• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي
هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي
ڪالهَ هونَ جي اڄ هِنَ جي ميت وڃي رهي آهي

هن حياتي تي ڀلا ڪهڙو ڪجي ڪو ڀروسو
ناگهاني موت نوان نوا رنگ ڏيکاري رهي آهي

عفلت جي ننڊ ستو پيو آهي اڄوڪو انسان
هر طرح جي حادثن سان رحمت جاڳائي رهي آهي

وقت وڃڻ کان پهريان پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺ
ره ساه سان موت هڪ قدم تو ڏي وڌي آهي

هر ساه موت ڏي هڪ قدم، آهي فرمان علي عه
زندگي موت جي قُربت ۾ وڃي رهي آهي

ڏاڏل تنهنجي طويل اميدن جو احتساب ٿيندو
هر گهڙي جا حقيقت سان اُلجهدي رهي آهي​
 
جواب: هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي

هن حياتي تي ڀلا ڪهڙو ڪجي ڪو ڀروسو
ناگهاني موت نوان نوا رنگ ڏيکاري رهي آهي
تمام بهترين
 
جواب: هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي

هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي
هر طرف کان هر پل اها صدا هلي رهي آهي
ڪالهَ هونَ جي اڄ هِنَ جي ميت وڃي رهي آهي

هن حياتي تي ڀلا ڪهڙو ڪجي ڪو ڀروسو
ناگهاني موت نوان نوا رنگ ڏيکاري رهي آهي

عفلت جي ننڊ ستو پيو آهي اڄوڪو انسان
هر طرح جي حادثن سان رحمت جاڳائي رهي آهي

وقت وڃڻ کان پهريان پنهنجو پاڻ کي سنڀالي وٺ
ره ساه سان موت هڪ قدم تو ڏي وڌي آهي

هر ساه موت ڏي هڪ قدم، آهي فرمان علي عه
زندگي موت جي قُربت ۾ وڃي رهي آهي

ڏاڏل تنهنجي طويل اميدن جو احتساب ٿيندو
هر گهڙي جا حقيقت سان اُلجهدي رهي آهي​

واه ادا ڏاڏل
شال خدا اسان کي ان فڪر ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري
 
Back
Top