• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
208473_1999541386402_1179567033_32516284_3711758_n.jpg


ماڻهو سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهوء منجهه اچي بوء بهار جي

سنڌ سلامت جي سموري ساٿ پاران سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر سائين نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌايون۔

سائين نثار ابڙو جو هر ليک ، هر تحرير، سون جي ورقن ۾ سجائڻ جهڙو هوندو آهي. سندس ڏاهپ مان اسان جهڙن جاهلن ۽ ادب کان اڻ واقفن گهڻو ڪجه سکيو آهي. سندس لفظن جي گهرائي ضمير کي جنجهوڙڻ لاء ڪافي هوندي آهي۔ سندس رايا ۽ سندس ڪيل ڪمينٽس ۽ موضوع نوجوان ۽ نون دوستن لاء حوصلو، ڄاڻ ۽ نصيحت هوندا آهن۔ ڪچهريء جو مور ، ڏاهپ جو سمنڊ ۽ دانائيء جو محور سائين نثار اسان لاء هميشه رهنما رهيو آهي۔ سندس دوستيء تي مونکي ناز ٿيندو آهي ته نثار اسان جو دوست آهي۔نثار کي سنڌ سان عبادت جي حد تائين عشق آهي جيڪو سندس هر ليک ۽ هر آهه مان واضح هوندو آهي۔ سائين نثار ابڙي جون 5000 تحريرون اسان لاء 5000 ڪتابن جي برابر آهن۔

مونکي خوشي اها به آهي جو مون جهڙي ماڻهوء کي سائين سنڌ سلامت تي آڻي هيڏا محبتي دوست ملايا آهن جن پيار، پنهنجائپ ۽ خلوص ڏنو آهي جيڪو هن دور ۾ ڳوليو ڪونه ٿو لڀي۔ مان سندن اهو ٿورو زندگيء ڀر لاهي ته ڪونه سگهندس پر ڳائيندس ضرور۔

سنڌ سلامت جي سموري ٽيم کيس اهڙي سونهري پورهئي تي سلام پيش ٿي ڪري ۽ دعا ٿي ڪري ته پاڻ هميشه خوش رهن ۽ مسڪرائيندا رهن۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

ادا اسلام عليڪم
ادا سائين نثار ابڙو صاحب کي اسان جي طرفان به لک لک واڌايون
ادا نثار جي هر تحرير نصيحت ڀري هوندي آهي ۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

هڪ اهڙي پر اثر شخصيت جنهن کي سامهون ويهي ٻڌجي يا سندس لکيل ليک پڙهجي ۔۔۔ وقت جهڙوڪ هڪ جاءِ تي بيهي رهندو هجي۔۔۔
سندس ڳالهائڻ ۾ مٺاس ته آهي ئي پر جڏهن لکندو آهي ته ڄڻ اهو سمورو ليک لکيو ئي پڙهندڙ لاءِ اٿائين۔۔۔ پڙهندڙ سندس ليک کي پنهنجي وارتا پيو سمجهندو آهي۔۔۔ سچي به ڪڏهن ڪڏهن مان ڪنهن موضوع تي لفظ پيو ڳوليندو آهيان ۽ سائين نثار اها اڳ ئي ڪري ڇڏيندا آهن۔۔۔
سندن ڪچهري ۾ سنڌي ٻولي جي عام ۽ سادن جملن کي ايترو خوبصورتي سان استعمال ڪندا آهن جو اهي لفظ ياد ڪرڻ تي دل گهرندي آهي۔۔۔
سندس ليکن تي هڪ دفعو وري نظر وجهي جيڪڏهن گڏڪجي ته سندس شخصيت قابل، محترم ۽ اعلى طور واضح ٿي ويندي۔۔۔
سندس هر ليک ۾ سبق ملندو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت تي لکندڙ ساٿي کي جڏهن سائين نثار طرفان جواب ملندو آهي ته ان رڪن جهڙوڪ پنهنجي محنت جو ڦل ملي پوندو آهي۔۔
سنڌ سلامت سان سندن محبت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي جو پاڻ انتهائي مشڪل ڊيوٽي دوران به سنڌ سلامت کي دل سان لڳايو ويٺا هوندا آهن۔۔۔ جڏهن سنڌ سلامت کي وي بليٽن 4 تي آڻڻ لاءِ هڪ کان ٽن ڏينهن جو اطلاع نامون لکيو ته سندن کان جهڙوڪ ڇرڪ نڪري پيو صاف ٿي لڳو ته سمورو وقت سنڌ سلامت کي ارپيندڙ هي مهربان ساٿي اهي ٽي ڏينهن ڪاٽيندو ڪيئن۔۔۔ ۽ جيڪڏهن ڪو سچي پڇي ته اها سندن سنڌ سلامت ۽ ساٿين سان محبت ڏسي ئي مون سنڌ سلامت کي ٻيهر تڪڙو کولي ورتو۔۔۔ جو شايد سنڌ سلامت کان گهڻي دوري مان ته برداشت ڪري سگهندس پر سائين نثار کان ڪافي مشڪل هوندي۔۔۔
سنڌ سلامت جي ساٿين سان محبت ايتري جو ڪنهن کي ڪجهه ڏينهن نه ڏسن ته انهن لاءِ فورم تي ليک ئي ٺاهي ڇڏين۔۔۔ جي اهو مناسب نه لڳي ته ڪچهري ۾ ضرور ان ڳالهه کي سامهون آڻيندي ان رڪن جي طبيعت جو فڪر ڪن۔۔۔
سندن شخصيت ۽ سنڌ سلامت تي ڪيل سندن ڪم کي ڏسي برملا سنڌ سلامت سندن تي فخر ڪري ٿي۔۔۔ منهنجو به ڳاٽ اوچو ٿئي ٿو ته اهڙي مهرباني ۽ انتهائي قابل شخصيت منهنجي دوستن ۾ شامل آهي۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

ابا گهڻوئي پاڻ کي روڪيو ته ادي رشيد کي ڏنل واعدي تي پورو لهان۔۔۔ پر خيئر نڀائي ڪونه سگهيس۔۔۔ مون سوچيو هو ته اوطاق تي ڌماڪي سان ايندس ۽ اهو ڌماڪو سڀاڻي ڪندس۔۔۔ پر جيئن ئي ادي وڏي جي 5000 تحريرن جي خبر پيم ته رهيو ڪونه ويو۔۔۔ سوچيو ته ادي وڏي کي مان به واڌايون ڏيڻ هليو اچان۔۔۔۔

ادي وڏي جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔ پاڻ مون جيان پرديسي آهن پر سندن پنهنجي سنڌ لا حُب ۽ اوطاق جي سجاوٽ ڏانهن خاص توجه رهندي اٿن۔۔۔ اهو ته سڀ ٺهيو پر جڏهن به مونکي ڪنهن صلاح مشوري جي ضرورت پوندي آهي ته ادو وڏو ته سدائين فيسبوڪ تي ويٺو هوندو آهي۔۔۔ دير ئي نه ڪندو آهي مسئلي جو حل ٻڌائڻ ۾ ۔۔۔ شل ادي وڏي کي اسان جي ڄمار لڳي وڃي (جيئن ادو جلدي ٻڍو ٿي وڃين ۽ اسان جُوان ئي هجون۔۔۔۔ مذاق ۾) ۔۔۔ مالڪ شل مولائي جي ٻڌي ۽ ادي نثار کي هميشه اڳي کان اڳرو رکي۔۔۔۔

دعائن ۾ ياد۔۔۔۔

نوٽ۔۔۔ ياد رهي ته مون کي ادي رشيد ڪيبورڊ گفٽ ڏنو آهي۔۔۔ جنهن جو بِلُ مان سڀاڻي جادوگر سائين کي اي ميل ڪري ڇڏيندس۔۔۔ جنهن جي بدولت مان سهي ٽائيپنگ ڪري سگهيو آهيان۔۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سنڌ سلامت جا سهڻا ۽ سڄڻ دوستو:

ٿورائتو آهيان، پياري سليمان وساڻ جو ۽ ادي عبدالرشيد جو هنن منهنجي مان ۾ اتم خيالن جو اظهار ڪيو آهي، شايد آ پاڻ کي ان لائق نه به سمجهندو هجان پر جيئن ته چڱان ماڻهون هميشه ٻين کي پنهنجي نظر سان ڏسندا آهن، انڪري شايد دوستن مونکي پنهنجي نظر سان پرکيو آهي ۔۔۔

خئير آءُ جو ئي آهيان سو ئي آهيان ۔۔۔ گهڙو پچي ويو آهي پر تنهن هوندي به مون پنهنجي شخصيت ۾ هڪ اهڙو نرم ڪنو رکيو آهي جنهنکي دنيا جي وڌندڙ علم مطابق ۽ دوستن جي نظرين مطابق موڙي ۽ مروڙي سگهجي ۔۔۔ انسان جي سڄي عمر، مرڻ کان ڄمڻ تائين سکڻ جي عمر آهي انڪري ڪو به انسان مرڻ گهڙيءَ تائين مڪمل ٿي نه ٿو سگهي، انڪري آءُ به موجود علمن مان پنهنجي شخصيت کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان، شيطان سان مقابلي جون ڪوششون جاري آهن ۔۔۔

سهڻي دوست رنجيت جي خيالن مان آءُ واقف آهيان پر سندس مخاطب ٿيڻ جو انداز ۽ ڳالهائڻ جو انداز اهڙو ئي آهي جهڙي سندس دل، رنجيت پاڻ ڪيترو خوش آهي انجي ته پوري خبر ناهي پر هو دوستن کي هميشه کلائيندو ۽ خوش رکندو آهي ۔۔۔ سهڻي انسان جا سهڻا ڪم ۔۔۔ سندس مذاحي گفتگو ايتري ته پياري هوندو آهي جو ٻڌندڻ انسان جي منهن تي مرڪ رهندي آهي ۔۔۔

سنڌ سلامت اسان دوستن جي اهڙي اوطاق آهي، جيڪا سنڌ ۽ سنڌيت جي نعري تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ گذريل ٻن سالن کان ان کي ثابت به ڪيو آهي، انڪري ايئن چئجي ته سنڌ سلامت سنڌيت جي امين آهي ۽ انجي خدمت کي پنهنجو فرض سمجهي ٿي ۔۔۔

سنڌ سلامت جي انتظاميه جي دوستن بيشڪ پاڻ ملهايو آهي، سنڌ سلامت جي رڪنن به ساٿ ڏيڻ ۾ ڪا ڪثر نه ڇڏي آهي ۔۔۔۔ اميد ته ميلو متل رهندو، جيستائين حياتيءَ جا ڏينهن آهن ۔۔۔ آءُ سنڌ سلامت جي هر هڪ رڪن جو ٿورائتو آهيان ۽ انهن جي محبتن سبب دل کي سڪون ملندو آهي، انڪري ٿورائتو آهيان سنڌ سلامت جي هر هڪ رڪن جو ۔۔۔

رب العالمين سنڌ ۽ سنڌيت جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سنڌ سلامت جو ميلو مچائڻ ۾ ٽيڪنيڪل حساب سان سائين رشيد، علي علي، عامر ضياءَ ۽ ٻين دوستن جون ڪاوشون بيشڪ آهن پر پنهنجي پيارن لکڻين، موضوعن ۽ تحريرن سان جيڪو ڪم سائين نثار ابڙو ڪيو آهي اهو سوچ کان مٿانهون آهي، ڏاهپ جا ڏس ڏيڻ ته ڪوئي سندن کان سکي۔۔ اسان کي فخر آهي ته اسان به سندن ساٿ ۾ آهيون ۽ سنڌ سلامت تي ڪم ڪري رهيا آهيون۔۔ رنجيت جي ڳالهه وانگر ته الله کين اسان جي به عمر ڏئي۔۔۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سائين نثار ابڙو صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ادي رشيدوٽ ٿي هئي پاڻ ڳالهائڻ ۾ ئي ايترا ته سلڇڻا هيا جو مان پهريئن دفعي سان سندس شيدائي ٿي ويس۔
سنڌ سلامت سان سندن جو ساٿ هجڻ جي ڪري اسان پارا اڻڄاڻ به ڪافي ڪجهه پرائي ورتو آهي ء پرايون پيا۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سائين سندس صحت ٺيڪ ڪري جو هن جي لکڻين مان ايتري پهنجائپ نظر ايندي آهي جو ڄڻ ته ڪو صد ين جو سڃاپو هجي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
استاد بخاريء وانگر هر تحرير واضع، ء سولي سنڌيء ۾ هوندي جنهن کي هر ڪو آسانيء سان سمجهي سگهي ٿو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڄڻ ته استاد جا شعر۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سنڌ ء سنڌيت سان محبت جي ته انتها ڪونهي ۔۔۔۔۔۔


استاد ۾ بظاهر ٻي ڪابه خوبي نه آهي
هڪ سونهن جو پڄاري ٻيو سنڌ يار آهي

منهنجي طرفان به سنڌ سلامت جي هن مرد مومن کي کيس اهڙي سونهري پورهئي تي لک لک مبارکون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سائين حقيقت هي اهي ته جي اوهان لاءِ الفاظ گهٽائجن ته اهو بخل هوندو اوهان جي الفاظن جي دلبري اهڙي آهي اجا انسان جي دل تي اثر ڪري ٿي اهو به اهڙو ته جڏهن به پنهنجي ڪنهن ليک کي ڏسبو آهي ته پهريان دل چوند ي آهي ته سائين جن جا ريمارڪس ضرور هجن پوءِ اهي جي سهمت نه به هوندا ته اصلاحي ضرور هوندا سو سائين بلڪل سائين جن جي حقيقت پسندي قابلِ ستائش آهي الله سندن ڇانَوَ اسان جي مٿان هميشه قائم و دائم رکي آمين
وسلام
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سهڻا ڀاءُ اوهان کي لکين واڌايون هجن، مولا اوهان کي سلامت رکي، يقين ڪريو ته اوهان جي لکيڻين تي سنڌ کي ناز آهي، پنهنجي مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي سائين نبي بخش صاحب جن جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي اوهان ۾ سگهه ڏسان پيو۔
ڌڻي اوهان کي توفيق ڏي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سهڻا ڀاءُ اوهان کي لکين واڌايون هجن، مولا اوهان کي سلامت رکي، يقين ڪريو ته اوهان جي لکيڻين تي سنڌ کي ناز آهي، پنهنجي مصروفيتن مان ڪجهه وقت ڪڍي سائين نبي بخش بلوچ صاحب جن جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي اوهان ۾ سگهه ڏسان پيو۔
ڌڻي اوهان کي توفيق ڏي۔
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

محترم مانوارا سائين نثار ابڙو صاحب اوهان کي مون حقير پاران پڻ دل جي گهرائن سان 5000 تحريرون مبارڪ هجن ،
ڏڻي سائين کان دعا آهي ته الله تعالا اوهان جي صحت جي حفاظت فرما ، اوهان جي مصروفيتن باوجود فورم لا وقت ڪڍڻ ۽ دوستن جي رهنمائي ڪرڻ يقينن وڏي خدمت جو ڪم آهي الله تعالا اوهان جو خدمتون قبول فرما ۔ جئين ته اسان پاڻ هن ميدان جا سيکراٽ آهيون قدم به قدم اوهان جون تحريرون اسان لا مشعل راه بنجيون پون ٿيون جنهن تي اوهان لا دل سان دعائون نڪرنديون رهنديون آهن ۔
اسان کي اميد آهي ته اهو ساٿ قائم دائم رهندو ، انشاءالله
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

السلام عليڪم سائين نثار ابڙو صاحب

سائين توهان کي 5000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي فقير طرفان دل جي گهرائين سان مبارڪ باد هجي

سائين جون 5000 تحريرون نه پر 5000 هزار سمجهاڻيون آهن سائين جي لفظن ۾ اهو ته جادو آهي جو هر

ٻڌندڙ ائين ئي چاهيندو آهي ته سائين ڳالهيندو رهي ۽ آ۽ ٻڌندو رهان سائين جي هر لفظ ۾ هڪ نئي ڳالهه

سمايل هوند ي آهي مان جڏهن سائين جا ڪمينٽس پنهنجي ٿريڊ ۾ ڏسندو آهيان ته اصل دل باغ بهار

ٿئي ويندي آهي ۽ سمجهندو آهيان ته ڄڻ مون کي انعام مليو آهي سائين اسان جي ڇپر ڇانو آهي الله سائين

ابڙي صاحب کي وڏي حياتي ۽ صحت ڪاملا عطا فرمائي آمين

سدائين گڏ
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

سائين نثار صاحب کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي کوڙ ساريون واڌايون مون ناچيز طرفان
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

ادا سائين نثار ابڙو صاحب کي اسان جي طرفان به لک لک واڌايون
 
جواب: سنڌ سلامت جي سونهن ۽ لفظن جي جادوگر نثار ابڙو کي 5000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تي واڌاي

محترم مانوارا سائين نثار ابڙو صاحب اوهان کي مون حقير پاران پڻ دل جي گهرائن سان 5000 تحريرون مبارڪ هجن ،
ڏڻي سائين کان دعا آهي ته الله تعالا اوهان جي صحت جي حفاظت فرما ، اوهان جي مصروفيتن باوجود فورم لا وقت ڪڍڻ ۽ دوستن جي رهنمائي ڪرڻ يقينن وڏي خدمت جو ڪم آهي الله تعالا اوهان جو خدمتون قبول فرما ۔ جئين ته اسان پاڻ هن ميدان جا سيکراٽ آهيون قدم به قدم اوهان جون تحريرون اسان لا مشعل راه بنجيون پون ٿيون جنهن تي اوهان لا دل سان دعائون نڪرنديون رهنديون آهن ۔
اسان کي اميد آهي ته اهو ساٿ قائم دائم رهندو ، انشاءالله

محترم دوست! سڀ کان پهريان ته ڪجهه ڏينهن جي غيرحاضري کان پو اوهانکي ڏسي سڪون مليو ته سنگت ڪنهن ڪم سانگي هئي ۔۔۔ اوهان دوستن جا ٿورا جو مان ڏيو ٿا ۽ هر هر ڪري اتساهه پئدا ڪيو ٿا ۔۔۔ اسين سنڌي دوست هڪٻئي لا هن بيت جيئان آهيون ۔۔۔
مون ۾ آهين تون، تون ۾ آهيان مان،
جيئن بجلي آهي بادلن ۾ ۔۔۔
اسانجو ملڪ به هڪ ته ٻولي به هڪ ته، ماحول ۾ موجود هوا به هڪ ئي آهي ۔۔۔ انڪري اسانجا سور به ساڳيا ته اسانجا احساس به ساڳيا، انڪري اسين ئي هڪٻئي جي رهنمائي جا امين آهيون ۔۔۔ آ آهيان، ڇاڪاڻ جو اوهان آهيو ۔۔۔

ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
 
Back
Top