ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن

شهادت واري واقعي بابت آسپاس جي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته اسان شديد قسم جي فائرنگ ٻڌي پهتاسين ته ٻن ڊبل ڊورگاڏين ۾ سوار هٿياربند گاڏي مٿان شديد فائرنگ ڪري رهيا هئا ۽ اچانڪ گاڏي کي باهه وڪوڙي وئي، جنهن بعد گاڏين ۾ سوار ماڻهو هليا ويا، جنهن بعد اسين اتي پهتاسين ته هڪ نوجوان دانهون ڪري رهيو هو ته اسين جيئي سنڌ جا ڪارڪن آهيون اسان کي قتل ڪيو ويو آهي، جنهن بعد گڏ ٿيل ماڻهن زخمي کي فوري طور رڪشا ۾ چاڙهي اسپتال پهچايو، پوليس کي اطلاع ڪيو پوليس هڪ ڪلاڪ بعد آئي، جن گاڏين فائرنگ ڪئي اهي ان ڪار جي پويان اچي رهيون هيون، ڳوٺاڻن زمين ۾ بيٺل پاڻي سان گاڏي جي باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر گاڏي ۾سوار 3 قومي اڳواڻ مڪمل طور سڙي چڪا هئا، بعد ۾ فائر برگيڊ گهرائي گاڏي جي باهه وسائي لاش ڪڍيا ويا
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان