ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
هتڙي ٿو سنڀري پيو سڀڪو پنهنجا سُک ئي سُکَ
ڪنهن نه رکيو اسان ڏانهن رڳو ڪو رُکو ئي رُک
ڏاڏل ٿي وئي چيله چٻي کڄي نه وک مٿان وِکَ
آيا جو ڏکن مٿان ڏُک ته ڏاهن کان ڏاهپ ڇڏائي وئي
ڏاڏل ڏاهن ڏاهپ ڇڏي وڌا ٻيائي کي ٻَکَ
هزار هٿن ۾هنن جي ته نظرن لک ئي لک
ليئو نه پيولوڪ کي غريب مري پيو بُکَ
اندر اهڙو چور ٻلو دَک ،جو آسرا اٿي ويا
آسرا اٿي ويا الله مان وئي دنيا وڪوڙي
دنيا جي دلبري ۾ گدا و شاه پيا ونجه ڇوڙي
ڪير ٿو هن جي قهر کان ڪَر کڻي ڊوڙِي
ڏاڏل جو هي پيچ پروڙي سو راز لهي ربي
ڏاڏل جو راز لهي ربي سو مرڻ کان اڳ مري
سوچ انهي سان منهنجو جي ءُ ٿو جهري
جتي عاشقن جو آتڻ سو موکان ماڳ پري
دلبر کان دل گهري سو ساڙي پنهنجي ساه کي
ڪنهن نه رکيو اسان ڏانهن رڳو ڪو رُکو ئي رُک
ڏاڏل ٿي وئي چيله چٻي کڄي نه وک مٿان وِکَ
آيا جو ڏکن مٿان ڏُک ته ڏاهن کان ڏاهپ ڇڏائي وئي
ڏاڏل ڏاهن ڏاهپ ڇڏي وڌا ٻيائي کي ٻَکَ
هزار هٿن ۾هنن جي ته نظرن لک ئي لک
ليئو نه پيولوڪ کي غريب مري پيو بُکَ
اندر اهڙو چور ٻلو دَک ،جو آسرا اٿي ويا
آسرا اٿي ويا الله مان وئي دنيا وڪوڙي
دنيا جي دلبري ۾ گدا و شاه پيا ونجه ڇوڙي
ڪير ٿو هن جي قهر کان ڪَر کڻي ڊوڙِي
ڏاڏل جو هي پيچ پروڙي سو راز لهي ربي
ڏاڏل جو راز لهي ربي سو مرڻ کان اڳ مري
سوچ انهي سان منهنجو جي ءُ ٿو جهري
جتي عاشقن جو آتڻ سو موکان ماڳ پري
دلبر کان دل گهري سو ساڙي پنهنجي ساه کي