• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

2 ڊبل ڊور گاڏين ۾ سوار هٿياربندن ڇتي فائرنگ ڪئي:ڳوٺاڻا

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
22-Sanghar.jpg

شهادت واري واقعي بابت آسپاس جي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان شديد قسم جي فائرنگ ٻڌي پهتاسين ته ٻن ڊبل ڊورگاڏين ۾ سوار هٿياربند گاڏي مٿان شديد فائرنگ ڪري رهيا هئا ۽ اچانڪ گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن بعد گاڏين ۾ سوار ماڻهو هليا ويا، جنهن بعد اسين اتي پهتاسين ته هڪ نوجوان دانهون ڪري رهيو هو ته اسين جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهيون اسان کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد گڏ ٿيل ماڻهن زخمي کي فوري طور رڪشا ۾ چاڙهي اسپتال پهچايو، پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس هڪ ڪلاڪ بعد آئي، جن گاڏين فائرنگ ڪئي اهي ان ڪار جي پويان اچي رهيون هيون، ڳوٺاڻن زمين ۾ بيٺل پاڻي سان گاڏي جي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گاڏي ۾سوار 3 قومي اڳواڻ مڪمل طور سڙي چڪا هئا، بعد ۾ فائر برگيڊ گهرائي گاڏي جي باهه وسائي لاش ڪڍيا ويا

روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: 2 ڊبل ڊور گاڏين ۾ سوار هٿياربندن ڇتي فائرنگ ڪئي:ڳوٺاڻا

هي حادثو جيڪو پڪ سان ئي پنجابين جي حمايتي ايجنسين پاران ڪيو ويو آهي ۔۔۔ پاڪستان جون ايجنسيون اهڙا قهر، سنڌ ۾ ڪرڻ جون عادي آهن ۔۔۔ هنن سهڻن سنڌين ۾ روپلو چولياڻي پڻ شهيد ٿيو آهي ۔۔۔ سندس وڊيو ڏسي خيال ٻڌي سگهجن ٿا ۔۔۔

اي سنڌ توکي ڀيٽ ڏنا ڪنهن ماڪ ڦڙا ڪنهن رت ڦڙا
جن توکي پنهنجو سر ڏنو، سي سڀ کان پاڻ ملهائي ويا ۔

 
جواب: 2 ڊبل ڊور گاڏين ۾ سوار هٿياربندن ڇتي فائرنگ ڪئي:ڳوٺاڻا

سائين هي قهري ڪاروايون اسان کي خبر ناهي ڪيسيتائين ڀوڳڻيون پونديون اسان هنن کان ڪڏهن آزاد ٿينداسين ؟
هي ڳاله سمجه اچي ٿي پئي ته هي ڪاروائي ايجنسين جي مرهون منت آهي ۽ اسان جانام نهاد اڳواڻ جن ۾ نه همت آهي نه غيرت، جن کي ماءُ جي اکين ۾ رت ڦڙا ڏسي به ڪو ڪهڪاءُ ڪونهي۔ هي ڪڏهن اسان کي مهاجرن کان ته ڪڏهن اسان کي پٺاڻن کان ڪسندو ڏسي به مسلحت جي نالي ته اسان جي خونن جا اقتدار لاء سودا ڪيا آهن ۔ هي رت ڦڙا ان ماء کان پڇو جا هر رات رُني آهي جي ساه هو رهي آهي ۔
۽ اسان جي حقيقت به ته هن شعر جهڙي آهي
نه هاٿون ۾ جنبش نه پاؤن ۾ زور خدا تيري دشمن سي ڪيسي هم لڙين
بس دعا ڪرتي هين ليٽي ليٽي ، خدا ڪري دشمن ڪي توپون ۾ ڪيڙي پڙين
 
Back
Top