سنڌ جو شهيد اعظم آهي، سورهيه بادشاهه نعره جنهن هنيو وطن يا ڪفن آهي، سورهيه بادشاهه سنڌ جو ساهه سيباڻو آهي، سورهيه بادشاهه منهنجي روح جو راڻو آهي، سورهيه بادشاهه منهنجي جيء جو جيارو آهي، سورهيه بادشاهه منهنجي اندر جو آواز آهي، سورهيه بادشاهه منهنجي عزت آبرو عظمت، سورهيه بادشاهه منهنجين اکيان نور آهي، سورهيه بادشاهه گلن جي سرهاڻ آهي، سورهيه بادشاهه وک وک تي عيان منزل ڏانهن رَسَڻ جي روشني آهي، سورهيه بادشاهه بس رهنما سنڌ جو صرف هڪ آهي، سورهيه باشاهه سنڌ جو سياڻو نماڻو آهي، سورهيه بادشاهه سنڌ جو سرواڻ ۽ اڳواڻ آهي، سورهيه بادشاهه رهبر نيارو سنڌ جو آهي، سورهيه باڊشاهه سنڌ جو شان مان وارو علمبردار آهي، سورهيه بادشاهه سنڌ جو سرواڻ سچو آهي، سورهيه بادشاهه حرن کي حريت سيکاري وطن يا ڪفن وارو آهي، سورهيه بادشاهه جيڪو نه جڙيو جماعت شهيد پاڳاري، سورهيه بادشاهه پڇٿايو تنهن چئي هئي هئي آهي، سورهيه بادشاهه لفظ هڪ هڪ سچ ٿيو ڪلام آهي، سورهيه باشاهه ورتي معافي نادانن بعد شهادت آهي، سورهيه بادشاهه مرقد موچاري ٿي مٿي ملاء اعلي آهي، سورهيه بادشاهه ۽ اعلي علين منجهه مڪين آهي، سورهيه بادشاهه سنڌ جو مان وارو املهه ماڻڪ موتي آهي، سورهيه بادشاهه سنڌ جي سچي فڪر وارو آهي، سورهيه بادشاهه نه ڪڏهن ڪنڌ جهڪايو سو آهي، سورهيه بادشاهه حيات رهندو هميشه دلين ۾ آهي، سورهيه بادشاهه مري به موت کي ڏني مات آهي، سورهيه بادشاهه ڪين ڊڳو، شهادت واري ڏينهن به آهي، سورهيه بادشاهه اڄ به سنڌ جي آجپي جي علامت آهي، سورهيه بادشاهه اٿئي درد جي سنڌ جو ته راهه وٺ! سورهيه بادشاهه فقير درِ سگ هي مسڪين جوکيو آهي، سورهيه بادشاهه نظم هي جاري رهڻو تاء قيامت، سندس شان آهي، سورهيه بادشاهه [video]http://www.facebook.com/notes/jokhio-shafique-ahmed/%D8%B3%D9%86%DA%8C-%D8%AC%D9%88-%D8%B4%D9%87%D9%8A%D8%AF-%D8%A7%D8%B9%D8%B8%D9%85-%D8%A2%D9%87%D9%8A-%D8%B3%D9%88%D8%B1%D9%87%D9%8A%D9%87-%D8%A8%D8%A7%D8%AF%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87/10150158391206918[/video]
جواب: سنڌ جو شهيد اعظم آهي، سورهيه بادشاهه وطن يا ڪفن جي نعري جي موجد سائين محترم سورهيه بادشاه ” پير صبغت الله شاه“ جي مان ۾ سهڻا خيال ۔۔۔۔ حب الوطنيءَ جو سبق ، سڏ ۽ رڙيون ۔۔۔۔ جس هجي سائين محترم جوکئي صاحب کي جو ايمان سلامتيءَ سان گڏ حب الوطنيءَ جا درس ويٺو ڏي ۔۔۔ ڪاش اسين اها ڳالهه سمجهي سگهون ۽ وطن جي آجپي جو سبب ٿيون ۔۔۔ ڪاش سلام سائين