کل ڀوڳ ۾ هن کي سمجهايو ويو هو ته پنهنجي نسل سان ئي پيار ڪجي ۽ پنهنجي نسل ۾ ئي شادي ڪجي، ٻي صورت ۾ ٻارن جو منهن ٻاڪرو ۽ پٺي ريڍي ٿي پوندي آهي ۔۔۔ پر نه مڃيائين ۽ ڪيائين پنهنجي مرضي ۔۔۔ پيءُ جا مزا ڏسي، تڪڙي جوان ٿيڻ جي شوق ۾ آهي ۔۔۔ پر ٻار آهي کيس ڪير سمجهائي، سمجهندو ئي نه، وڏا شوق وڏا نقصان کائيندو ۔۔۔ يار مست، ننڍڙي ته نظر رکجانءِ ۔۔۔ دوست سليمان کي سمجهايو هو ته پنهنجي گاڏي آفيس سيڪريٽريءَ کي اڌاري نه ڏجانءِ، پر مائي سوال ڪري ۽ دوست پورو نه ڪن؟ باقي پاڻ گهرنداسون ته چوندا ته نه يار! پاڻ واري گاڏي مسنگ ٿي ڪري ۔۔۔
جواب: مزيدار تصويرون هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ گاڏيء جا ته ڪم لٿل آهن ۽ واقعي ئي مسنگ ٿي ڪري پر گڏهه ۽ زيبرا واري تصوير زبردست آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔هاهاهاها
جواب: مزيدار تصويرون ادا ننڍڙي جي ڏاڙهي ڪوڙڻ واري پريشاني کان مان ته بي فڪر رهندس ڇو ته مان پاڻ ئي ڏاڙهي ڪونه ڪوڙيان ته ننڍڙي ۾ اها عادت ڪٿان پوندي۔۔ ٻيو ته گاڏيءَ جي پريشاني به سائين سليمان يا توهان کي ٿيڻ گهرجي ڇو ته پاڻ ته نه آفيس رکون ٿا نه وري ڪار۔۔۔۔ باقي تصويرون ۽ انهن تي منتخب ڪيل لائنون زبردست آهن