شهيد نذير عباسي جي قتل جو پڇاڻو به سپريم ڪورٽ مان ٿيڻ گھرجي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    شهيد نذير عباسي جي قتل جو پڇاڻو به سپريم ڪورٽ مان ٿيڻ گھرجي
    سجاد ظهير


    ملڪ جي سرڪار پاران سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ذوالفقار علي جي قتل ڪيس کي هڪ دفعو ٻيهر کولي ان سازش کي بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ هڪ پٿر اڇلايو ويو آهي .ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل پڇاڻو ته پي پي سرڪار کي پنهجي پهرين حڪومت ۾ ڪرڻ گهرجي ها پر سندس ايتري دير به دير آيد درست آيد واري چوڻي کان گهٽ نه آهي ڀٽي جو قتل تاريخ جو تمام وڏو قتل آهي ان ققتل جي پٺيان هڪ تما م وِ سازش جو بنياد آهي هت سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته صرف ڀٽي جي قتل جو پڇاڻو ڪرائي سپريم جو رتبو بحال ڪرايو وڃي يا ان سموري سازش جا پيرا ملڪ جي پورهيت عوام جو قرض لاٿو وڃي ان سازش کي بي نقاب تڏهن ڪري سگهبو جڏهن پيرا ڪنهن فرض شناس جج کان کڻايا وڃن جيڪڏهن ا ئين ڪبو ته قاتل جي خوني هٿن مان ڪامريڊ شهيد حسن ناصر ۽ ڪامريڊ شهيد نذير عباسي جو لهو ٽمندي نظر ايندو اهو خون هڪ ڳاڙهي انقلاب جي مهڪ کان گهٽ نظر نٿو اچي، جنهن تا هٿ کڻڻ ضمير جو سودو ڪرن برابر اسان سرخ انقلاب جي ساڀيان کي پرکڻ ۽ پوڄڻ وارا رت ۾ ريٽا لاّش ڪيئن وساري ويهون، اسان کا ن تاريخ جي بي رحمي برداشت ٿيڻ ناممڪن آهي .اهڙا لاش جن جي وجود کي گڏ ڪرڻ سڪتي کان خالي نه آهي، ته پوءِ انهن تي خاموشي جو ڪفن اوڙهي ڪيئن ويهون ؟ اسان سماجي سائنس جا دعويدار آهيون پر جن ان نظرئي کي بچائڻ جي لا ءِ پنهججي جان جوکي ۾ وڌي ان جي قتل جي جاچ جو مطالبو ڪرڻ به ڄڻ ڪجهه ڌرين لاءِ تڪليف در ضرور ٿي پوي ٿو آخر انهن جو ڏوهه ڪهڙو هيو .ڇا انهن پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ، ڇا انهن دانسته طورتي هن سماج جي تبديلي واري جدوجهد ۾ غلطيون ڪيون جنهن کي بنياد بڻائي آمريڪا کان آزادي جي ڳالهه ڪندڙ انهن ننڍڙين غلطين کي تاريخ جي وڏي ويساه گهاتي تسليم ڪن ٿا . ڇا سندن انهي لائح عمل تي آزادي جو خواب پورو ٿيندو .

    آزادي جي سندن وٽ جيڪا وصف آهي، ڇا اها ئي آزادي جي مڪمل وصف تسليم ڪجي سندن خيال جا معيار قومي تحريڪن جي بين ااقواميت تي پورو لهن ٿا .
    ڇاجن ماڻهون جا نظريا خود بي ترتيب ٿي ويا هجن، اهي سرخ انقلاب جي عظيم جدوجهد تي الزام لڳائڻ جي قابل آهن.
    سپريم ڪوررٽ آف پاڪستان مٿان نذير عباسي ۽ حسن ناصر جو قتل به هڪ ڪارو داڳ آهي پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪامريڊ شهيد نذيرعباسي ۽ شهيد حسن ناصر کان وڌيڪ ڪو آزادي پسند آهي ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو ۽ انهن جي آزادي سان ڪميٽمينٽ کي ڪير رد ڪندو ،درٻاري دليلن جو دور ختم ٿي چڪو آهي.

    جو ساز سدائين پيو وڄندو
    ۽گيت ازل جا ڳائيندو
    جي آءُ نه ته ان کي ٻيو راڳي
    جاڳي اڌ رات وڄائيندو (اياز)

    تنقيد مارڪسسزم جي بنياد آهي پر اجائي بوڇاڙ ۽ کاٻي ڌر جي سياست تي واويلا ڪرڻ سراسرڪنهن قوت کي خوش ڪرڻ کان گهٽ نه آهي ڪميونسٽ پارٽي تي تنقيد ڏوه نه آهي پر اجائي لفظن جي بازيگري سان ڪوبه دانشور پنهنجا بنياد مضبوط نٿو ڪري سگهي. نذير جي پارٽي انهن سمورن مورچن کي ڪافي بهتر ۽ مثبت انداز ۾ تبديلي لاءِ ڪم ڪيو .پاڪستان جي اندر جديد صحافت جو بنياد ۽حالتن جو تجزيو درست رخ ڪرڻ سائينسي فن به نذير جي پارٽي ڏنو . مگر اڄ هڪ دفعو وري ناڪام دانشورن کاٻي ڌر جي سياست تي لکڻ جي لاءِ دافوڙا هڻي رهيا آهن هي اهي ناڪام مهرا آهن جيڪي بي تڪو دليل ڏيندا رهيا آهن ته نذير عباسي ته قومي سوال تي چٽو هيو پر سندس پارٽي جو موقف واضع نه هيو.

    هتي هن وقت سمجهڻ جي ضرورت آهي ته نذير جو موقف اهو هوندو جيڪو سندس پارٽي جو هوندو .وري جڏهن سندن لٻاڙي دليل کي هٿي نه ملندي آهي ته هو هڪ ڳالهه نئين نسل کي پريشان ڪرڻ لا ڪندا آهن ته نذير عباسي کي سنڌي هجڻ جي ڪري اڙدو ڳالهائيندڙ ن ڪميونسٽن مارايو سندن اهو دليل صرف منافقت جي خيال کان سواءِڪا به اهميت نٿو رکي قوم پرستن جي هڪ ناڪام ٽولي پاران اهڙموقف سُن ٿي وڃي ٿو جڏهن سرخ انقلاب جي نئين نسل جا نوجوان ڪميونسٽ پارٽي کي پنهجو وجود سمجهي اهڙي جاهلاڻي موقف جو بي لاگ ۽ ٻڌل تي مبني جواب ڏئي ٿو .جڏهن ته ڪجهه قوم پرست اهو به سوال اٿارين ٿا ته صرف نذير عباسي جي قتل جو پڇاڻو ڇو؟ اسان انهن جي ان سوال کي رد نه ٿا ڪيون پر اسان ان جو جواب اهو ضرور ڏيون ٿا نذير عباسي جي قتل جو پڇاڻو ڇو نه؟.ان ويل اسان تي فرض عائد ٿئي ٿو اسان سندن سوالن جواب صرف هڪ جملي ۾ ڏيڻ بجاءِ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ترقي پسند تحريڪ تي لڳل سمورن الزامن جو جواب ڏيون ۽ خصوصي طور تي ڪميونسٽ تحريڪ تي لڳل سمورين پابندين ۽سختين جي تاريخ مون سميت هر نوجوان ،سياسي ورڪر کي دليلن جي بنيادن تي ٻڌايون.

    پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪميونسٽ پارٽي جي سياسي تاريخ جو تجزيو ئي اصل حقيقت ٻڌائي سگهي ٿو. هن سمورين وارداتن جو پسمنظر ڪهڙو آهي ان تي به تمام گهڻي لکڻ جي ضرورت آهي پر هن وقت نذير عباسي جي قتل لاءِ هڪ دفعو وري جمهوري ايوانن جو در کڙڪائڻ طرف وڃي رهيا آهيو ن ان لا اسان کي سموري تحريڪ جي تاريخي پسمنظر کي سمجهڻو ۽ عوام کي ٻڌائڻو پوندو .

    تاريخي پس منظر

    ماضي جي تاريخ ڏسبي ته ڄڻ ائين ڀاسجي ٿو ته پاڪستان کي ٺاهيو ئي ان لاءِ ويو هجي ته جيئن ڪميونسٽ تحريڪ ۽ان جي پانديئڙن کي ٻنجي ڏيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وڃي.هن رياست ۾ جاگيرداڻي سياسي قيادت ۽ ملن جي ملي ڀڳت سان پاڪستان کي سامراجي معاهدن ۾ جڪڙيو ويو آهي بورزوا اصولن جي ڏي وٺ سان مذهب کي هٿيار بڻائي سماج کي تبديل ڪندڙ قوتن جي خلاف استعمال ڪيو ويو .پاڪستان جو جيئن ئي وجود سامهون اچي ٿو ته پهرين هٿ ٺوڪي بغاوتي سازش منظر عام تي آندي وڃي ٿي .هي 1954ع واري دور جو قصو آهي جنهن ۾ پنڊي سازش ڪيس تيار ڪيو وڃي ٿو ان وقت جي ڪميونسٽ پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ سجاد ظهير ،نامياري شاعر فيض احمد فيض ،ميجر عطا،جنرل اڪبر خان ، ۽ظفر الله پوشني کي جيل جي ديوارن پٺيان قيدي بڻائي بغاوت جي ڪيس ۾ سزائون ڏنيو ن وڃن ٿيون .ان وقت جي سياست ۾ سيڪولر،حقيقي جمھوري ۽پورهيتن جي روح روان ڪميونسٽ پارٽي ،نوجوانن جي نامياري شاگرد تنظيم ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (ڊي ايس ايف )قلم ڌڻين جي تنظيم انجمن ترقي پسند مصنفين کي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي .ملڪ جي انقلابي ٽريد يونين تنظيمن جي خلاف وٺ پڪڙ ذريعي پابندي لڳائي وئي سامراجي ٽولي رياستي طاقت سان پنهنجي مفادن واري سياست کي هٿي ڏني .ملڪ مٿان ون يونٽ مڙهي ملڪ جي حقيقي حيثيت ۽ قبوليت کان انڪار ڪيو ويو .سامراجي ٽولي جي قيادت1958ع واري ڏهاڪي ڌاري ملڪ ۾ ايوبي آمريت لاڳو ٿي وڄي ٿي.سامراجي ٽولو ان وقت جي آمر ايوب کي انقلابيين جي رستا روڪ لاءِ ٽاسڪ ڏئي ٿو.

    1960ع ڌاري ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ليڊر ڪامريڊ حسن ناصر کي شهيد ڪري سندس لاش فوجي ٽولو غائب ڪري ڇڏي ٿو. رياست پاران ڪامريڊ حسن ناصر جي قتل تي به پڻ سامراجي بيان جاري ڪيو ويو ته حسن ناصرآپگهات ڪيو آهي. ڪامريڊ حسن ناصر جي موت جي تاريخ بورزوا جمهوريت حڪمرانن جي منهن تي چماٽ آهي .1980 ع ڌاري آمريت جو هڪ ٻيو ڪارو دور جنرل ضيا جي روپ ۾ شروع ٿئي ٿو .هو هڪ دفعو وري ڪميونسٽن ،ترقي پسندن ،جمھوريت پسند سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي بندشون مڙهي کين جيلن جي حوالي ڪري ٿو.جنهن ۾ ڪميونسٽ پارٽي ۽ڊيمو ڪريٽڪ اسٽوڊنٽ فيڊريشن (ان وقت ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽ فيڊريشن) جي ليڊر ڪامرِيڊ نظير عباسي کي ڳجهن ادارن پاران قتل ڪيو وڃي ٿو. ان وقت ۾ کاٻي ڌر سان تعلق رکندڙ پارٽين قتل جا پيرا کنيا ته امتيازبلي جو نالو سامهون اچي ويو .واقعي جي تفصيلي ۽تحريري طور تي اها شڪايت شهيد جي بيوه ۽ ساڳي شاگرد تنظيم جي اڳواڻ ڪامريڊ حميده گهانگهرو رجسٽرڊ ٽپال ذريعي ڊيفينس ٿاڻي ۾ داخل ڪرائي هئي .ان درخواست کي عدالت ۾ پوليس جي عملدارن پڻ تسليم ڪيو هيو.جڏهن ته اڄ تائين اهڙي ظالماڻي قتل جي نه ڪائي ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي نه ئي ان سازش کي جاچ ذريعي اڄ تائين بي نقاب ڪيو ويو آهي،اهو نظير عباسي جو قتل هڪ سياسي قتل هجڻ با وجود پاڪيٽ سياستدانن کي اک ۾ ڪنڊو ڀائين ٿو .هن وقت ڪميونسٽن تي اهي به الزام لڳن ٿا ته نظير عباسي جي قتل جو جوابدار برگيڊئير امتياز کي بڻائڻ وارو عمل ملڪ جي هڪ اقتداري قوت کي فائدو ۽ وفاق ۾ سڀ کان ٻيڻي حصيدار جماعت کي نقصان پهچائي ٿو .کاٻي ڌر صرف اهو ٻڌائي رهي آهي ته برگيڊيئر امتياز قاتل آهي قاتل کي قاتل چوڻ سان سرمائيداريا جاگيردارن ڪٽ پتلي سرڪار گهاٽي ۾ آهي يا فائدي ۾ ان تي بحث اجايو آهي ، ڪوئي اگر ان جو غلط مطلب سمجهي ٿو ته ڀلي سمجهي ليڪن قاتل کي قاتل نه چوڻ وارو به قاتل هوندو آهي .آمر ضياءَ کان پوءِ برگيڊئير امتياز ئي ڪامريڊ نظير عباسي جو قاتل آهي جنهن جا اقرار کوڙ دفعا اخباري بيان ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي پرگرامن کي ڏنل انٽرويوز ۾ ڪري چڪو آهي.

    هن وقت ملڪ جي اندر هر طرف کان بنياد پرستي ۽ لساني تنظيمن جي ڀرمار جاري آهي ان وقت ڪامريڊ نظير عباسي جهڙي انقلابي جي قاتل کي مات ڏيڻ سماج واد تحريڪ ۽ حقيقي جمهوريت پسندن جي سوڀ آهي. ڇاڪاڻ نظير عباسي جو قتل هڪ بي داد بغير ڪنهن عدالتي ڪارروائي جي ڪيو ويو آهي .انصاف جي گهرج صرف نظير عباسي جو به نه هي پر جھموريت پسند جو قتل اهو چاهي ذوالفقار علي ڀٽو هجي يا حميد بلوچ انهن جي قتل جا فئيل به ضرور کلڻ کپن .نظير عباسي جي قتل تي ڇا ٿيڻ گهرجي لائح عمل جو طريقو به سوچڻو ۽سمجهڻو پوندو اسان سمجُھون ٿا ان سموري مامري کي کاٻي ڌر جي موقف مطابق هن ريت ڏسڻ جي جي ضرورت آهي .اسان سمجهون ٿا ته هن وقت ڀٽي صاحب جي قتل جي جانچ ۾ هنن تاريخ بابن کي به شامل ڪرڻ گهرجي۔

    نظير عباسي جو قتل،ڳجها ادارا۽ کاٻي ڌر جو موقف

    .1 پاڪستان ۾ عوام جي جمهوري حقن جي خلاف 1954ع جي سازش ڪيس ،ڪميونسٽ پارٽي ۽ ٻين تنظيمن تي پابندي، ڪامريڊ حسن ناصر جي لاهور شاهي قلعي ۾ شهادت 1971ع ۾ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي ڏوهه ۾ نيشنل عوامي پارٽي (نيپ)تي پابندي ان جي اڳواڻن تي حيدرآباد سازش ڪيس جهڙين مختلف آمريتي ۽ان جي نتيجي ۾ آئيني مخالف و قانوني ڏوهن تي هڪ Truth &Reconciliation Commissions سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس يا ان پاران نامزد ڪيل سپريم ڪورٽ جي رٽائرڊ ججن جي سربراهي ۾ جوڙي وڃي .ڪميشن وڌيڪ ميمبرن تي ٻڌل هجي جيڪا وڪيلن، صحافين،دانشورن،۽سياستدانن تي مبني هجي .جنهن جا رڪن متاثر ڌر کي قبول هجن.جيڪي ادار ۽فرد اهڙن ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن انهن مٿان ڪيس هلايا وڃن

    2 .سنڌ سرڪار شهيد نظير عباسي جي گرفتاري ۽ ان جي شهادت جي تحقيق واري عمل تي سنڌ هائي ڪورٽ جي مستقل جج جي سربراهي ۾ ڪميشن قائم ڪري جنهن جي رپورٽ مقرر وقت ۾ شايع ڪئي وڃي جلد از جلد انهن ڏوهارين جي خلاف فوجداري ڪيس رجسٽرد ڪيا وڃن

    3 .چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ سنڌ هاڪورٽ جا چيف جسٽس صاحبان پاڻ هن عوامي اهميت واري واقعي جو سو موٽو نوٽيس وٺن.

    ڇاڪاڻ جو ڪيترا ئي سال ۽ تحريري رپورٽ داخل هجڻ باوجود ڪامريڊ شهيد نظير عباسي جي پڇا ڳاڇا دوران قتل جي نه ئي ڪا ايف آئي آر داخل ڪئي وئي آهي نه ئي ان جي گهر واري کي ڪنهن جاچ کان آگاه ڪيو ويو آهي .

    هن سڄي منظر نامي کان پوءِ اهو ٿابت ٿئي ٿو ته نظير عباسي ۽ حسن ناصر جهڙن انقلابين جو بي ڏوهو بي داد قتل به تاريخ جي اندر عدالتي قتل جي حيثيت رکي ٿو . هاڻي جڏهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اهي داڳ ڌوئڻ نڪتي آهي ته پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سپريم ڪورٽ کي هي داڳ به ڌوئڻا پوندا جنهن جو پڇاڻو هر پورهيت ڪري ٿو ۽ سمجهي ٿو، اسان جي هن سموري تاريخي ڪيس تي جيڪڏهن ڪنهن سياستدان کي تڪليف پهچي ٿي ته ڀلي پهچي پر اسان هر دور ۾ نظير جي قتل جو حساب گھرندا رهندا سين هي قتل سنڌجي هڪ پرامن انقلابي جي قتل سانن گڏ هڪ صبح جو قتل آهي اهو ڏينهن چاهي 9آگسٽ هجي يا 10 اپريل جي پرِهه ڦٽي هجي هو هڪ صبح جو ماتم بڻجي آمر جي اک ۾ ڪنڊي جيان چڀندو رهندو . شهيد نظير عباسي جي قتل تي جيڪي ڌريون پنهجون زبانون بند رکڻ چاهن ٿيون ڀلي ڀلي پنهنجو آواز دٻائي رکن .جيڪي سوڊو قوم پرست نظير جي جدوجهد جي قتل تي خاموش رهڻ چاهين ٿا انهن کي نئين دور جا تاريخدان ٻڌائيندا هنن خاموش رهي مسقبل ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڪهڙا منصف بچايا ۽ ڪهڙن جي موت تي خاموخ رهي پنهجي دفاع لاءِ ڪيترا فرد بڻايا. ليڪن سرخ انقلاب جا پانديئڙا اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي اڏول انقلابي جي قتل کي بخش نه ڪندا.هن ويل مون کي مضمون جي آخر ۾ ڪجهه ڌرين جي خاموشي تي تي پادري مارٽن نيملر جي جو نظم جون سٽون ياد اچن ٿيون جيڪو اهڙن ماڻهن جي خاموشي لاءِ وڏو جواب آهي.شاعرنسل پرستي جي ابي هٽلر جي ظلم ۽ ان تي خاموش رهڻ وارن کي هن ريت مخاطب ٿيندي چوي ٿو ..

    پهريان اهي ڪميونسٽن کي مارڻ لاءِ آيا
    آءَ چپ رهيس ته مان ڪميونسٽ نه هيس
    وري اهي سوشلسٽن ۽ٽريڊ يونين وارن کي مارڻ لاءِ آيا
    آءَ چپ رهيس ته مان نه سوشلسٽ ۽نه ئي ٽريڊ يونينسٽ هيس
    وري اهي يهودين جي ڳولا ۾ آيا
    آءَ چپ رهيس ته مان يهودي نه هيس
    جڏهن اهي مون کي کنڀڻ آيا
    ان وقت مون لاءِ آواز بلند ڪرڻ وارو ڪير به نه بچو هيوـ ”مارٽ

    روزانه عوامي آواز تان ورتل
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو