• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجو حق آ

محمدجوادعسڪري

سينيئر رڪن
دل چوي ٿي شعر لکان ڇو ته شعر لکڻ منهنجو حق آ
درد ڀري ڪهاڻي کي دوستن سان ونڊڻ منهنجو حق آ

تون ته ڏکائڻ واري عادت ورهين کان جاري آهي رکي
ته ظلم سهڻ جي عادت کي جاري رکڻ منهنجو حق آ

زخمن تي لوڻ وجهڻ پوء لوڻ وجهي وري ٽهڪ ڏيڻ
سور ٿيڻ تي رڙيون ڪرڻ ۽ دانهن ڪرڻ منهنجو حق آ

سلام ڪرڻ تي منهن موڙڻ عادت آهي تنهنجي پيارا
توکي ڏسي پوء جهڪي پوڻ ۽آداب چوڻ منهنجو حق آ

ڪيسيتائين هلندي تنهنجي ظلم ڪرڻ جي طبيعت سهڻا
سهندي سهندي ستم تنهنجا ٿڪي پوڻ منهنجو حق آ

اکيون انڌيون ٿيون جواد جون راه تنهنجي ڏي تڪندي ڍولا
مرڻ گهڙي تائين راه تڪڻ ۽ تڪندي مرڻ منهنجو حق آ
 
جواب: منهنجو حق آ

ادا جواد ۔۔۔ واه سائين پنهنجي حق کي واه جو سڃاتو اٿوَ ۔۔۔ تمام سهڻن آسان ۽ سادن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه چئي ويا آهيو ۽ اندر جا اڌما ٻاهر ڪڍيا اٿوَ ۔۔۔ اصل واه واه ۔۔

پر هڪ ڳالهه سمجهائيندا

هڪ طرف ته اوهان چئو ٿا ته؛

۽ وري ٻي طرف هي به چئو ٿا؛

هڪطرف ته مرڻ گهڙيءَ تائين راه تڪي مرڻ جي ڳالهه آهي ته ٻي پاسي ستم سهي ٿڪجي پوڻ جو حق جتايل آهي ۔۔۔ عاشقن جو ڪم ناهي ٿڪجڻ ۔۔۔ بيشڪ معشوق جو ڪم آهي ماڻا ڪرڻ يا ستم روا رکڻ پر اوهانجي چواڻي ته عاشق مرڻ گهڙيءَ تائين انتظار ڪندو آهي ۔۔۔ بلڪ لطيف سڳوري ته چيو آهي ته ”قيام ملن ته به ويجها ڀائنج سپرين“ پوءِ اهڙي عشق ۾ اوهان ٿڪجڻ واري حق تان هٿ کڻو ته سٺو ٿيندو ۔۔۔

باقي اوهانجا خيال لاجواب آهن، اڄ خبر پئي ته عسڪري عاشق ۽ شاعر به آهي ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔ لڪل رستم

ٿورا ناهن ٿورا
 
جواب: منهنجو حق آ

دل چوي ٿي شعر لکان ڇو ته شعر لکڻ منهنجو حق آ
درد ڀري ڪهاڻي کي دوستن سان ونڊڻ منهنجو حق آ

سائين بلڪل اوهان جو هق آهي ۽ ان حق تان هٿ ناهي کڻڻو بهترين خيال سائين ونڊڻ اوهان جو حق آ
جڙيا رهو شال جهان ۾ سڄڻ ۔
وسلام
 
جواب: منهنجو حق آ

ادا جواد ۔۔۔ واه سائين پنهنجي حق کي واه جو سڃاتو اٿوَ ۔۔۔ تمام سهڻن آسان ۽ سادن لفظن ۾ پنهنجي ڳالهه چئي ويا آهيو ۽ اندر جا اڌما ٻاهر ڪڍيا اٿوَ ۔۔۔ اصل واه واه ۔۔

پر هڪ ڳالهه سمجهائيندا

هڪ طرف ته اوهان چئو ٿا ته؛
اکيون انڌيون ٿيون جواد جون راه تنهنجي ڏي تڪندي ڍولا
مرڻ گهڙي تائين راه تڪڻ ۽ تڪندي مرڻ منهنجو حق آ
۽ وري ٻي طرف هي به چئو ٿا؛
ڪيسيتائين هلندي تنهنجي ظلم ڪرڻ جي طبيعت سهڻا
سهندي سهندي ستم تنهنجا ٿڪي پوڻ منهنجو حق آ

هڪطرف ته مرڻ گهڙيءَ تائين راه تڪي مرڻ جي ڳالهه آهي ته ٻي پاسي ستم سهي ٿڪجي پوڻ جو حق جتايل آهي ۔۔۔ عاشقن جو ڪم ناهي ٿڪجڻ ۔۔۔ بيشڪ معشوق جو ڪم آهي ماڻا ڪرڻ يا ستم روا رکڻ پر اوهانجي چواڻي ته عاشق مرڻ گهڙيءَ تائين انتظار ڪندو آهي ۔۔۔ بلڪ لطيف سڳوري ته چيو آهي ته ”قيام ملن ته به ويجها ڀائنج سپرين“ پوءِ اهڙي عشق ۾ اوهان ٿڪجڻ واري حق تان هٿ کڻو ته سٺو ٿيندو ۔۔۔

باقي اوهانجا خيال لاجواب آهن، اڄ خبر پئي ته عسڪري عاشق ۽ شاعر به آهي ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔ لڪل رستم

ٿورا ناهن ٿورا

ادا نثار صاحب اها ٿڪجڻ واري ڳالهه جو انتظار سان ڪو
تعلق ناهي باقي ظلم تي ٿڪجي پوڻ به هڪ حق آهي
وري به شايد عشق ۾ مونکي اوهان اهو مهڻو نه ڏيو ها ته بهتر
هيو ادا ڪٿي لطيف سرڪار جو عشق ۽ ڪٿي اسان جو
اهي ته ان عشق جا پانڌيئڙا هئا جنهنجو اسان تصور به نه ڪيو آهي

۽ ها ادا ڇو اوهان مونکي هن عجيب نموني سان مخاطب ڪيو
ته اوهان لڪل رستم نڪتو؟
 
جواب: منهنجو حق آ

لک قرب ادا جواد

خوشي جي ڳالهه آهي جو اوهان پنهنجي شاعري ونڊ ڪئي

مان سينير دوستن ۽ شاعرن کي عرض ڪندس ته نوجوان شاعرن جي رهنمائي ۽ حوصلا افزائي ڪن

ڇو ته اسان ته شاعري جي الف ب کان به واقف ناهيون
 
ادا سليمان اوهان پاڻ کي نه لڪايو اوهان جي شعرن جي سيٽنگ هڪ دفعو مون ڏٺي هئي انتهائي مدبرانه هئي ادا
اوهان جي رهنمائي جو منتظر آهيان
ان کان پوء عرض ته شاعري جڏهن هڪ جنون واري ڪيفيت انسان ۾ ايجاد ٿيندي آهي ته ان وقت لکي
سگهبي آهي پوء اها ڪيفيت ڪن ۾ گهڻي ته ڪن ۾ ٿوري آهي البته اهو منهنجو نظريو آهي
 
Back
Top