ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
ضمير جي پڪار جاويد هاشمي جو پارليامينٽ ۾ خطاب
چوندا آهن ته ڀلي ڀلي ڀاڻ آئي سا به نه ڀلي . هڪ شرعي مسئلو آهي ته جي اوهان کي پير ۾ جُتي پائڻي آهي ته شريعت مطابق پهريان سڄي پير ۾ پائڻ گهرجي ، پر جي اوهان غلطي سان جُتي سڄي پير جي بجاءِ کاٻي پير ۾ پاتي آهي ۽ اوهان کي ياد اچي وڃي ته نه جُتي مونکي پهريان سڄي پير ۾ پائڻي هئي مون غلطي ڪئي آهي ۽ پوءِ ان جو تدارڪ ڪندي پاتل جُتي کي لاهي پهريان سڄي پير ۾ جُتي پاتي ته ان جو ثواب اڃان وڌيڪ آهي. مون ڪنهن سالڪ کان اهو سوال ڪيو هو ته گناه ۽ ثواب جو فلسفو ڇا آهي ته ان چيو گناه اهو هوندو آهي جيڪو اوهان جي دل کي سخت ڪري ۽ اهو عمل جنهن سان دل ۾ مُثبت تبديلي اچي، جنهن سان اوهان جي طبيعت ۾ تبديل اچي يا ٻين لفظن ۾ انسان ڪنهن سُٺي عمل جي طرف پاڻ کي موڙي۔ هاڻي هي جيترو ان عمل ڏي مُڙندو ان کي اوترو ثواب ٿيندو آهي. جيئن هڪ سالڪ ٻڌايو ته جي اوهان ڏسڻ گهرو ٿا ته توهان جي توبه قبول ٿي يا نه، اهو اوهان ڏسي سگهو ٿا . جنهن ڪم کان اوهان توبه ڪئي آهي جي اهو ڪم اوهان کان ڇڏائجي ويو ته سمجهو توهان جي توبه قبول پر جي بس جي ڊرائوير جيان توهان گاڏي ۾ ويهندي ئي ڪنن ته هٿ هنيا ۽ سڏو وري هٿ وڃي ٽيپ تي لڳو ۽ گانو شروع ته اها اها توبه آهي جنهن کي توبه ڏسي ڪري به توبه ڪندي آهي .
اها به هڪ هقيقت آهي ته بي ضميري کان باضمير تائين جو سفر ڪرڻ ڪو آسان ڪونهي ۔سالن ان کي جهادِ اڪبر چيو آهي ڪن ان کي روحاني يا باطني هجرت پڻ چيو آهي ۔
جاويد هاشمي جو پنهنجي ليڊر شپ توڙي پنهنجي معافي وٺڻ وارو بيان ٻڌائي ٿو ته هن جي ضمير جي آواز هن کي جاڳائي وِڌو آهي سو هاڻي هن کي چريو ته چوندا . ڇو جو جنهن به حق جي ڳاله ڪئي اصل ۾ اهو ئي چريو آهي هي عرب توڙي عجم مغرب توڙي جنوب و شمال سڀني جو قائدو آهي ته جيڪو سچ چوي ان کي چريئي جو خطاب ضرور ڏيڻو آهي .
پر جنهن هن جي مزي کي ماڻيو سو سولي تي چڙهي به مُرڪندو آهي ۔ ڪنهن جي اڳيان ڪنڌ جهڪائڻ پنهنجي غيرت کي ان جي حوالي ڪرڻ هوندو آهي ۔ ان لاءِ غيرت مند سر ڏئي پنهنجي مقصد کي بچائيندو آهي ۔ ٻيو هاشمي جو چوڻ ته صوبن ٺاهڻ ۾ ڪا قباحت ڪانهي اها بلڪل واضع حقيقت آهي هن ملڪ کي وڏي ڀاءُ جي نالي تي کوکلو ڪندڙ صوبو جنهن جي ڪري هي ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو ۔جنهن جي ڪري هن ملڪ م ڪڏهن جمهوريت اڳتي نه هلي سگهي۔ جي جمهوريت توڙي ماڻهن جي حقن ۾ صوبا رُڪاوٽ آهن ته اهڙن صوبن کي ٽوڙي ڊڪٽيٽرن جا رستا بند ڪيا وڃن۔ هنن صوبن کي ختم ڪري ماڻهن جي مشڪلات ۾ گهٽتائي آندي وڃي۔ آءُ ته اهو به چوان ٿو ته صرف صوبا نه پر هيٺان کان وٺي مٿي تائين ضلعن توڙي تعلقن جي تعداد ۾ واڌ ٿيڻ گهرجي . ان جي وجه اها آهي ته آبادي وڌندي ٿي وڃي هڪ ماڻهون جڏهن ضلعي آفيس مان ڪو ڪم ڪرائڻ وڃي ٿو ته ان کي ڪيترو پري جو سفر ڪرڻو ٿو پوي ڪيترو خرچ ڪرڻو ٿو پوي اها ڳاله ڪنهن کان ڍڪيل ڇُپيل ڪانهي۔
هن پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو آهي ته ان جي ڪري سنڌ ۽ بلو چساتان سان ناانصافي ٿي رهي آهي ان ۾ ڪو شق ناهي ته هن وقت واويلا ڪري هن ظالم ڀاءُ جنهن هميشه ظالمن جو ساٿ ڏنو آهي کان جان ڇڏائي وڃي۔ هن هڪ ٻئي راز کي پڻ فاش ڪيو آهي ته هن ن حڪمرانن پنهنجي آکاڙن ( رائي ونڊ) لاءِ ڏه ڏه عرب رپيا خرچ ڪري روڊ رستا ٺهرايا آهن ۔ هنن هن ملڪ ۾ انتها پسندي کي هميشه هوا ڏني آهي ۔ بحرحال هي ڏسڻو پوندو ته آواز هاشمي جي ضمير جي آواز آهي يا سياسي بيان ان کي به آزمائڻ جا ڪئي طريقا آهن ۔
جي هاشمي کي پاڳل ،چريو ، ديوانو يا مجذوب جو ايوارڊ ڏنو ويو ته سمجهڻ گهرجي ته هن جي ضمير جي صدا آهي جي هن کي مذڪوره القابات سان نه نوازيو ويو ته سمجهو هي به هڪ پارٽي جي طرفان سياسي بيان آهي .
هن جي جرئت ڪاله جڏهن هن ڊڪٽيٽر سان اکيون اکيون ملائي سچ ٿي چيو ته مشهور آهي هن کي باغي چئي جيل ۾ بند ڪيو ويو ته هر ڪنهن هن کي حُر ٿي چيو ۽ اڄ جي هو پنهنجي پارٽي جي ليڊرن کي سچ ٿو چوي ته هي پاڳل وغيره جو انعام ته وٺندو. هن جو هي چوڻ ته جنهن جا ملڪ ۾ اثاثا ناهن انهن ماڻهن کي يا ته ونهنجا اثاثا ملڪ ۾ آڻڻ گهرجن يا انهن کي ملڪ جي اڳواڻي جو اهل نه سمجهيو وڃي هڪ بهترين طريقو آهي جنهن سان هنن ڀاڄوڪڙن توڙي چورن کان جان ڇُٽي پونيدي۔
هن جو چوڻ آهي ته ملڪ جي صورتحال ڳنڀير آهي اهو بلڪل دُرست آهي۔ بلوچستان ڏينهنون ڏينهن هٿن مان نڪرندو ٿو وڃي سنڌ سان جا ويڌن آهي سا به لڪل ڪانهي اسان جا حڪمران نالي ماتر سنڌي آهن جن کي شايد ضمير ته آهي ئي ڪو نه هنن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ هر هڪ جي هيٺان ليٽن سکي ورتو آهي سو هي ڪير آهن انهن لاءِ سڀڪو پاڻ الفاظ ڳولي مونکي ته شرم ٿو اچي ۔ اسان جي قوم پرست ليڊرن کي سرڪاري ڳجهي ادارن جا اهلڪار ڳوليون هڻي انهن جا لاشن کي ساڙن ٿا ته بدلي ۾ هي اسان کان ڪهڙي موت ماڻيندا ۔ هن وقت ملڪ جنهن ٽريڪ تي چڙهيل آهي مشڪل ٿو لڳي ته ڪجه سال اڳتي هلي سگهنداسين ۔