ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
اطاعت ۾ اسلام
جن جانب ڏٺو جيءَ ۾ تن جانب ڏنو جي
پي پيالو پريت جو اٿي هليا هي
جن ڳاله سمجهي سي ويل نه ويٺا
پي پيالو پريت جو اٿي هليا هي
جن ڳاله سمجهي سي ويل نه ويٺا
جن جانب کي ڏٺو جي ۾ سي اڳي کان ٿيا اڳرا
لاهي من سندي ميران ڪياؤن اندر پنهنجا اُجرا
بيهي منجه بازار جي ڏناؤن حق جا هوڪرا
ڊڄن نه سي ظلم کان زرا، جن سر جو ساٿ ڇڏيو
لاهي من سندي ميران ڪياؤن اندر پنهنجا اُجرا
بيهي منجه بازار جي ڏناؤن حق جا هوڪرا
ڊڄن نه سي ظلم کان زرا، جن سر جو ساٿ ڇڏيو
سر ڪپائي سوڀ وٺي ٿيا نيزي تي نروار
محبوب جي ملاقات لاءِ ڪُڏي آيا ڪوهسار
محبت جي ميدان ۾ تکي تيز عشق جي تلوار
سر هجن ها جي هزار ته گهوريان ها گهوٽ تان
محبوب جي ملاقات لاءِ ڪُڏي آيا ڪوهسار
محبت جي ميدان ۾ تکي تيز عشق جي تلوار
سر هجن ها جي هزار ته گهوريان ها گهوٽ تان
جي بندي ۾ ناهي بندگي ته ڪوڙو ڪري ٿو ڪلام
پاڻ ڏسي پنهنجي پَرِ، اٿس ان ۾ آخرت جو انجام
قُل متاع قليل ڪونهي هن ڪميڻي جو دام
پيغامبرن پرين جواهڙو پڙهي ٻڌايوآهي پيغام
اطاعت ۾ آهي اسلام ، قرآن ۾ ڪئي بار آيو