• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون
وَڌَائي ٻارُڻ وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

انا عُجَب ، رياڪري ۽فرقه بندي جي نفرتن سان ڀري دليون
دل ۾ دغا رکي دلين کي ملائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

اڄ وري ڳنڍڙين م ٻَڌَلَ ڏٺا سون لاشن جا انبار لڳل ها
هٿن پيرن ۾ ٻڌل نشانين مان سڃاڻڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

تنهنجي ڪاميابي تي سجدو ڪيو هوندو تنهنجي معلم
ماڻهون ماري جنت وڃڻ جون ڳالهيون ڪن ٿا ماڻهون

هي ڪم ڪرڻ کان پهريان پڇين ها پنهنجي ضمير کان
رسول صه اڳيان سرخرو ٿيئڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

هندو هندو سان عيسائي عيسائي سان ائين نه ٿو وڙهي
جيئن مسلمان هٿان مسلمان مارجڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

ڏاڏل هي ڪهڙي دين جي تبليغ ٿي رهي آهي اڄ هتي ؟
امن جي هن دين کان واپس وڃڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون
 
جواب: لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

بهترين ونڊ آهي سائين ۔

ادا گلال اوهان مٿان مونکي اعتراض آهي اهو ته اوهان کان شايد موٽ ڏيڻ لاءِ
ان لفظ کان سواء جنهن جو مون حوالو ڏنو گهٽ محسوس ڪيو وڃي ٿو ادا سائين اوهان کي وري به شابس
هجي جو شايد اوهان جو ساٿ اسان دوستن سان ان مختصر لفظ جي
ذريعي ئي سدائين برقرار آهي ڇوته ڪنهن کي ٿورن لفظن سان موٽ ڏيڻ ئي
مردانگي جي علامت آهي ان کان لک مرتبا بهتر جو انسان ڪنهن جي محنت جي موٽ ئي نه ڏئي
ادا وري به هٿ ٻڌي معافي جو منتظر
 
جواب: لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

ابا ڏاڏا سائين۔۔۔۔ هو ته توهان جي شاعري جي ڳالهه ئي نرالي آهي پر جڏهن مون

ڏاڏل هي ڪهڙي دين جي تبليغ ٿي رهي آهي اڄ هتي ؟
امن جي هن دين کان واپس وڃڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

وري سٽ پڙهي ته اصلي دل کي ڇُهي ويئي۔۔۔۔ لڳا پيا هججو۔۔۔
 
نه سائين جواد صاحب سائين گلال صاحب اسان جي هر ڳاله جي موٽ ضرور ڏسندا آهن اهو انهن جو احسان اهي اوهان سڀني سڄڻن جا احسان آهن حقيقت هي آهي ته اهو ڪلام ڪافي عرصي جو لکيو پيو جنهن کي سهيڙيندي سهيڙينديي آءُ پان ٿڪجي پيو هيس مون سوچيو ته هن ڪلام کي نيٽ تي محفوظ ٿو ڪري ڇڏيان يقين ڪيو مونکي هن جي ايتري موٽ جي اميد نه هئي وري ب ه توهان سبني سڄڻ جا ٿورا ۔وسلام

جواب: لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

ابا ڏاڏا سائين۔۔۔۔ هو ته توهان جي شاعري جي ڳالهه ئي نرالي آهي پر جڏهن مون

ڏاڏل هي ڪهڙي دين جي تبليغ ٿي رهي آهي اڄ هتي ؟
امن جي هن دين کان واپس وڃڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

وري سٽ پڙهي ته اصلي دل کي ڇُهي ويئي۔۔۔۔ لڳا پيا هججو۔۔۔
سائين رنجيت صاحب اوهان جا لک لائق حقيقت ڪنهن مذهب جي محتاج ناهي سائين اها هڪ حقيقت آهي جنهن کي هر عام وخاص ڏسي ٿو پيو اهو دين نه الله جي حبيب صه پهچايو نه الله موڪليو آهي هي اسانجي معاشري جون پنهنجيون تاويلون آهن ۔وسلام
 
جواب: لڳائي باه وري وسائڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

ڏاڏل هي ڪهڙي دين جي تبليغ ٿي رهي آهي اڄ هتي ؟
امن جي هن دين کان واپس وڃڻ جي ڳاله ڪن ٿا ماڻهون

ڏاڏل سائين قرب

اوهان دل جي ڳالهه ڪري ڇڏي آهي اها به اهڙن سهڻن لفظن سان

ڪٿي اسلام جو فلسفو، ڪٿي دنيا جو سڀ کان وڌيڪ امن وارو مذهب، ڪٿي دنيا جو سڀ کان سڌريل تهذيب پر وري ان جو غلط استعمال ، دل رت جا ڳوڙها روئندي آهي جڏهن ڪو مسلمان ڪنهن مسلمان سان ڌوڪو ڪندو آهي۔

دعا آهي ته رب پاڪ اسان سڀني کي سچائيء تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري ۔۔۔۔۔۔ آمين
 
سائين لک لائق مون ته سمجهيو هو ڪٿان صداءِ احتجاج بُلند ٿيندي پر اوهان تصديق ڪري اسان جي خيالن کي مظبوط ڪري ڇڏيو
 
Back
Top