• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خلوت ۾ خاص جلوت ۾ جام

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
خلوت ۾ خاص جلوت ۾ جام

دل کي گناهن جي ٿي وئي عادت آهي
هي ظاهر ۾ ڪندو وڏي عبادت آهي

جاتي ڪاٿي ڪا ميسر آئي جي لذت
ان نقطي سان وڌي ويندي رغبت آهي

عجيب ڪيفيت کان گذري ٿو پيو سُرور
خلوت ۾ خُلُوص ته جلوت ۾ نفرت آهي

طويل قيام آهن ۽ طويل آهن هي سجده
عارفن وٽ نفس پرستي ۾ نماز شهوت آهي

خدا ڪري تن و من جي لهءِ هڪ ٿي وڃي
ڏاڏل منهن تي مسڪراهٽ دل ۾ عداوت آهي
 
جواب: خلوت ۾ خاص جلوت ۾ جام

دل کي گناهن جي ٿي وئي عادت آهي
هي ظاهر ۾ ڪندو وڏي عبادت آهي

ادا ڏاڏل اوهان جا لک ٿورا، اوهان اڄ منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي آهي

هي بندو گهڻي ڪوشش ڪندو آهي ته جيڪو ڪم ڪيان ٿو سو ٻين جي اڳيان ظاهر نه ٿئي پر ۔۔۔۔ پر ڏيکاء جي لالچ ۾ اچي ماڻهو پاڻ کي تونگر ٿو سمجهي ۽ ڇا ڇا نه ٿو ڪري ويهي۔

دعا ڪيو ته چڱائي جا ڪم ڪرڻ وقت ان جو ڏيکاء نه ڪيون ۔۔۔۔۔۔ الله پاڪ اوهان کي خوش رکي
 
سائين اوهان جي مهرباني جو اوهان تصديق ڪئي ۔
وسلام
 
جواب: خلوت ۾ خاص جلوت ۾ جام

ادا جس اوهان کي هڪ منافق جي اهڙي نموني سان وضاحت
لائق تحسين آهي
ادا هڪ ڀيرو ٻيهر اوهان کي جس هجي
 
Back
Top