صوفياڻي رنگ واري سنڌ جي نئين سر تعمير جي ضرورت! شبنم گل ٻڌمت جي فلسفي مطابق نفساني خواهشن تي مڪمل طور تي ضابطي آڻڻ سان روح شفاف ٿئي ٿو. ان تپسيا بعد نرواڻ جي منزل حاصل ٿئي ٿي. ٻڌمت ۾ دنيا تياڳڻ ۽ گوشا نشيني جي تلقين ڪئي وڃي ٿي. ٻڌمت جو آغاز 2500 سال کان ٿئي ٿو. گوتم ٻڌ 566 قبل مسيح ڪپل وستو ۾ پيدا ٿيو. گوتم ٻڌ ٽن پهلوئن جو مشاهدو ڪيو، جن ۾ بيماري، پيرسني ۽ موت شامل آهن، جن کيس گوشه نشيني اختيار ڪرڻ تي اُتساهيو. گوتم ٻڌ انسان ذات جي فلاح لاءِ ڪم ڪرڻ، ڀائيچاري ۽ امن جو پيغام ڏنو. سندس مزاج ۾ نياز نوڙت ۽ ڌيرج پڻو سندس پوئلڳن کي موهيندو هو. هن پهريون پنهنجي ذات وسيلي هڪ مثال قائم ڪيو، جنهن تي سندس پوئلڳ اڄ ڏينهن تائين هلندا رهن ٿا. گوتم ٽن سچائين کي پنهنجي تعليم ۾ بيان ڪيو آهي. پهريون سچ اهو آهي ته ڪائنات ۾ ڪا به شيءِ فنا نٿي ٿئي، مادو، توانائي ۾ ۽ توانائي مادي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي. هڪ مرده پن زمين مان ٻيهر ٻوٽو بڻجي ڦٽي نڪري ٿو. اسان پڻ ٻوٽن، وڻن ۽ برسات جيان آهيون. ٻين کي ڌوڪو ڏيڻ، پاڻ کي ڌوڪي ڏيڻ جي برابر آهي. زندگي اسان جي اندر جي سچائيءَ جو عڪس آهي. گوتم شين ۾ تعلق ۽ ان جي ردعمل کي بيان ڪيو آهي. ٻئي سچ مطابق شيون تبديل ٿين ٿيون. زندگي ڪنهن نديءَ جيان آهي، ڪڏهن آهستگي سان وهي ٿي ته ڪڏهن ان جي وهڪري ۾ تيزي آهي. ڪٿي هموار ته ڪٿي پرزور آهي. زندگي ناقابل يقين آهي، سڪون جي ڪيفيت مستقل نه آهي. خوشي دائمي احساس نٿي بڻجي سگهي. جواني جو پيرسني تعاقب ڪندي رهي ٿي. بيماري، صحت جي دشمن آهي. ٽيون سچ ٻڌائي ٿو ته هر عمل جو ردعمل ٿئي ٿو. جنهن کي هو ڪرما جو نالو ڏئي ٿو. جيڪو اسان پوکيون ٿا، اهو ئي لڻون ٿا. ٿوهر جو ٻج پوکي گلاب جي توقع اجائي آهي. ٿوهر جو ٻج پوکبو ته ٿوهر جو ٻوٽو ڦٽندو. اسان جي سوچ ۽ عمل اسان جو بهتر آئيندو آهي. چڱائي جا عمل خوشي ۽ اطمينان جو سبب بڻجن ٿا. ساڳيءَ ريت عيسائي تصوف ۾ به منفي روين ۽ سوچ جي نفي ملي ٿي. خواهش پرستي، منفي سوچ ۽ بدي ڪوريئڙي جي ڄار وانگر آهي. نفرت کان پاسو، محبت، سهپ ۽ خدا جي رضامندي حاصل ڪرڻ جهڙا مثبت اهڃاڻ ملن ٿا. عيسائي تصوف جا ڇهه بنيادي اصول آهن، جيئن سڪون، گفتگو ۾ پاڪيزگي، نفرت کان بچڻ ۽ هر انسان سان محبت ڪرڻ. هر مصيبت کي صبر سان برداشت ڪرڻ ۽ ايمان رکڻ ته خدا محبت آهي. جنهن جي طرفان ڏنل هر شيءِ خالص رحمت آهي. چاهي اهو ڏک ئي ڇو نه هجي. صبر و استقلال ۽ ان ڳالهه تي ايمان ته انسان جي ذات ۾ خدا جو نور موجود آهي، جنهن جو ظهور پاڪيزگي، اطاعت و عبادت تي منحصر آهي. آر ڊبليو ٽرائن خدا جي ذات سان بندي جي تعلق کي هن طرح بيان ڪري ٿو. ”الله تعاليٰ لامحدود سڪون جو ذريعو آهي، جڏهن اسان سندس ذات سان هم آهنگ ٿي وڃون ٿا ته اسان تي سڪون جون لهرون وسڻ لڳن ٿيون. سڪون ٻاهر کا نٿو اچي، پر دل ۾ جنم وٺي ٿو. ڪائنات ۾ هڪ اهڙي توانائي موجود آهي، جنهن کي اسان حاصل ڪرڻ بعد ان کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيون ته انسان جي ذات ۾ وسعت پيدا ٿي ويندي“. حقيقت ۾ فطرت يا ڪائنات سان هم آهنگ ٿيڻ ابدي سچائي جي ويجهو وٺي وڃي ٿو. جتي ادراڪ جي وسيع دنيا آهي. جنهن کي پائڻ کانپوءِ انسان ڪائنات جي لامحدود وسعتن ۾ سفر ڪندو رهي ٿو. ان سفر ۾ هو پنهنجي ذات کي وساري ٿو ويهي. ذات جي محبت هڪ دلفريب ڄار آهي. انا جي ڄار ۾ ڦاٿل انسان ڪڏهن به ابدي سچ تائين نٿو پهچي سگهي. هو ڪڏهن به حقن ۽ ذميدارين ۾ توازن پيدا نٿو ڪري سگهي ۽ سندس زندگي اعتدال جي خوبصورتيءَ کان پري رهي ٿي، بي اعتدالي بدصورتي آهي. اها حقيقت آهي ته انساني جسم سان گڏ فطرت جي نظام ۽ فلسفهءِ حيات پڻ تبديلي ٿيندي رهي ٿي. شيون هڪ جهڙيون نه ٿيون رهن، زندگي تازگي کان فنا ڏانهن سفر ڪري ٿي. هڪ پراڻي دنيا ۾ جتي شيون استعمال شده، پاروٿيون ۽ ٿڪل آهن، اها Entropy ترتيب کان بي ترتيبي جي عمل کي ظاهر ڪري ٿي. ترتيب کي بگاڙڻ انسان جو هڪ فطري عمل آهي. بي ترتيبي اسان جي چوڌاري موجود آهي، جڏهن ته ترتيب ۾ ڪامليت آهي. نظامِ فطرت ۾ ترتيب، توازن ۽ اعتدال آهي. تصوف وجود، زندگي ۽ ڪائنات ۾ هم آهنگي سان گڏ انسان جي زندگيءَ ۾ ترتيب آڻي ٿو. اسلامي تصوف جو براهه راست يورپ ۽ ايشيا تي اثر نظر اچي ٿو. مولانا رومي جي فڪر سموري يورپ ۾ روحاني سجاڳي آندي آهي. اسپين جي صوفي ابن عربي مابعدالطبعياتي مڪتبهءِ فڪر سان لاڳاپيل هڪ اهڙو مفڪر آهي، جنهن کي مشرق توڙي مغرب ۾ هڪ جيتري مقبوليت رهي آهي. سندس وحدت الوجود جو نظريو به مشرقي توڙي مغربي مفڪرن جي توجهه جو مرڪز رهيو آهي. الغزالي به صوفي ازم جي فلسفي تي ڪم ڪيو آهي. اوم صفي پنهنجي مضمون“Is Islamic mysticism really Islam?” ۾ لکي ٿو ته ”ڪيترا جديد مسلمان مفڪر ۽ خطيب صوفي ازم کي شڪ جي نگاهه سان ڏسن ٿا. يورپ جي قدامت پرست ۽ مشرقيت پسندن جي سوچ آهي ته اسلام کي صوفي ازم کان الڳ ڪيو وڃي ٿو.“ اها حقيقت آهي ته تصوف جو فلسفو محبت، هڪ جهڙائي، انسان دوستي ۽ انسانيت جي چوڌاري ڦري ٿو، جڏهن ته اڪثر مذهبن ۾ فرقيوارانه سوچ، انتهاپسندي، تعصب، نفرت جي اڻ سڌي طرح پرچار ڪئي وڃي ٿي. دنيا جو ڪو به مذهب منفي سوچ ۽ رويا نٿو سيکاري، پر جديد دنيا وٽ مذهب مفاد پرستيءَ لاءِ هڪ وڏي ڍال ثابت ٿيو آهي. دنيا مذهب پرستي جي بنيادن تي ڪيترن حصن ۾ ورهائجي وئي آهي. جتي انسانيت ۽ انسان دوستي جهڙا لفظ ثانوي حيثيت اختيار ڪندا پيا وڃن. سنڌ صوفين ۽ دلين جي سرزمين آهي، پر صوفين جو اهو پيغام پوري طرح سان ماڻهو نه سمجهي سگهيا آهن. سچل، سامي، شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد ۽ ٻيا ڪيترا صوفي شاعر پنهنجي لفظن وسيلي امن، ڀائيچاري ۽ محبت جو پيغام ڏين ٿا. سندن ڪلام ۾ زندگيءَ جي گهرائي ۽ وسعت آهي. پر سنڌ تي ڌارين جي ڪاهه سبب هتي مختلف تهذيبن جو رنگا رنگ عڪس نظر اچي ٿو. ان کان علاوه هتي مختلف دورن ۾ ايندڙ حڪمرانن ۽ عوام ۾ وٿي نظر اچي ٿي. مغلن سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ جڏهن مقامي حڪمرانن سان ملي عوام جي حقن جي نمائندگي ڪرڻ بدران انهن تي غاصب ٿي سندن حقن جو استحصال ڪرڻ لڳا ته شاهه عنايت شهيد هاري تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا. اها تحريڪ غير طبقاتي ۽ فرقن جي اثر کان آزاد هئي، جنهن ۾ مسلمان، مختلف مذهبن ۽ طبقن جا ماڻهو شامل هئا. مغلن ۽ ڪلهوڙن جڏهن ڏٺو ته سنڌ جو ماڻهو سجاڳ ٿي رهيو آهي، هو طبقاتي اڻ برابري جي خاتمي ۽ پنهنجي حقن لاءِ وڙهڻ لاءِ تيار آهي ته هنن پاڻ ۾ ملي سازش ڪري سنڌ جي عظيم انقلابي صوفي شاعر کي قتل ڪرائي ڇڏيو. شاهه سائين به عام ماڻهن جي حقن جي شاعريءَ وسيلي نمائندگي ڪري ٿو. هن پڻ طبقاتي ڪشمڪش، انساني حقن جي پائماليءَ تي سدائين احتجاج ڪيو آهي. جو تڙ، تک تنوار، وڻ ٽڻ وائي هڪڙي سڀئي شيءِ ٿيا، سوريءَ سزا وار همه منصور هزار، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين حقيقت ۾ سنڌ ۾ موجود روحاني خلا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اسان جي وڏن جن انساني قدرن کي اوليت ڏني، اهي ماضيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌي ماڻهوءَ جو مزاج صدين کان صوفياڻو رهيو آهي، هو امن پسند، محبت ڪندڙ ۽ مهمانواز رهيو آهي. پر ڌارين جي ڪاهن جي ڪري سنڌ جي پرامن ماحول تي منفي اثر پيا آهن. اڄ تائين ٻاهريان ايندڙ دهشتگرد سنڌ جي امن امان واري ماحول کي تباهه ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهن. سنڌ جي ٻولي، ثقافت، تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي تي ٻيون قومون اثرانداز ٿينديون رهيون آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي بزرگن جي پاسداري ڪندي، هڪ نئين سنڌ جي تعمير ڪيون، جنهن جون جڙون ماضيءَ جي شاندار روايتن ۾ کتل هجن. روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: صوفياڻي رنگ واري سنڌ جي نئين سر تعمير جي ضرورت ! تمام بهترين ليک آهي۔۔۔ هند ۾ اڄ به ٻڌمت جا ڪافي پوئلڳ آهن۔ خاص ڪري مهاراشٽرا اسٽيٽ ۾۔۔۔ خيئر شاهه صاحب چواڻي ته پنا پڙهي پڙهندين ڪيترا۔۔۔ ڪيترو به گهمي ڦري اچو سڀني جو مهور ساڳيو آهي۔۔۔ هڪ خدا۔۔ رستا الڳ الڳ آهن منزل هڪ ئي آهي۔۔۔ ونڊ ڪرڻ جي مهرباني
جواب: صوفياڻي رنگ واري سنڌ جي نئين سر تعمير جي ضرورت ! رنجيت اوهان جي مهرباني محترمه شبنم گل تمام سهنو لکيو آهي ۽ ڄاڻ م اضافو پڻ ڪيو آهي۔ صوفين صاف ڪيو ڌوئي ورق وجود جو ڪاش اسان امن ۽ محبت جي پيغام کي سمجهي سگهون اوهان جا لک قرب جو ڪي بورڊ نئون خريدڻ سان اوهان جي واپسي ٿي آهي