دماغ کي نقصان پهچائيندڙ عادتون - BRAIN DAMAGING HABITS
ناشتو نه ڪرڻ (No breakfast) : ڪجهه ماڻهن خاص ڪري عرتن کي عادت هوندي آهي ته پاڻ کي سمارٽ رکڻ لاء ۽ مرد جلدي ۾ هجڻ ڪري ناشتو ڪونه ڪندا آهن. ناشتو نه ڪرڻ ڪري رت ۾ شگر جي ليول گهٽجي ويندي آهي جيڪا دماغ لاء نقصانڪار آهي.
وڌيڪ کاڌو کائڻ (Over Eating) : وڌيڪ کاڌو کائڻ سبب دماغ جون آرٽريز سخت ٿي وينديون آهن جنهن ڪري سوچ جي عمل ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي.
سگريٽ نوشي (Smoking) : سگريٽ نوشي دماغ کي سڪڙائيندي آهي ۽ Alzheimer جهڙي بيماري جو سبب بڻجندي آهي.
کنڊ يا مٺاڻ جو وڌيڪ استعمال : کنڊ يا مٺاڻ جو گهڻو استعمال پروٽينس ۽ غزايت جي جزن کي پاڻ سان ڳنڍائي دماغ جي نشونما کي روڪڻ جو ڪم ڪري ٿي.
هوا يا ماحول جي آلودگي يا گدلاڻ : اسان جي جسم ۾ دماغ سڀ کان وڌيڪ آڪيسيجن استعمال ڪندڙ آهي. ماحولياتي خاص ڪري هوا جي گدلاڻ آڪسيجن جي سپلائي کي گهٽائي ٿي جنهنڪري دماغ جي اهليت ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي.
بي آرامي (Sleep Deprivation) : ننڊ دماغ کي آرام ۽ راحت پهچائيندي آهي. گهڻي بي آرامي ۽ سجاڳي دماغ جي سيلس (brain cells) جي تباهي جو ڪارڻ بڻجي ٿي.
مٿي اگهاڙي سمهڻ : مٿي کي ڍڪي سمهڻ سان ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جي اهليت ۾ تيزي ۽ آڪسيجن جي حاصلات ۾ مشڪل ٿيندي آهي جيڪا به دماغ کي نقصان ڏيندڙ آهي.
بيماريء ۾ دماغ جو استعمال : بيماريء دوران سخت محنت ۽ پڙهڻ خاص ڪري دماغ ۽ سوچڻ جي سگهه کي وڌيڪ استعمال ڪرڻ سان دماغ جي اهليت ۽ سوچڻ جي سگهه ۾ گهٽتائي اچي ٿي. (سائين نثار ابڙو ۽ ادا رشيد کي ان ڳالهه جو ڌيان رکڻ گهرجي)
فڪري گهٽتائي (Lacking in stimulating thoughts) : فڪر ۽ گهڻي سوچ دماغ کي تربيت ڏيڻ جا ٻه مک ذريعا آهن، سوچ جو گهٽ استعمال ڪرڻ به دماغ جي سڪڙجڻ جو هڪ اهم سبب آهي.
تمام گهٽ يا تمام گهڻو ڳالهائڻ : اهي ماڻهو جيڪي بلڪل خاموش رهن ٿا ۽ اهي ماڻهو جيڪي تمام گهڻو ڳالهائن ٿا، ٻئي دماغ جي سوچڻ جي اهليت کي گهٽائن ٿا. تنهنڪري ڌيان رکڻ گهرجي ته ماڻهو وچٿرو رهي ۽ مون وانگر گهڻو ڳالهائڻ کان به پرهيز ڪري.