• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عشق دي الفِي پاڪي نچدا نچدا وي (ڪافي) زيب نظاماڻي

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم، دوستو محترما زيب نظاماڻي صاحبه جي هي تمام ڀلوڙ سرائيڪي ڪافي جيڪا توهان سڀني فيس بُڪ جي سنڌي ساٿين سان چترڪاري جي صورت ۾ ونڊ پيو ڪريان ، ان ڪافي جو شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان هڪڙو باقائده ٽريڪ ٺهرايو آهي جيڪو سُنگهه جي صورت ۾ سڀني ساٿين ڳايو آهي هن ڪافي جي باقائده ڌُن جي شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان جي صدر ۽ نامور موسيقار راڳي ۽ شاعر محترم رفيق آس لغاري ٺاهي آهي توهان دوستن کي سُڌ ڏيندو هلان ته شاهه لطيف سنگيت ڪلب ٽنڊو محمد خان جي سرپرست اعلي سانئڻ زيب نظاماڻي صاحبه آهي هن ڪافي ڳائڻ ۽ ٻُڌڻ سان هرڪو ماڻهو سرمستيءَ ۾ جهومڻ شروع ٿيو وڃي سانئن زيب نظاماڻي صاحبه جو اهو خاصو آهي ته سانئڻ زيب هن دور جي واحد سنڌياڻي شاعره آهي جنهن کي ڪيترين ئي ٻولين ۾ شاعري ڪرڻ تي عبور حاصل آهي اسان هن دور ۾ سنڌجي هن خاتون + شاعره کي بجا طور هفت زبان شاعره چئي سگهون ٿا دوستو توهانکي سندس هي سرائڪي شاعري ڪيئن لڳي اميد ته سُٺي لڳي هوندي​

محبت والا ميلا مچدا مچدا وي
عشق دي الفِي پاڪي نچدا نچدا وي
شاعره: زيب نظاماڻي​

216376_10150175975588216_794048215_6767630_7822944_n.jpg
 
Back
Top