخصيت متعلق طارق علي جي مدد سان اها خبر به پوي ٿي ته، ڀٽي صاحب جي سحر انگيز شخصيت جي هاڪ رڳو ڪکائين جهوپڙين ۾ رهندڙ مٽيءَ هاڻن ماڻهن وٽ ئي نه هئي پر، ان جي حسن جو ذڪر جنرل ضياءَ ۽ فيلڊ مارشل ايوب جي گهر جي چوديواريءَ اندر به هلڪي آواز ۾ وقت بوقت پيو هلندو هو، ايتري تائين جو ڀٽي صاحب جي اکين جي پيچ لڙي وڃڻ تائين جي ڳالهين جون ڳنڍيون به هن ڪتاب ۾ کلن ٿيون.

    ڀٽو صاحب جي ڪيس جي ٻيهر عدالت ۾ پڄڻ سان لڙڪ رڳو حفيظ پيرزادي جا ئي ناهن وهيا، پر ڀٽي صاحب جي، ملڪ جي چئني ڪنڊن ۾ وسندڙ شيدائين جون اکيون اڄ به ان دور جي عدالتي بيرحميءَ تي آليون آهن. ڀٽوز جو غم هاڻي هن ملڪ جي ماڻهن جي هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين نسل در نسل منتقل ٿيندو پيو اچي. شهيد ڀٽي جي ايران ڄائي ”نصرتم“ (نصرت ڀٽو) کان هن جو حافظو کسجي ويو آهي، نه ته جي اها اڄ سپريم ڪورٽ اڳيان دانهين ٿئي ها ۽ معزز ججن کي ٻڌائي ها ته، ڀٽو صاحب ڪيڏي نه بيوسيءَ مان عدالت ۾ سرائيڪيءَ جي هيءَ سٽ پڙهي هئي؛

    دردان دي ماري دلڙي عليل اي .....


    شايد پاڪستان جي سياسي تاريخ جو هي واحد اهڙو ڪيس آهي، جنهن ۾ قانون جي ڪتابن جي حوالن کان وڌيڪ فڪشن جي ڪتابن جا حوالا گهريا ۽ ڏنا ويندا رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته درد جي زبان صرف فڪشن ۾ ئي آهي، قانون جي ٺوس ڪتابن ۾ نه، تڏهن ئي ته شهيد ڀٽي، هڪ وڪيل هجڻ باوجود قانون جي ڪنهن ڪتاب جي شق پڙهي ٻڌائڻ بدران پنهنجي دل جو اظهار وقت جي جابر جج اڳيان شاعريءَ وسيلي ڪيو هو. پيپلز پارٽي ذوالفقار علي ڀٽي جي ريفرنس ڪيس کي ”صديءَ جي ٽرائل” جو نالو ڏنو آهي، ڏسجي ته صدي جي هن ترائل جو فيصلو ڇا ٿو اچي!

    روزانه ڪاوش تان ورتل
     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل چيتي ۽ لومڙ جو ذڪر!

    ادا بهترين ونڊ آهي ۔
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل چيتي ۽ لومڙ جو ذڪر!

    جيتوڻيڪ ڀٽي صاحب جو ڪيس داخل ڪري ” چڱو ڪيو ويو آهي يا نه، يا وري هاڻ اهو ڪيس کلرائڻ جو مقصد ڀٽي کي انصاف ڏيارڻ آهي يا نه“ ان بحث جي برعڪس، اسين پاڻ ڀٽي جي دور جا جيئرا جاڳندا ماڻهون اڃان ويٺا آهيون ۔۔۔ اسين شاهد به آهيون ته مشاهد به، شهيد به آهيون ته ناظر به آهيون ۔۔۔

    ڀٽي صاحب جي سحر انگيزي شخصيت هئي ۔۔۔ ان ۾ ڪو شڪ ناهي
    ڀٽو صاحب سياست جي علم جو ماهر هو ۔۔۔ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي
    ڀٽو صاحب سنڌيءَ جي حيثيت سان ماريو ويو ۔۔۔ اها به پڪ آهي

    پر ڀٽو صاحب سنڌ لاءِ يا سنڌ ڀٽي صاحب لاءِ ؟ اهي ڪجهه اهم سوال آهن ۔۔۔ انهن جا جواب ڳولهجن ته ممڪن بهتر ٿيندو ته جيئن هاڻ مستقبل طرف وڌائجي ڳالهه کي ۔۔۔ بيشڪ ڀٽو صاحب هن وقت سنڌ جو رومانوي داستان آهي پر سنڌ کي هاڻ رومانوي داستان کان علاوه گهڻي جي ضرورت آهي ۔۔۔

    ڏسجي ته سنڌي ،سنڌ ۾ صرف شهيدن جو قبرون ئي وڌائيندا يا ان مان ڪو سبق به سکندا ۔۔۔ انتظار آهي سنڌ جي بدليل سوچ جو ۔۔۔ سحر مان نڪرڻ جو ۔۔۔ ڇاڪاڻ اهو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني ۔۔۔ ڀٽي صاحب جي شهادت جو سحر اسانکي پي پي پي سان ڳنڍي ٿو ۽ پي پي پي اسانکي وفاق ۽ سنڌ دشمنن وٽ وڪڻي ٿي ۔۔۔ انڪري ان سحر مان نڪرڻ ضروي آهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو