آءِ بي اي سکر ” سنڌ ۾ اعلى ۽ معياري تعليم ڏانهن هڪ ڪامياب قدم“

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    [JUSTIFY]اتر سنڌ ۾ سال 1994ع ۾ سکر آءِ بي اي نالي هڪ اهڙي اعلى تعليمي اداري جو قيام عمل ۾ آيو، جنهن سان سنڌ جي تعليمي ميدان ۾ هڪ نئين علمي سوچ ۽ فلسفي جو بنياد پيو. هن اداري جو اصل بنيادي مقصد سنڌ سميت پاڪستان جي پٺتي پيل علائقن خاص ڪري ٻهراڙيءَ جي نوجوانن کي اعليٰ ۽ هنري تعليم تائين رسائي ڏيڻ آهي. هن ملڪ جي غريب نواجوانن کي بنيادي شعبن خاص ڪري بزنس ايڊمنسٽريشن، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن انجنيئرنگ جهڙن نج سائنسي ۽ سماجي شعبن ۾ تعليم ڏيئي اڄوڪي گلوبل وليج ۾ پنهنجو پاڻ مڃرائڻ آهي.

    سکر آءِ بي اي جو قيام ” اهليت، معيار ۽ شاندار ڪارڪردگي“ نه رڳو سنڌ جي غريب ۽ محنتي نوجوانن لاءِ آهي پر پاڪستان سميت دنيا جي انهن سمورن نوجوانن لاءِ آهي جيڪي دنيا جي نالي وارن تعليمي ادارن جون ڳاٽي ٽوڙ فيون برداشت نٿا ڪري سگهن. هن اداري ۾ ڪو به اهل ۽ علم جو پياسي نوجوان وسيلن جي کوٽ ۽ طبقاتي فرق جي ڪري اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ کان رهجي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته هتان جي روشن خيال ۽ علم دوست انتظاميا انهن نوجوانن جا خرچ پاڻ برداشت ڪري ٿي جيڪي واقعي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا.

    سکر آءِ بي اي پاڪستان جو پهريون اعليٰ تعليمي ادارو آهي جنهن پنهنجي انهن شاگردن ۽ غريب نوجوانن لاءِ فائونڊيشن پروگرام شروع ڪيو آهي جيڪي دنيا جي اعليٰ تعليمي معيارن کان واقف نه آهن. خاص ڪري ٻهراڙين ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ بنيادي تعليم تي ڌيان نه ڏيڻ ۽ انٽرميڊيٽ تائين ڪاپي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ سان اڄ جا اهي نوجوان تعليمي ميدانن ۾ نااهل ٿي وڃن ٿا. اهڙن نوجوانن ۾ اها اهليت نٿي رهي جو هو ڪنهن يونيورسٽي يا سٺي هنري تعليم واري اداري جي داخلا واري ٽيسٽ پاس ڪري سگهن. گذريل چئن سالن کان سکر آءِ بي اي فائونڊيشن پروگرام ذريعي تمام وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن. جنهن ۾ 60 سيڪڙو غريب نياڻيون ۽ 40 سيڪڙو غريب نوجوان ريگيولر ڊگري پروگرام ۾ داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. سکر آءِ بي اي مان ڊگريون وٺي هن مهل تائين ڪيترائي شاگرد بين الاقوامي ڪمپنين ۾ نوڪريون حاصل ڪري معاشي ۽ سماجي ترقي ۾ حصو وٺي رهيا آهن.

    سکر آءِ بي اي 25 ايڪڙ خوبصورت ۽ سرسبز ماحول واري جڳهه تي جڙيل آهي. جنهن ۾ ٻه تعليمي بلاڪ آهن. پهرين تعليمي بلاڪ ۾ 22 ۽ ٻئي تعليمي بلاڪ ۾ 26 ايئرڪنڊيشن ڪلاس روم آهن جن ۾ سائونڊ سسٽم، ملٽي ميڊيا پروجيڪٽرن ۽ 24 ڪلاڪ هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ سهولتن سان شاگردن کي تجرباتي، مشاهداتي ۽ عملي انداز سان پڙهايو وڃي ٿو. اداري جي انتظامي امورن خاص ڪري مهمانن جي بريفنگ ۽ ٻين مقصدن لاءِ خاص ڪانفرنس روم ٺهيل آهن جتي وڊيو ڪانفرنس ذريعي دنيا جي ڪنهن ملڪ مان ڪو به تعليمي ماهر سکر آءِ بي اي جي شاگردن کي ليڪچر ڏيئي سگهي ٿو. هن سهولت جي ذريعي نيون تعليمي راهون کلڻ ڪري استاد ۽ شاگرد هر نئين ايجاد ۽ تعليمي ٽيڪنڪ کان واقف رهن ٿا. سکر آءِ بي اي جي لائبريري 25 هزار نصابي ڪتابن، 25 بين الاقوامي ريسرچ جنرل، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ريسرچ ڪارنر ۽ ٻين سهولتن سان آراستا هڪ اهڙي خاموش ۽ ڊسيپلين واري جڳهه آهي جتي شاگرد پنهنجون تعليمي ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. هن سان ڊجيٽل لائبريري ايڪسس، ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل ۽ ريسرچ ليب پڻ موجود آهن.

    سنڌ گورنمينٽ جي سهڪار سان 50 ڪمرن تي ٻڌل هڪ نئين ۽ خوبصورت گرلز هاسٽل هن اداري کي تحفي ۾ ملي جنهن ۾ 150 نياڻين جي رهڻ جي گنجائش موجود آهي جڏهن ته 500 شاگردن کان مٿي رهڻ جون سهولتون اداري جي بوائز هاسٽلن ۾ موجود آهي۔[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان

    [JUSTIFY]هڪ ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي ته محترم نثار ميمڻ جون ڪاوشون هن اداري لاء ساراهه جوڳيون آهن جن پنهنجي ڪمشنري واري دور کان وٺي خاص ڪوششون ورتيون ۽ هن وقت پاڻ هن اداري جا سربراهه پڻ آهن۔ مان پڻ پنهنجو پاڻ کي خوش نصيب ٿو سمجهان جو هن اداري ۾ هڪ سيمسٽر تائين پڙهائڻ جو شرف حاصل ٿيو ۽ جڏهن سوئي گيس ۾ جاب ملي ته اتان ڇڏي ڪراچي آياسون۔[/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آءِ بي اي سکر ” سنڌ ۾ اعلى ۽ معياري تعليم ڏانهن هڪ ڪامياب قدم“

    ادا بس الله ڪري ته اهڙا ٻيا به ادارا ٺهن ته جيئن سنڌ اندر به پڙهائي جو رجهان عام ٿئي

    لاجواب ونڊ آهي سائين

    جاري رکجو
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آءِ بي اي سکر ” سنڌ ۾ اعلى ۽ معياري تعليم ڏانهن هڪ ڪامياب قدم“

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو