ڪاوش هڪ ڪامياب ڪهاڻي! اشفاق آذر آئون تن ڏينهن ۾ ڄامشوري ڦاٽڪ جي هڪ هوٽل جي ڪمري ۾ رهندو هئس، ڪاوش ۾ اهي منهنجا شروعاتي ڏينهن هئا، تن ڏينهن ۾ مٿي تي وار به ڪجهه ججها هوندا هئا ۽ اکين جي چشمي جو نمبر به گهٽ هو. منجهند ڌاري ڄامشوري ڦاٽڪ تان گاڏي ۾ چڙهبو هو ۽ ڄامشوري پل تان درياهه بادشاهه جو نظارو ڪندي وڃي صدر ۾ لهبو هو. رستي ۾ ڪتابن جي اسٽالن تي نظر ڦيرائبي هئي ته ڪڏهن شبير برياني جي پليٽ کي ٻرو ڏيندي ڪيفي جارج مان چانهن جي چسڪي پي پنهنجي دفتر پهچبو هو. دفتر پهچڻ کانپوءِ اول ته اخبارن جو فائل هٿ ڪري خبرن کي ڏسبو هو ۽ پوءِ ايڊيٽوريل پيج جو وارو ايندو هو. ٽيپهري ڌاري دفتر آباد ٿيڻ شروع ٿيندو هو ۽ ڊيسڪ وارا دوست واري واري سان ايندا ويندا هئا، پوءِ دينوءَ جي ڳولا ڪبي هئي، جيڪو سڀني دوستن جي پهچڻ کانپوءِ چانهن تيار ڪيو ٽري ۾ کنيو ايندو هو. ايئن سنگل ڪالم، ٽي ڪالم خبر، ليڊ، سپر ليڊ جي تڪرار کان ويندي پيسٽنگ تائين جي مرحلن ۽ ويندي ڪاپي لهڻ تائين جهڙوڪر ميلو متل هوندو هو. ان وچ ۾ نياز صاحب جا دڙڪا دهمان به گونجندا هئا ته يعقوب صاحب جون صدائون به ٻڌڻ ۾ اينديون هيون، سترام مهيشوري جي پنن مٿان پين جي گهل گهلان لڳي پئي هوندي هئي. مطلب ايئن ڪونه لڳندو هو ته اسين ڪنهن اخبار جي دفتر ۾ آهيون، پر ايئن محسوس ٿيندو هو ڄڻ هڪ اهڙي گهر ۾ آهيون جتي سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪم به ڪرڻو آهي ته ان ڪم کي انجواءِ به ڪرڻو آهي...نيوز ڊيسڪ کان ايڊيٽوريل پيج تائين ۽ بعد ۾ ڪي ٽي اين کان ڪي ٽي اين نيوز تائين هن ساٿ جي سفر ۾ گهڻو ڪجهه بدليو آهي، پر جيڪڏهن ڪجهه نه بدليو آهي ته اهو هن اداري جو مزاج آهي، جيڪو سالن پڄاڻان به جيئن جو تيئن آهي. گذريل 19 سالن دوران ڪاوش ڇا ڪيو آهي، ان باري ۾ ڪافي ڪجهه ڇپجي ۽ ڳالهائجي چڪو آهي. ڪاوش هڪ ٽرينڊ سيٽر اخبار کان ويندي ڄاڻ جي اوپن يونيورسٽي ۽ هڪ وسيع اشاعتي ۽ ميڊيا اداري تائين جي سفر ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون ڏٺيون ۽ ڪهڙيون حاصلات ڪيون، تنهن جي باري ۾ پڻ ڪيترائي پنا ڪارا ٿي چڪا آهن. آئون جيڪا ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو سا اها ته ڪاوش کان اڳ واري سنڌ جيڪڏهن پنهنجي تسلسل ۾ هلندي اچي ها ته يقين ڄاڻو اسين هڪ مختلف سنڌ ۾ رهندڙ هجون ها. هڪ اهڙي سنڌ جيڪا پنهنجي قدرن توڙي بنيادي فڪر کان ڪوهين ڏور هجي ها. ڪاوش کان اڳ وارو زمانو هڪ اهڙو دور هو جڏهن نه رڳو صحافتي حوالي سان سنڌ بي يار و مددگار هئي، پر سياسي ۽ سماجي حوالي سان پڻ ڀڃ ڊاهه جو شڪار هئي. حڪمراني جي غلط انداز روش کان ويندي سنڌ جي حقن تي ظالماڻي انداز سان ٿيندڙ ڪاهه ۽ سماجي سطح تي ڦهليل براين بڇڙاين ۽ ڪڌن ڪرتوتن تائين هڪ اهڙي سنڌ هئي، جنهن جو حليو ملڪي آئين وانگر بگڙجي چڪو هو. اهڙي قحط الرجال واري دور ۾ ڪاوش جي شروعات انهن سمورن مدي خارج صحافتي قدرن توڙي سياسي ۽ سماجي حوالي سان يتيمي جو شڪار سنڌي ماڻهن لاءِ ڪنهن واهرو کان گهٽ ڪونه هئي. مونکي ان بابت ڪاوش جي ڪاوشن جو حوالو ڏيڻ ضروري ناهي ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون سڀني کي خبر آهن ته ڪاوش سنڌ جي مسئلن تي ڪيئن پنهنجي ڪاروباري اصولن کي به پاسيرو ڪيو ۽ ڪيئن نقصان برداشت ڪري به سنڌ جي ماڻهن کي سجاڳ رکڻ جو فرض ادا ڪيو پر سنڌ جيڪڏهن جديد فڪري بنيادن تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ هڪ نئين رخ سان مسئلن ڏانهن نهار ڪئي ته ان جي پويان ڪاوش جو ئي هٿ هو. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي ڀيل ٿيڻ واري عمل کي ڪنهن قدر ٻنجو اچي سگهيو. هي ان دور ۾ ڪنهن اداري جي سڪسيس اسٽوري آهي، جنهن دور ۾ سمورا ادارا زوال پذير هوندا هئا، ڀلي اهي سياسي هجن يا سماجي، ماڻهن لاءِ اهڙو ڪو دڳ يا پليٽ فارم ڪونه رهيو هو، جتان سندن مسئلن جي داد رسي ٿي سگهي. اهو ئي سبب هو جڏهن هنن ڪاوش وسيلي پنهنجا مسئلا حل ٿيندي پنهنجين اکين سان ڏٺا ۽ کين هن اخبار وسيلي رليف ملڻ لڳو ته پوءِ هنن ڪاوش کي ئي پنهنجو مسيحا تصور ڪري ورتو. اها پنهنجي جاءِ تي انهن سمورن ادارن مٿان عدم اعتماد جي ڳالهه هئي جيڪي عوام کي رليف ڏيڻ جا ذميوار آهن. سنڌ ۾ پنهنجي ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ ڏک کي ڪنهن سگهه ۾ بدلائڻ جي روايت ڪانه هئي، ماڻهو پنهنجي مٿان ٿيل ناانصافين توڙي ڏاڍ، جبر ۽ ظلم کي برداشت ڪري لکي جو ليک سمجهي ويهي رهندا هئا، پر پوءِ ڪاوش پاران ٽنڊو بهاول جي رپورٽ ڪيل واقعي سنڌ جي هڪ نئين تاريخ کي جنم ڏنو. اها تاريخ جيڪا رت سان لکي وئي، ماڻهن جي اندر جي انهيءَ ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي ڪاوش هڪ نئون جذبو، هڪ نئون رخ ڏيئي ڇڏيو، جيڪو هيو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ احتجاج ڪرڻ، جاکوڙڻ...ڏسندي ئي ڏسندي اهي روڊ رستا جيڪي ويران رهندا هئا، سي نعرن ۽ حقن جي حاصلات جي جدوجهد لاءِ مارچ توڙي ريلين سان سٿجي ويا. اهي پريس ڪلبون جتي ماڻهو ورلي ڪا پريس رليز جمع ڪرائڻ ويندا هئا يا قسمتي ڪا پريس ڪانفرنس ٿيندي هئي تن جي اڳيان بينر هڻي احتجاج ۽ بک هڙتالن جو طويل سلسلو شروع ٿي ويو...هي انهي سماجي جاڳرتا جي شروعات هئي، جنهن جي اندر هڪ نئين سنڌ ساهه کڻي رهي هئي. پوءِ پنهنجي سانڀر ۾ اهي واقعا ڪي نوان ناهن جڏهن انهن احتجاجن وسيلي ۽ ڪاوش پاران رپورٽ ڪيل انهن واقعن جي آڌار تي ماڻهن کي انصاف ملڻ لڳو، خلق خدا جا مسئلا حل ٿيڻ لڳا ۽ ماڻهن ۾ اها سمڪ پيدا ٿي ته رڳو ماٺ ڪري ويهي رهڻ سان مسئلا حل ناهن ٿيندا. هاڻي هي جيڪا سماجي چرپر يا سرگرمي شروع ٿي تنهن سنڌ جي رويي کي هڪ نئين انداز جو تعارف ڏنو. هن سفر دوران ڪيتريون ئي مدي خارج روايتون پڻ ڀڄي ڀورا ٿيون، جيڪڏهن بيٺل پاڻي ۾ پٿر اڇلائجي يا شيشي کي ڌڪ هڻجي ته ان جو آواز ته بهرحال ٿيندو آهي، سو اهي روايتون جڏهن ٽٽڻ شروع ٿيون ته تبديلي نه چاهيندڙ ڪجهه ماڻهن مختلف الزام لڳائڻ ۽ خلق کي گمراهه ڪرڻ جا شوشا ڇڏڻ شروع ڪيا، ڪڏهن پريمي جوڙن جي نالن تي، ڪڏهن قبيلائي تڪرارن جي آڙ وٺي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڪاوش سنڌ جو اميج خراب ڪري رهي آهي...انهن ماڻهن جون اهي ڪوششون به سنڌ جي عوام اهو چئي رد ڪري ڇڏيون ته اخبار سماج جو آئينو هوندي آهي ۽ جنهن ماڻهو کي ان آئيني ۾ پنهنجو ڪوجهو عڪس نظر اچي ٿو ته ان ۾ آئيني کي ڏوهه ڏيڻ جي بدران پنهنجي عڪس کي سڌارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. اهي غلط تاثر جيڪي هن اخبار جي حوالي سان ماڻهن جي ذهنن ۾ ويهارڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي سي هاڻي پنهنجو موت پاڻ مري چڪا آهن، اها ڪاوش اخبار جيڪا ڪڏهن هڪ يا ٻن رپين کان شروع ٿي ۽ 4 صفحن جي اخبار هوندي هئي سا هاڻي 12 صفحن جي ٿي چڪي آهي پر ماڻهن جو پيار هن اخبار سان اڄ به ساڳيو آهي. ظاهر آهي ته ماڻهن سان ڪمٽمينٽ ۽ کين سندن حقن کان باخبر رکڻ واري انهي سفر ۾ ڪاوش کي وقت بوقت ڳري قيمت به ادا ڪرڻي پئي، جنهن ۾ اخبارن جا بنڊل به ساڙيا ويا ته دفترن مٿان حملا پڻ ڪيا ويا. هن اداري سان واڳيل ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس ڪري ڌمڪائڻ جو هڪ طويل سلسلو به شروع ڪيو ويو پر ان کان به اڳتي وڌي هن اداري جيڪا سڀ کان ڳري قيمت ادا ڪئي سان انهن ساٿين جو وڇوڙو هو جيڪي پنهنجين جانين جو نذرانو ڏيئي ويا. هن اداري جا اهڙا ڪيترائي ماڻهو آهن جن جون جانيون ۽ جوانيون هن اداري سان نڀائيندي گذريون، مون کان اڄ به اهي ساٿي نٿا وسرن جن سان گڏجي خبرن جي هن جهان ۾ آواره گردي ٿيندي هئي. اهو چاهي ڪنڌڪوٽ جو رپورٽر شهيد شاهد سومرو هجي يا شڪارپور جو اڙٻنگ رپورٽر شهيد امير بخش بروهي هجي...شڪارپور منهنجي جنم ڀومي رهي آهي، ان ڪري شهيد امير بخش بروهي کي آئون ان وقت کان سڃاڻان جڏهن هن اڃان هن اداري ۾ پير نه رکيا هئا. هو پنهنجي وضع قطع، حلئي توڙي اٿڻي ويهڻي ۾ توهان کي ڪنهن به ريت صحافي ڪونه لڳندو هو، پر جڏهن هو خبرن جي پويان لڳندو هو ته هن جي شخصيت هڪدم مٽجي ويندي هئي. جيتوڻيڪ هن جي لکيل گلابي سنڌي واري خبرن جا فيڪس پڙهي اڪثر ڪري نيوز روم ۾ ٽهڪڙو مچندو هو، پر هن جي خبرن جي رد عمل تي اڪثر ڪري ٽاڪوڙو مچي ويندو هو. آئون جڏهن به شڪارپور ويندو هوس ته الائي ڪيئن کيس خبر پئجي ويندي هئي ۽ پوءِ هو پنهنجي کليل جيپ تي چڙهي وڏا وار لهرائيندو ڪٿي نه ڪٿي اچي ڳولي لهندو هو، پوءِ سندس جيپ تي چڙهي اول ته شهر جو چڪر ڏبو هو ۽ پوءِ ڪنهن هوٽل تي ويهي چانهن جي چسڪين سان گڏ اوڀاريون لهواريون ڪبيون هيون...آئون ڪاوش کانپوءِ جڏهن ڪي ٽي اين ۾ آيس تڏهن به امير بخش بروهي جا چهچٽا ۽ زنده دلي ساڳي هوندي هئي... مونکي ياد آهي ته سندس وڇوڙي جي خبر جڏهن نيوز روم ۾ پهتي هئي ته آئون آفيس ۾ ويهي نه سگهيو هئس ۽ ٻاهر اچي اوڇنگارون ڏيئي روئي پيو هئس...سندس وڇوڙي کانپوءِ جڏهن به شڪارپور وڃڻ ٿيو تڏهن ايئن لڳندو هو ته اجهو ڪٿان امير بخش بروهي کليل جيپ تي وڏا وار لهرائيندو اچي نڪرندو ۽ ٽهڪ ڏيئي چوندو...”لالا..سڄو شهر ڳولي آيو آهيان پاڻ هتي ويٺا آهيو، هلو ته هلون...“ پر پوءِ نه ته ڪارو چشمو اکين تي پائي ٻانهن لوڏيندڙ اها شڪل ڪڏهن نظر آئي ۽ نه ئي شڪارپور جي اجاڙ رستن تي هن جا سيني مان نڪتل ٽهڪ گونجي سگهيا...ڇا ڪو ماڻهو شهيد شاهد سومري کان ويندي شهيد منير سانگي تائين ڏنل قربانين جو ڪاٿو ڪري سگهي ٿو؟ منهنجي نظر ۾ اهو ممڪن ناهي، ان ڪري ئي ڪاوش جو عوام سان رشتو هڪ اهڙي ڪهاڻي بڻجي وڃي ٿو جنهن کي لفظن ۾ بيان ڪرڻ ممڪن نٿو رهي. هن اخبار صحافت جي شعبي ۾ هڪ نرسري جو ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي. سنڌ جي بدقسمتي اها رهي ته هتي پروفيشنل ادارا رهيا ئي ناهن، جيڪي رهيا به آهن ته انهن جي ڪارڪردگي سدائين سواليه نشان بڻجندي رهي آهي پر صحافت جي شعبي جو ته الميو ئي نرالو آهي ته اهڙي ڪا اڪيڊمي ئي ڪانهي جتي صحافين جي تربيت ٿيندي هجي. اهو ڪردار به ڪاوش شروعات کان نڀائيندي رهي آهي. مون جڏهن سنڌ يونيورسٽي جي ماس ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ داخلا ورتي تڏهن اتي جيڪو ڪجهه پڙهايو ويو سو ڪاوش ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ جهڙوڪر سڄو ڌوڙ ٿي ويو ۽ پريڪٽيڪل صحافت ڪيئن ٿيندي آهي، اهو سمجهڻ لاءِ جرنلزم جي الف ب کان شروعات ڪرڻي پئي، ايئن ئي ڳڻپ ڪبي ته توهان کي صحافت جي شعبي ۾ صحافت جي ڊگري رکندڙ ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ملندا نه ته اڪثريت اهڙن ماڻهن جي آهي، جن جي ڊگرين جو صحافت سان ڪو پري جو واسطو به ڪونهي، انهن مان اڪثريت جي سکيا ڪاوش ۾ ئي ٿي. ڪاوش ۾ سکيا جو هڪ اهڙو غير محسوس عمل جاري رهي ٿو جنهن جو ٻنهي ڌرين کي فائدو ٿئي ٿو، هڪ سيکاريندڙ کي ۽ ٻيو سکندڙ کي. اتان ئي دراصل پريڪٽيڪل جرنلزم جي بنيادي لوازمات سان آشنائي ٿئي ٿي ۽ پوءِ هينئر اهو عالم آهي جو توهان ڪنهن به ملڪي توڙي بين الاقوامي اداري کي ڏسندو ته اتي توهان کي ڪاوش جا ئي ماڻهو ملندا. اهي ماڻهو جن جون پاڙون ڪاوش کان شروع ٿيون ۽ پوءِ هو هڪ ٻوٽي مان هڪ قداور وڻ بڻجي ويا. ڪاوش جا در اڄ به انهن ماڻهن لاءِ پهرين ڏينهن جيان کليل آهن، جيڪي صحافت جا سپنا اکين ۾ کنيو هن اداري ۾ داخل ٿين ٿا. آئون جڏهن پٺتي مڙي نهاريان ٿو ته مون کي اهو سمورو سفر ڪنهن خواب وانگر لڳي ٿو. لڳي ٿو ته اهو ڪالهوڪو ڏينهن هو جڏهن مون هن اداري جي نيوز روم ۾ پير رکيو هو. جڏهن آئون حال ۾ موٽي اچان ٿو ته اهو نظر اچي ٿو ته منهنجي مٿي تان وار گهٽجي ويا آهن، اکين تي پاتل چشمي جو نمبر وڌي ويو آهي، آئون هڪ ٻار جو پيءُ ٿي ويو آهيان، سو مون ۾ ظاهري فرق ته اچي ويو آهي، جيڪو ڪاوش ۾ به آيو آهي. هاڻي ڪاوش 4 بدران 12 صفحن جي ٿي وئي آهي، هاڻي خبرون ۽ ٻيون کوڙ ساريون سرگرميون به وڌي ويون آهن ته گڏوگڏ ذميواريون به وڌي ويون آهن...پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن اهو شدت سان دل چاهيندي آهي اهو وقت وري موٽي اچي، جڏهن پيٽيز کائي چانهن جا ڍڪ ڀري خبرن جي جهان ۾ گم ٿي وڃبو هو!! (روزاني ڪاوش تان ورتل)
واقعي ڪاوش اخبار سٺو رجحان وڌو سنڌي صحافت جو، ۽ ان کان علاوه ڪاوش پنهنجي سٺي ورڪرز جي ڪري ئي ڪامياب آهي