• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حُبِ دنيا امتحان

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن

حُبِ دنيا امتحان

جتي دنيا جي حوس جو خيال آهي
اتي يقين ڄاڻو عزت بچڻ محال آهي

برائي ۽ بي حيائي جا عام آهي
ان جي پٺيان خواهشن جو جال آهي

ندامت ناهي جنهن کي غلطي تي
ان جي انسانيت کي زوال آهي

ربنا ظلمنا انفسنا جو ڪري اقرار
اهو ئي انسانيت جو ڪمال آهي

مان هن کان بهتر جو مناظرو شيطاني
اها شرڪ جي هڪڙي مثال آهي

زر، زمين زن پاڙ آهي هر فساد جي
انهن جي ناءَ تي هرطرف قتال آهي

جنهن ۾ آدميت آهي اي ڏاڏل
ان جو الله سان رابطو بحال آهي​
 
جواب: حُبِ دنيا امتحان


حُبِ دنيا امتحان

جتي دنيا جي حوس جو خيال آهي
اتي يقين ڄاڻو عزت بچڻ محال آهي

برائي ۽ بي حيائي جا عام آهي
ان جي پٺيان خواهشن جو جال آهي

ندامت ناهي جنهن کي غلطي تي
ان جي انسانيت کي زوال آهي

ربنا ظلمنا انفسنا جو ڪري اقرار
اهو ئي انسانيت جو ڪمال آهي

مان هن کان بهتر جو مناظرو شيطاني
اها شرڪ جي هڪڙي مثال آهي

زر، زمين زن پاڙ آهي هر فساد جي
انهن جي ناءَ تي هرطرف قتال آهي

جنهن ۾ آدميت آهي اي ڏاڏل
ان جو الله سان رابطو بحال آهي​

ادا ڏاڏل سهڻا اوهان جي خيالات ۾ انقلابي سوچ
۽فڪر جي هجڻ ۾ شڪ ئي نه آهي ادا ڏاڏل اوهان جي شاعري سان مان يقينا
پنهنجي ڊائري کي سونهن بخشيندو آهيان
ادا اوهان کي جس هجي
ادا اوهان کي الله پاڪ هن راه ۾ اڃا وڌيڪ فڪر ونڊڻ جي توفيق
ڏيندو
شايد منهنجا لفظ اوهان جي خيالن جي تعريف کان قاصر هجن
جزاڪ الله جزاڪ الله
 
جواب: حُبِ دنيا امتحان

سائين اوهان دوستن جا ٿورا جو اسان جي ٽتل الفاظن کي پسند ڪيو ۔
وسلام
 
Back
Top