عربيءَ مان ٽرانسليٽ ڪري اوهان سنڌ سلامت جي سنڌي سڄڻن سان ونڊ ڪندڙ: طاهر سنڌي دوستو! السلام عليڪم مثال طور اوهان جي موبائل بند ٿي وئي يا موجود نه آهي، پر اوهان وٽ پنهنجي ڀاءُ يا دوست جي موبائل آهي، ڳالهائڻو به ضرور آهي پر چاهيو ٿا ته موبائل جي هسٽري ۾ اوهان جو نمبر نه اچي ته ڇا ڪندا؟ 1. مينيو ۾ وڃو. 2. سيٽنگ ۾ وڃو. 3. ٽائيم ۽ ڊيٽ سيٽنگ ۾ وڃو. 4. جيڪا ڊيٽ هجي ان کي هڪ سال پوئتي ڪري ڇڏيو، مثال اڄ ڊيٽ 18/04/2011 آهي ته اوهان ڊيٽ 18/04/2010 ڪري ڇڏيو. 5. هاڻ اوهان جيترو چاهيو ڪالز ۽ ميسيجز ڪريو. 6. آخر ۾ ڊيٽ ساڳي 18/04/2011 سيٽ ڪري ڇڏيو. 7. اوهان جي ڪا به هسٽري موبائل ۾ نه رهندي. آخر ڇو؟؟؟؟ ڇو ته ان کي هڪ سال گذري چڪو آهي. ڪيئن لڳي هيءَ شيئرنگ ۽ هي ننڍڙي ٽپس. دعائن ۾ ياد ابو عبد الله طاهر سنڌي
جواب: موبائل جي ساري هسٽري ختم ڪرڻ بغير صرف هڪ نمبر جي هسٽري ختم ڪرڻ....!! واه سائين واه تمام بهترين ٽپ آهي اها ٽپ ڪافي دوستن جي ڪم اچي ويندي مهرباني سدائين گڏ
جواب: موبائل جي ساري هسٽري ختم ڪرڻ بغير صرف هڪ نمبر جي هسٽري ختم ڪرڻ....!! ادا طاهر واه جو ڪم ڪيو اٿئي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مطلب ته اسان جي بئلنس جو هاڻي خير ناهي ۔۔۔۔۔۔۔۔ دعا ٿو ڪيان ته مرتضى هي ٿريڊ نه پڙهي تمام بهترين ٽپ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله پاڪ اوهان کي خوش رکي
جواب: موبائل جي ساري هسٽري ختم ڪرڻ بغير صرف هڪ نمبر جي هسٽري ختم ڪرڻ....!! مهرباني ادا عبد الوحيد مون به ان ڪري هي ڳالهه ونڊي جو ڪنهن کي ڪم اچي، پر منهنجي شڪ يقين ۾ هاڻ بدلجي ويو ته واقعي ادا مرتضي وساڻ لاءِ هي ٽپ وڏي ڪم جو آهي ۽ ادي سليمان جي بيلنس جو هاڻ خير ناهي۔
جواب: موبائل جي ساري هسٽري ختم ڪرڻ بغير صرف هڪ نمبر جي هسٽري ختم ڪرڻ....!! هههههههههههههههههههه شڪر آهي ته هي ٽپ ڪنهن ته دوست کي ڪم اچي وئي۔
جواب: موبائل جي ساري هسٽري ختم ڪرڻ بغير صرف هڪ نمبر جي هسٽري ختم ڪرڻ....!! هههههههههههههههههههه شڪر آهي ته هي ٽپ ڪنهن ته دوست کي ڪم اچي وئي۔