سنڌ جي ڀلوڙ شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر مشتاق ڦل کي جنم ڏينهن تي واڌايون
ڊاڪٽر مشتاق حسين ڦل 20 اپريل 1966 ع ۾ ٽالپر وڏا تعلقه ڪوٽڏجي ضلع خيرپور ۾ جنم ورتو . پرائمري تعليم ۽ مئٽرڪ ٽالپر وڏا مان ئي حصل ڪئي. انٽر سپيريئر سائنس ڪاليج خيرپور مان پاس ڪيائون. ايم بي بي ايس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو مان 1991 ۾ پاس ڪيائون ۽ ڊاڪٽري جي پيشي سان لاڳاپجي ويا ۽ هن وقت به پاڻ ڪنمب ۾ فيض ميڊيڪل سينٽر هلائي رهيا آهن. 2007 ۾ شاه عبدللطيف يونيورسٽي مان سوشيالاجي ۾ ماسٽرس به ڪيائون.
سندن سڃاڻ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ ٿي آهي ان کانسواء مختلف اخبارن ۾ ڪالم به لکندا رهيا آهن. شاعري ۽ ڪالمن کانسوا پاڻ هڪ سفرنامو به لکي رهيا آهن جيڪو ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي. پاڻ سنڌي ادبي سنگت جا سيڪريٽري جنرل پڻ آهن. ڊاڪٽر مشتاق جا هيٺيان ڪتاب ڇپيا آهن :
هوءُ مان ۽ ڄامشورو - شاعري - 2000
دل ته چوي ٿي - شاعري - 2010
يورپ جا يارهن ڏينهن - سفرنامو - ڇپائي هيٺ
ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي ٻي سڃاڻپ سندن سماجي خدمتون آهن. پاڻ هن وقت سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ، سگا ڪنمب جا جنرل سيڪريٽري آهن ۽ هن کان اڳ ٻه دفعا سگا جا صدر به رهي چڪا آهن.ڊاڪٽر مشتاق هڪ بهترين ، ملنسار ، ايماندار ، محنتي ۽ انسان دوست ماڻهو آهي۔