• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اجايو نيهن

جاويد نواز

سينيئر رڪن

غزل

اجايو نيهن توسان لاتو مون
باهه تي پير ڄڻ ته پاتو مون

ڦري نوڙي مان نانگ تون ٿيندين
توکي اڳ ۾ نه هو سڃاتو مون

شمع تي جلڻو پوندو پتنگي جان
ڪون اڳ ۾ ته هي هو ڄاتو مون

کلي روئي يا ڪجهه ڀري آهون
نڀايو هر نموني ناتو مون

ڪرين ڇو ٿو حساب مون سان تون
ورهايو يار آهي ڇا تو مون

ڪيو مون پاڻ کي بيوس جاويد
عشق ليڪن ڪيو نه آتو مون

جاويد نواز
دعائن ۾ ياد​
 
جواب: اجايو نيهن

ادا نيهن غلط لڳو آهي ۽ جي سمجه اچي وئي آهي ته سمجهو اها به وڏي ڪوشش آهي
 
Back
Top