ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
جڏهن تنهنجي ڪرم جو نزول ٿيندو آهي
جڏهن تنهنجي ڪرم جو نزول ٿيندو آهي
تڏهن قلم منهنجو لکڻ ۾ مشغول ٿيندو آهي
الفاظن جي مثال به اهي انهن پٿرن جيان
اهو تسبيح ۾پوندو جيڪو قبول ٿيندو آهي
خاص عنايت پاتي اسن تنهنجي ععطا مان
هر شي ڏسڻ مان ظاهر فطرتي اصول ٿيندو آهي
آهي قلم به پريشان ته آهيان آءُ به پريشان
پريشاني مان نڪتل جملو قبول ٿيندو آهي
هر شي سان محبت رَوا رکڻ لازم آهي ڏاڏل
انا، عُجَب، رياڪاري ، سڀ فضول ٿيندو آهي