• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
السلام عليڪم دوستو!
ڪجهه وقت اڳ ادا ابوزين انپيج 3 هتي ونڊ ڪيو هو، ان موضوع مان مون سافٽ ويئر ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڊائون لوڊ نه پئي ٿيو۔۔ ادا ابوزين سميت ٻين دوستن کي گذارش آهي ته جنهن وٽ به انپيج (ساڻ ايم بي سنڌي) 3 جو مڪمل ورزن هجي ته اپلوڊ ڪري هتي ونڊ ڪري۔۔۔۔۔۔​
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

ادا ابو زين وارو ڪيو مست جي مستي لڳي ٿو هاڻي ڪم نه ٿي ڪري۔۔۔ ٻيلي ادا جي واهر ورنايو
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

وڏو مسئلو ٿي ويو:

فقير ۽ مست به مدد گهرن ته پوء اسان جو الائي ڇا ٿيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

نالي ڀا! اوهان جي پوسٽ پڙهڻ کان ترت پو انپيج کي اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان، جيڪا تاحال مڪمل نه ٿي سگهي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته اسان جي واپڊا جي مهربانين سان بجلي جي اکٻوٽ ۽ ٻيو ته انٽرنيٽ جي بار بار ڊسڪنيڪشن ڪري فائل اپ لوڊ ٿيڻ کان رهجي پيو۔ جيئن ئي اپ لوڊ ٿيو، اوهان کي لنڪ موڪليندس۔
 
ادا مان انتظار پيو ڪريان، نيٺ ته اهو ويلو ايندو جو اپلوڊنگ مڪمل ٿيندي۔۔۔ واپڊا وارن اسان مسڪينن سان جيڪا حالت ڪئي آهي، الله ڪو انهن کي پڄندو۔۔​
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

ادا مستو مست! انپيج 3 جو لنڪ حاضر آهي۔

http://www.4shared.com/file/z1Wpbj9h/Setup.html​

واضح رهي ته انپيج جي سيٽ اپ هلائڻ کان پو ڪمپيوٽر کي ري اسٽارٽ ضرور ڪرائجو۔ ري اسٽارٽ ٿيڻ کان پو انپيج کي في الحال نه کولجو۔ جيستائين هي پيچ فائل نه هلائيندا۔ پيچ فائل جو لنڪ هي آهي۔

http://www.4shared.com/file/WeE60XNu/InPage__QPS_Patcher.html

ٻيو عرض ته انپيج هلائڻ لا اوهان ايم سنڌي فارسي لينگويج تي رکندا، ڇاڪاڻ ته ان ۾ نج سنڌي جا لفظ جيئن ”“، ”“ ۽ ”) وغيره سنڌي ۾ ڪمپوز ٿين ٿا، جڏهن ته عربڪ لينگويج تي اها سپورٽ الائجي ڇو ناهي؟
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

ادا ابوواصف! اوهان جي مهرباني اوهان فائل اپلوڊ ڪئي آهي،
ادا فائل جي اندر سيٽ اپ ۾ پاسورڊ ٿو گهرجي؟؟ پاسورڊ ته ٻڌايو​
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

ادا مست! مون ته ان فائل کي پاسورڊ ناهي ڏنو، هڪ ڀيرو ٻيهر ڪوشش ڪري ڏسو، جيڪڏهن ڪم ٿيو ته ٺيڪ، نه ته ٻيهر اپ لوڊ ڪري لنڪ رکان ٿو۔ ڇا آهي ته فائل اپ لوڊ ڪرڻ وقت نيٽ جو بار بار ڊسڪنيڪٽ ٿيڻ پڻ هڪ مسئلو آهي۔ ممڪن آهي ته انهي دوران فائل صحيح اپ لوڊ نه ٿيو هجي ۽ آئون خوش هجان ته هائو ٻيلي فائل اپ لوڊ صحيح نموني ٿيو آهي۔
 
ادا توهان جي فائل صحيح اپلوڊ ٿي وئي آهي ۽ مون صحيح ڊائونلوڊ ڪئي آهي، مسئلو اصل ۾ ٻيو هو، مون کي جڏهن مسئلي جي خبر پئي ته ”عاشق وانگر کلي کلي پيرن ۾ سور پئجي ويو“ مون اڳ ۾ هڪ ٽرائيل سيٽ اپ فائل ڊائون لوڊ ڪئي هئي، ان فائل جو ۽ اوهان واري فائل ٻنهيءَ جو نالو تقريبن ساڳيو هو ۽ هڪ ئي فولڊر ۾ هجڻ جي ڪري ان ۾ مسئلو پئي ٿيو۔۔ هاڻي الحمد الله مسئلو ناهي۔۔۔ مون ٽرائيل فائل انسٽال ڪئي آهي باقي رڳو ري اسٽارٽ ڪري پيچ ڪري وٺان۔۔۔ هڪ ڀيرو ٻيهر مهرباني اوهان جي، جو اوهان منهنجي ڪري ايتري تڪليف ڪئي، فائل اپلوڊ ڪرڻ سو به لوڊ شيڊنگ جي دور ۾ ڪو آسان ڪم ناهي۔۔۔ الله اوهان جي توفيقات ۾ اضافو فرمائي۔۔۔ آمين​
 
جواب: انپيج جو نئون ورزن (3) کپي۔۔

ادا ابوواصف! اوهان جي مهرباني سان انپيج ملي ويو، ۽ هاڻي استعمال به ڪري رهيو آهيان، مهرباني مولا اوهان کي آباد رکي
 
Back
Top