آءُ پاڻ سان واعدو ڪريانٿو ته؛ منهنجي دل جي سڪون کي ڪو به لوڏي نه سگهندو ... آءُ جنهن سان به ملندس، صحتمند ڳالهيون، خوشين جون ڳالهيون ۽ عظمت جون ڳالهيون ڪندس ... آءُ پنهنجن سڀني دوستن کي اهو محسوس ڪرائيندس ته هنن ۾ خاص خوبيون آهن ۽ هو پاڻ ڪيترا خاص آهن .... هر ڳالهه جي روشن پهلوئن تي نظر ڪبي، ۽ پنهنجن اميدن کي حقيقت تائين پهچائبو ... صرف سٺائيءَ لاءِ سوچبو، سٺائيءَ لاءِ ڪم ڪبو ۽ سٺائيءَ جي اميد ڪبي... ٻين جي ڪاميابين تي پڻ ايترو ئي خوش ٿبو جيترو پنهنجين حاصلات تي خوش ٿيندو آهيان ... ماضيءَ جي غلطين کي وساربو ۽ مستقبل جي حاصلات لاءِ جدوجهد ڪبي ... پنهنجي منهن تان مڪروهه سونڊ جا ڪڪر ختم ڪري مسڪراهٽ قائم ڪبي ۽ دنيا جي هر ماڻهونءَ سان مسڪراهٽن جو ميلو ڪبو .... پنهنجي شخصي، اخلاقي، ديني ۽ مالي واڌاري لاءِ گهڻي کان گهڻو وقت صرف ڪبو بجاءِ ٻين جي براين تي نظر وجهڻ جي يا ٻين جي براين کي پاڻ تي مصلط ڪرڻ جي ... افسوس کان مٿاهون، ڪاوڙ کان عظيم، خوف کان سگهارو، ۽ خوشين سان ايترو ٽمٽار جو موجود ڏک خوشيءَ جي ڪڪرن هيٺان ائين گم ٿين جيئن آسمان جي نيراڻ بادلن جي هيٺان گم ٿي ويندي آهي
جواب: پاڻ سان واعدو ادا نثار تمام ڀليون ڳالهيون جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي دوستن کي گذارش ته هنن ڳالهين تي عمل به ڪن
جواب: پاڻ سان واعدو لاجواب ونڊ آهي سائين مان پڻ پاڻ سان اهو واعدو ڪريان ٿو ته انهن ڳالهين تي عمل ڪندس بهترين شيئرنگ اهي سائين سدائين گڏ