اقباليات تي مختصر نظر

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    اقباليات تي مختصر نظر

    علامه محمد اقبال جي ياد ۾
    (تاريخِ پيدائش1877 ۽ تاريخِ وفات1938)
    هن ڌرتي ڪهڙا ڪهڙا نه انسان پيدا ڪيا آهن جن دنيا جي الفاظن دنيا ۾ هڪ عجيب ڪَرب پيدا ڪيو ۽ انقلاب جو اهڙيون بنيادون وڌيون جن انسان کي ڪنهن به مقام تي سست ٿيڻ نه ڏنو جن جي ڪالم ۾ هر وقت عجيب قسم جو سحر آهي .اسان پنهنجي ياداشت ۾ جن ماڻهن کي پاڪستان يا ااسلامي جذبي سان سان قوم ۾ روح وجهندي ڏسون ٿا ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال پڻ انهن معتبر نالن ۾ معتبر مقام جو مقيم نظر ٿو اچي.جي علامه اقبال کي ڏسجي ته هڪ ئي وقت هُو ڪيترن مقامن تي سفر ڪندو نظر ٿو اچي ڪاٿي هڪ درويش ته ڪاٿي هڪ جهادي ته ڪاٿي هڪ سالڪ ته ڪاٿي رندانه ڪيفيت جو مالڪ ته ڪاٿي ولايت جو تارو نظر ٿو اچي.ان لاءِ علامه اقبال جو شعر به آهي ته
    رند ڪهتا هي ولي مجهڪو ولي رند مجهي
    سُن ڪي تقرير ان دونون ڪي حيران هون ۾
    زاهد تنگ نظر ني ڪافر جانا مجهي
    اور ڪافر يه سمجهتا هي ڪه مسلمان هون ۾​

    جي اسان تعصب جي چشمي کي لاهي ڏسندا سين ته هي شخص وڏي قامت واري شخصيت جو حامل آهي .جنهن انسان جي سفر جون ڪئي جُهتون بيان ڪيون آهن .
    جنهن وقت هو مقامات انسان سان مخاطب آهي ته ان وقت هو اها ڳالھ چئي هن جي همت ٿو ڏئي ته
    آه کس ڪي جُستجو آواره رکهتي هي تجه يا اهو چوندو نظر ٿو اچي ته

    راه تو رهرو تو رهبر بهي تو منزل بهي تو
    ديکه آ ڪي ڪبهي ڪوچهءِ غريبان مين ڪبهي
    قيس تو ليلا تو صحرا بهي تو منزل بهي تو


    نه تو زمين ڪي ليئي هي نه تو آسمان ڪي ليئي هي
    يه جهان هي تير ليئي تو نهني هي جهان ڪي ليئي

    جنهن وقت هو هڪ مسلمان جي آواز بڻجي ٿو ته چوي ٿو
    سوچا بهي هي ڪبهي توني اي مرڊِ مسلمان
    کيا چيز هي فولاد کي شمشير جگردار
    اس بيت کا مصرح اول هي ڪه جس ۾
    پوشيده چلي آتَي هين توحيد ڪي اسرار
    هي فڪر مجهي مثرِ ثاني ڪي زياده
    الله ڪري تجه ڪو عطا فقر ڪي تلوار
    قبضي مين يه تلوار بهي آجائي تو مومن
    يا خالدِ جانبازهي يا حيدرِ ڪرار

    هي اهي اشعار آهن جن سان هڪ سُتل بي سده نوجوان يا جيڪو موروثي مسلمان آهي ان جي دل ۾ حرارت پيدا ڪن ٿا. جنهن سان هو پنهنجي ماضي کي ڏسي ٿو۽ پنهنجي حال جي تربيت ڪري ٿو. هي ته اهو مقام آهي جتي هن کي علامه همٿ ڏياري ٿو ان جي ماضي کي ياد ڪرائي يا وري علامه جو هڪ ٻيو انداز آهي ته نوجوان جي اڳيان ان جي حالتِِ زار پيش ڪري ٿويا امت جي حالت تي فرياد ڪري ٿو
    شيرازه هُوا ملت مرحوم کا ابتر!

    اب تُو هي بتا تيرا مسلمان ڪدهر جائي
    وه لذتِ آشوب نهين بحرِ عرب ۾
    پوشيده هي جو مجھ ۾ وه طوفان ڪدهر جائي
    هر چند هي بي قافله و راحله و آزاد
    اس ڪوهِ بيان سا حدي ڪدهر جائي
    اس راز ڪو اب فاش ڪري روحِ محمد
    آياتِ الاهي کا نگهبان ڪدهر جائي

    يا مسلمان جي غلامي جوڪارڻ ٿو ٻڌائي ته هي مسلمانن جي بيماري جو سبب ڪهڙو آهي ۽ ان جو علاج ڪهڙو آهي ؛
    دِلِ مُرده دِل نهين ڪه اسي زنده ڪر دُوباره
    ڪه يهي هي اُمتون ڪه مَرضِ ڪُهن ڪا چاره

    حڪمتِ مشرق و مغرب ني سکايا هي مجهي
    اک نڪته ڪه غلامون کي ليئي اڪثير !
    دين هو، فلسفه هو، فقر هو، سلطاني هو!
    هوتي هين پخته عقايد ڪي بنان پر تعمير

    جڏهن هو بکريل قوم ڏي ڏسي ٿو ته هن قوم کي گڏ ڪرڻ لاءِ هنن کي صلاح ٿو ڏئي ته هي توهان جي تباهي و بربادي جا مقامات آهن هنن کان بچو ؛
    دلِ مرده دل نهني ڪه اسي زنده ڪر دُوباره
    ڪه يهي هي اُمَتُون ڪه مرضِ ڪُهن ڪا چاره

    جڏهن فرقه بندي جي اثراتن کي اقبال ڏسي ٿو ۽ مسلمانن جي اڪثريت هن طرف مست لڳي پئي آهي ته هن کي صلاح ٿو ڏئي ؛
    واه نه ڪرنا اپني زُبان فرقه بندي ڪي ليئي
    ڪه چُپ ڪي بيٺا هي هنگامهءِ محشر يهان

    هنن جي اصلاح ڪري هنن کي فرقه بندي کان نڪرڻ لاءِ راغب ٿو ڪري
    منعفت بهي هو جس قوم ڪي ايڪ، نقصان بهي ايڪ
    ايڪ هي سب ڪا نبي دين بهي ايمان بهي ايڪ
    حرم پاڪ بهي ايڪ الله بهي قرآن بهي ايک
    ڪڇھ بڙي بات ٿي ڪه هوتَي مسلمان بهي ايڪ
    قلب مين سوز نهين روح مين احساس نهين
    ڪُڇ بهي پيغامِ محمد ڪا تمهين پاس نهين

    يا هنن کي پنهنجو ماضي به اهڙو خوبصورت ياد ٿو ڏياري
    واعظِ قوم ڪي وه پُخته خيالي نه رهي ، برقِ طبعي نه رهي شعلهءِ مقالي نه رهي
    فلسفه ره گيا رُوحِ غزالي نه رهي، ره گئي رسمِ اذان رُوحِ بلالي نه رهي.

    جڏهن وري اقبال عرفاني نگاه جو احوال ٿو ڏئي ته انسان جي اندر هڪ عجيب قسم جي سرسراهٽ محسوس ٿي ٿئي هي انسان جيڪو پنهنجو پاڻ کي هڪڙو جيوڙو ٿو سمجهي جنهن لاءِ حضرتِ علي عه جو پڻ فرمان آهي ته اي انسان تون پنهنجو پاڻ کي هڪ جراسيم ٿو سمجهين تنهنجي اندر ته عالمِ اڪبر سمايل آهي ان جي ترجماني اقبال بهترن انداز م پيش ڪئي آهي
    اپني اصليت سي آگاه هو اي غافل ڪه تُو
    قطره هي ليڪن بحرِ بي پايان بهي هي تُو

    جڏهن علامه اقبال سير سلوڪ جو احوال ٿو ڏئي ته ان جي حقيقت بياني ۾ ۾ هڪ عجيب سحر آهي
    قُلزمِ هستي سي اڀرا هي مانندِ حُباب
    اس زيان خاني مين تيرا متحان هي زندگي
    تيرا تن روح سي نا آشنا هي ، عجب ڪيا ! آه تيري نا رَسا هي
    تَنِ بي رُوح سي بيزار هي حق، خداءِ زنده ، زندهون ڪا خدا هي .

    يا تيري جلوت ۾ مصطفيٰ ئي تيري خلوتون ۾ ڪبريائي
    هي تو اگر خود سي آسنا تو تيري خودي م ساري خدائي
    يه بات ڪسي ڪو نهين معلوم ڪه مومن
    قاري نظر آتا هي حقيقت مين هي قرآن
    نام و شڪل ڪي پَردُون مين رهتا هي
    ڪام ڪر جاتا هي اور بي نام و نشان رهتا هي

    جڏهن هو سفر ۾ هن مقام تي پهچي ٿو ته چوي ٿو
    سبق مِلا هي يه معراجِ مصطفيٰ سي مُجهي
    عالمِ بشريت ڪي زَد ۾ هي گردون
    يا هي به چوي ٿو ته
    هزار چشمه تيري سنگِ ره سي ڦوٽي
    خودي ۾ ڊوب ڪر زربِ ڪليم پيدا ڪر

    وسلام
     
  2. محمدجوادعسڪري

    محمدجوادعسڪري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2011
    تحريرون:
    123
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسٽوڊنٽ
    ماڳ:
    اوسته محمد بلوچستان
    جواب: اقباليات تي مختصر نظر

    ادا ڏاڏل واه ادا واه
    اوهان جي تحرير انتهائي سهڻي
    اوهان جي محنت الله قبول ڪندو
    اوهان سٺي تحقيق ڪئي آهي
    واقعا اسان جا بزرگ جنهن بنياد تي اسان جو ملڪ آزاد ڪرائي ويا اهو اڄ شايد
    اسان وقت جي انڌيرن ۾ ڪوهين ميل پوئتي اڇلائي آيا آهيون
    ادا اها فڪر اگر وري زنده ڪئي وڃي ته شايد اسان جا جوان اٿي پون
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اقباليات تي مختصر نظر

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
    وسلام
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اقباليات تي مختصر نظر



    ڏاڏل سائين مهرباني

    اوهان اقبال جي فڪر ۽ سندس اقباليات تي هڪ مفصل ليک ونڊ ڪيو آهي۔

    مٿين شعر تي ڇا تبصرو ڪجي اهي چار لائينون پاڻ ئي سڀ ڪجهه آهن، تشريح به آهن ته تفصيل به آهن

    اوهان پنهنجي پسنديده شاعر جنهن کان اوهان گهڻو متاثر آهيو ، ان تي هڪ ڪالم ونڊ ڪري بهترين ڪم ڪيوآهي
     
  5. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اقباليات تي مختصر نظر

    سائين وقعي اسان کي اقبال جي سمجهڻ کان پوءِ ئي سالڪن جي ٻولي سمجه ۾ آئي ۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: اقباليات تي مختصر نظر

    سائين صبحان الله
    تمام بهترين ادا۔
     
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: اقباليات تي مختصر نظر

    سائين پسند ڪرڻ جي مهرباني
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو