گهر شماريءَ ۾ ٿيندڙ غيرقانوني حرڪتن جي خوفناڪ تصوير

'مختلف موضوع' فورم ۾ رياض حسين گلال طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2011۔

  1. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    آدمشماريءَ واري پهرين مرحلي يعني گهر شماريءَ جي ختم ٿيڻ ۾ باقي ٻه ٽي ڏينهن وڃي بچيا آهن، پر ان مرحلي دوران ڇا ٿيندو رهيو آهي، ان جي تصوير ”ڪاوش“ ڪيترن ڏينهن کان سنڌ کي ڏيکاريندي رهي آهي. ڪالهه ته ڪيتريون اهڙيون شيون وڌيڪ واضح ٿي ويون، جن لاءِ شڪ هئا. گهر شماريءَ جو مرحلو پورو ٿيڻ تي آهي، ۽ اڃا تائين 40 سيڪڙو کان وڌيڪ گهر ڳڻپ کان رهيل آهن، سياسي مداخلت جون شڪايتون اڃا جاري آهن، شفافيت بابت خدشا اڃا موجود آهن. پ پ پ پاران مقرر ڪيل نگران ڪاميٽيءَ جي سربراهه تاج حيدر پنهنجن خدشن جو اظهار ڪرڻ لاءِ چيف سيڪريٽريءَ کي جيڪو خط لکيو آهي، تنهن ۾ چيو ويو آهي ته بلاڪس سرڪلز ۽ چارجز جون حد بنديون هڪ طرفيون ۽ غيرقانوني طور تبديل ڪيون ويون آهن. نه فقط ايترو، پر اهو به چيو ويو آهي ته ڪراچيءَ ۾ ڪن هنڌن تي سمورو ڪم ٽي ايم اوز آفيس ۾ پيو ٿئي. وڏي انگ ۾ گهرن کي ڳڻپ ۾ نه آندو ويو آهي.

    اسان کي خبر ناهي ته تاج حيدر پاران لکيل اهڙي خط سان هلندڙ عمل تي ڪيترو اثر پوندو؟ سرڪار اهڙي بي ضابطگين جو ڪو نوٽيس به وٺندي يا اهو عمل جيئن هلي رهيو آهي، تيئن ئي هلندو رهندو؟ پر هڪڙي ڳالهه طئي آهي ته اهي سڀ رڪارڊ جون شيون آهن، ۽ خود پ پ پ پاران مقرر ڪيل ان جو ئي ماڻهو اهي شيون رڪارڊ تي آڻي رهيو آهي. ٿيڻ به ايئن ئي گهرجي، ڇاڪاڻ جو جيڪڏهن تاج حيدر اهي ڳالهيون نجي گڏجاڻين ۾ ڪري ڇڏي ها ته اهي سرڪاري رڪارڊ تي نه اچي سگهن ها. هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هو به اهو چئي سگهندو ته جيڪي مون حڪومت کي باضابطه طور تي آگاهه ڪيو هو ته گهر شماري شفاف طريقي سان نه پئي ٿئي، پوءِ جيڪو ڪجهه سرڪار کي ڪرڻ کپندو هو، سو اها ڪري ها. هو چئي ٿو ته جيڪي نقشا استعمال ڪيا پيا وڃن، انهن ۾ گهرن جون حد بنديون ظاهر ڪيل ڪونهن، ۽ عملو به هڪ طرفو مقرر ٿيل آهي. اهي ڳالهيون نه اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جا ڪي ميمبر ڪري رهيا آهن، نه وري سنڌ جي ڪن قومپرستن جو ڪو اتحاد ڪري رهيو آهي، پر اهڙين غير قانوني حرڪتن جو اظهار پيپلز پارٽيءَ جو ئي هڪ اهڙو ماڻهو ڪري رهيو آهي، جنهن کي هن غلط بيانيءَ مان نه ڪو سياسي فائدو ٿيڻو آهي، نه وري ان کي ڪو مالي فائدو پوندو، پر هڪ نگران ڪاميٽيءَ جي سربراهيءَ ۾ هن جي مشاهدي ۾ جيڪي شيون آيون آهن، سي هو جيئن جو تيئن بنا ڪنهن ”مصلحت“ جي بيان ڪري رهيو آهي. ”مفاهمت“ پنهنجي جاءِ تي، پر مفاهمت تي مصلحت نه ڪرڻ جو هن دور ۾ حڪومتي حلقن مان شايد هي پهريون مثال آهي.

    لڳي ايئن ٿو ته ڄڻ سرڪار آدمشماريءَ واري عمل کي به شايد ايئن سمجهندي هجي، جيئن نوڪرين ۾ جيڪڏهن ڪي بي ضابطگيون ٿيون ته مڙئي خير آهي، جيڪڏهن وزارتن ۾ ڪنهن اتحاديءَ کي سرس حصو ڏئي ڇڏيوسين ته مڙئي خير آهي....آدمشماري انهن سمورين شين کان ان ڪري گهڻو مختلف ۽ گهڻي اهميت وارو عمل آهي، جو جيڪڏهن ان ۾ ڪي بي ضابطگيون ٿين ٿيون ته ان جو سنڌ جي مجموعي مفادن کي وڏو نقصان رسندو ۽ ڊگهي مدي تائين نقصان رسندو. خبر ناهي ڇو ان ڳالهه جي اهميت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي؟ اسان اها ڳالهه اڳ به لکي چڪا آهيون ته تمام گهڻيون شيون آهن، جن جو بنياد آدمشماري جي ايندڙ نتيجن تي هوندو. ناڻي ورڇ کان وٺي نين تڪبندين تائين جا سمورا معاملا هن آدمشماريءَ جي نتيجن تي بيٺل هوندا. سنڌ جي حوالي سان هن وقت جيترا نتيجا غيرقانوني ايندا، مستقبل ۾ سنڌ سان ايترو ئي غيرقانوني ورتاءُ ٿيندو رهندو.

    هن وقت جڏهن تاج حيدر، جيڪو خود پيپلز پارٽيءَ جي سينيئر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن جي نه فقط پنهن جي پارٽيءَ اندر، پر سموري سياسي ڪيڊر ۾ وڏي ساک آهي، ان جيڪي نشادهيون ڪيون آهن، انهن نشاندهين جي بنياد تي سنڌ سرڪار توڙي مرڪزي حڪومت کي ڪو ايڪشن کڻڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو جهڙي نموني سان پيپلز پارٽيءَ جي ئي ماڻهو گهر شماريءَ جي عمل واري تصوير ڏيکاري آهي، سا تصوير ٻين لاءِ ممڪن آهي ته سونهن ڀري هجي، پر سنڌ جي مستقبل لاءِ انتهائي خوفناڪ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو