• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽن سنڌي جوانن کي ڪار ۾ ساڙڻ جي ياد ۾

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
ٽن سنڌي جوانن کي ڪار ۾ ساڙڻ جي ياد ۾

ليڪا اڄ تو سڀ لتاڙيا آهن
منهنجا ڪونڌر تو پڇاڙيا آهن

ڇا تون چُپ ڪرائيندين مونکي
هن ڌرتي جا ڪي پُٽَ ڀاڙيا آهن؟

هي ٽي نقطا ها جي تو ڊاٿا آهن
تاريخ ۾ تو ڪئي پنا ڦاڙيا آهن

هي سنڌي ۽ سنڌوءَ جي دانهن آهي
تو ڪئي جوان ديوارن گهاڙيا آهن

توکي لڪڻ جي جاءِ نه لڀندي
تو ڪئي گهرن جا گهر اجاڙيا آهن

هر ظلم جي خلاف اٿي آهي بغاوت
تو ڪئي شهزادا گهاڻي پيڙيا آهن

ڪاله ٽهڪندر تيل جي تَئِي ۾
اڄ ڏاڏل هن ڪار ۾ ساڙيا آهن​
 
جواب: ٽن سنڌي جوانن کي ڪار ۾ ساڙڻ جي ياد ۾

سائين اکين مان ڳڙها بيهڻ بس نه ٿا ڪن اسان ڪهڙي پليٽ فارم تان وڙهون اهو اڃا هن قوم طئي ناهي ڪيو اسان جو هاڃو آهي جنهن کي به اڳتي آندو سين تنهن اسان جي سورن جو سودو صرف ذاتي مفادن تي ڪيو آهي جي اهي ماڻهون جن کي هن قوم جَلا بخشي پنهنجي واعدن کي وفا ڪن ها ته اڄ هن قوم جو هي حال نه هجي ها ۔
 
جواب: ٽن سنڌي جوانن کي ڪار ۾ ساڙڻ جي ياد ۾

ڏاڏل سائين اوهان سميت سموري سنڌين جا احساس محسوس ڪري رهيو آهيان پر افسوس جو ڪونڌرن جي ڪسجڻ باوجود مونکي سموري سنڌ م خاص تبديلي ڪانه نظر آئي۔ سڀ ڪجهه پهريان وانگر روان دوان آهي، ماڻهن جا رويا ساڳيا نظر آيا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ خبر ناهي اسان تبديليء طرف ڪڏهن وک وڌائينداسون۔

هي واقعو تمام گهڻو ڏکوئيندڙ هيو ۽ دل رت جا ڱوڙها روئي رهي آهي پر بيوس به گهڻو آهيون ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان اميد تي پيو جيئان ته هڪ ڏينهن تبديلي ضرور ايندي ۽ پوء هن قوم جي تقدير به بدلبي۔
 
ها ادا تبديلي ته پاڻ کي نظر نه آئي۔۔ سنڌ يونيورسٽي سميت مختلف يونيورسٽين جون پوائنٽون نه هليون، شاگرد ۽ ملازم نه پهچڻ جي ڪري درسي نظام ٺپ رهيو، مطلب ته جيئن ٻين بائيڪاٽن ۾ ٿيندو رهيو هو اونئين ئي ٿئي پيو۔۔ ڪا شخصيت شهيد ٿئي ته يونيورسٽين ۾ بائيڪاٽ ڪيو ٿو وڃي پر انهن جو پيغام عام ڪرڻ جو ٻيو ڪو طريقو شايد اسان جي پارٽين کي نه ملي سگهيو آهي۔۔۔​
 
جواب: ٽن سنڌي جوانن کي ڪار ۾ ساڙڻ جي ياد ۾

سائين وساڻ صاحب ضرور اسان کي سڀ کان پهريان ته پليٽ فارم ٺاهڻ ۽ پنهنجي جهڙي جي سمت سوچڻي آهي ۔ اڄ جنهن دور مان اسان گذري رهيا اهيو ان جي حقيقت هوشو دريا خان واري ناهي اسان لاءِ انهن جو مثالون ته آهن پر اسان کي انهن جي ڏاهپ ۽ سوچ جي تقليد ڪرڻي پوندي هنن دشمن جي ڪمزوري سمجهي پوءِ هنن دشمن کي ميدان تي اچڻ لاءِ مجبور ڪيو ۔ ڪو هڪ ماڻهون سمت طئي ڪري جي هلي پوي ته لشڪر پاڻهي ٺهي پوندو آهي اسان نوجونن کي پنهنجي سمت ڏسي ڪري پنهنجي فوج کي تيار ڪرنو آهي ۔ اڄوڪي جاويد هاشمي جو بيان اسان کي نئين راه ڏئي سگهي ٿو هنن جي وچ ۾ به ڪجه باضمير ماڻهون آهن جي هنن جي ظلم جو سبب بيان ڪن ٿا پيا اسان کي هن دور ۾ ان سمت وڌڻ جي ضرورت آهي اسان کي علم جي ميدان ۾ جتي هر آمر اسان کي پوئتي رکڻ جي ڪوشش ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندوجي رنڊڪن کي ٽوڙي اڳتي وڌڻو آهي ۔ اچو ته ويهي ڪري هن مسئلي تي بک ۾ ويهي سوچون ته هن طرف ڪيئن وڌجي ۔ اسن جي ليڊر شپ مان ماڻهن جو ويساه کڄي ويو آهي

مان ڄاڻان ٿو منهنجي مارن ۾
تنهنجي همراه ها منهنجا همراه
 
جواب: ٽن سنڌي جوانن کي ڪار ۾ ساڙڻ جي ياد ۾

ها ادا تبديلي ته پاڻ کي نظر نه آئي۔۔ سنڌ يونيورسٽي سميت مختلف يونيورسٽين جون پوائنٽون نه هليون، شاگرد ۽ ملازم نه پهچڻ جي ڪري درسي نظام ٺپ رهيو، مطلب ته جيئن ٻين بائيڪاٽن ۾ ٿيندو رهيو هو اونئين ئي ٿئي پيو۔۔ ڪا شخصيت شهيد ٿئي ته يونيورسٽين ۾ بائيڪاٽ ڪيو ٿو وڃي پر انهن جو پيغام عام ڪرڻ جو ٻيو ڪو طريقو شايد اسان جي پارٽين کي نه ملي سگهيو آهي۔۔۔​
سائين دشمن اسان کي ان ڪم تي لاهي ڇڏيو اهي ته جيئن هو به اسان جو نقصان ڪن ۽ بدلي ۾ اسان جو نقصان اسان کان ڪرائين ٿا ۔ ٻنهي طرفن کان اسان سان ويڌن آهي اسان جا ليڊر اهي آهن جن ميدان ڪارساز جو حال ڄاتو ئي ڪونهي هنن کي پنهنجي هٿيار جي سُڌ ئي ڪانهي ته اسان جو هٿيار چا آهي ۔ هي تعليم هن وقت اسان جو هٿيار آهي اسن جي قومپرستن کيگههرجي ته هو امتحانن ۾ ڪاپي ڪلچر کي ختم ڪن نه ڪي هو ان کي هٿي ڏين هنن کي سراپا احتجاج هئڻ گهرجي جتي تعليم ۽ تدريس جي عمل ۾ ڪا غلطي هجي نه ڪي هي انهن ادارن کي بند ڪرائائي قوم جو وڌيڪ نقصان ڪن ۔
 
Back
Top