سائين محترم جي ايم سيد جي ياد ۾

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏22 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين محترم جي ايم سيد جي ياد ۾



    اي سنڌ جا سڄڻ، سائين جي ايم سدائين، هي مهينو اسانکان، اوهانجي جدائيءَ جو مهينو آهي ... اوهانجو وجود اسان لاءِ ڇوٽڪاري جي اميد هئي ۽ اوهانجو فڪر اسان لاءِ مشعل راهه...

    اي جي ايم سائين، تون اسانکان جسماني جدائي ڪري وئين، ڄڻ ته سنڌ کي ڇورو ڇنو ڪري وئين، تنهنجي وڃڻ کانپوءِ اهڙو ڪو سورهيه نه بچيو آهي جيڪو سنڌ دشمنن جي اکين ۾ اکيون ملائي سگهي ۽ سنڌين کي وقتائتو سڏ ڪري سگهي

    اي محترم سائين اوهانجي وڃڻ کانپوءِ پڪ سان سنڌ جا دشمن تمام گهڻو خوش ٿيا هوندا جو هاڻ سنڌ تي مالڪيءَ جا خواب کين ساڀيان نظر پيا اچن

    اي محترم سائين! اڄ تنهنجو فڪر ته اسانجي هٿن ۾ آهي، پر سنڌي اگهور ننڊ ۾ آهن، سنڌ جا ٻچڙا ڪسجن پيا، سنڌ جو ناڻو چورن جي ٽجوڙين ۾ وڃي رهيو آهي، سنڌ بک ۽ بدحاليءَ طرف ائين ڊوڙي رهي آهي جيئن ڪو اڃاريو هرڻ رڃ ۾ پاڻيءَ طرف ڊوڙندو هجي ...

    اي جي ايم سائين، اڄ سنڌ جا شهر اسانجي لاءِ اوپرا آهن، سنڌ جو مال اسانجي ئي خلاف استعمال ٿيئ پيو، اڄ سنڌ جي ٻوليءَ مان لوريون ختم ڪيون ويون آهن، اڄ سنڌ جي ثقافت تي لنگين پائڻ وارا ۽ پان کائڻ وارا ٽٽوليون ٿا ڪن ...

    اي جي ايم سائين اڄ مونکي پنهنجي نياڻيءَ جا واتان هي لفظ ٻڌي ڳوڙها ڳڙي پيا، جڏهن هوءَ ڪراچيءَ جي هڪ اسڪول ۾ امتحاني پرچا ڏيڻ وئي ته کيس سنڌ دشمنن جي استادن ۽ ٻارن ٽٽوليون ڪري کيس اهو چيو ته؛ ڪيا سنڌي انگلش به جانتي هو؟ آپ ڪراچي ۾ ڪيون رهتي هو، سنڌ ۾ ڪيون نهين جاتي؟، يه سچل ڳوڻهه ڪيسا عجيب نام هي؟ سنڌيون ڪي مرد به جاهل تو عورتين بهي؟ وغيره وغيره ...

    اي سنڌ جا سائين، اڄ اسين تو بن ويڳاڻا آهيون ۽ تو بن پاڻ کي يتيم سمجهون ٿا ... تون سنڌ جو سورهيه پيءُ به هئين ته ڏکن تي مرحم رکڻ واري ماءُ به ...

    اي سنڌ جا سائين اڄ تون ڏاڍو ياد آئين. ڏاڍو ياد آئين ... ڏاڍو ياد آئين ۔۔۔ ساريندي توکي ڳوڙها پيم ڳڙي

    اي خالق ڪائنات تو در دعا آهي ته سنڌ کي جي ايم جهڙا ڏاها، سورهيه ۽ سچ جا ساٿي انسان عطا ڪر، جن جي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون ... آمين
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: سائين محترم جي ايم سيد جي ياد ۾

    سائين ابڙا صاحب آمين ۔
    سائين هڪ جسماني موت هوندي آهي ٻي مقصد جي موت هوندي آهي اهڙن سوريهن کي جسماني موت ايتري تڪليف ناهي ڏيندي جيتري تڪليف انهن کي انهن جي مقصد جي موت ڏيندي آهي ان ۾ ڪو شق ناهي ته اڄ به اسان انهن جي مقصد کان پري رهي ڪري اسان هنن جي آزارن ۾ مسلسل اضافي جو ڪارڻ آهيون ۔اسان کي ته دعا گهرندي به شرم ٿو چي ته الله اسان کي انهن جي مشن کي زنده رکڻ جي توفيق ڏئي ۔
    بس اهو ٿا چئي سگهون

    شرمنده آهيون جي ايم اسان تو کان شرمنده
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سائين محترم جي ايم سيد جي ياد ۾

    سائين نثار سلام

    مان ٻن ڏينهن کان جواب لکڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ جي هن محسن ۽ مهان انسان تي ڇا لکان ، ڪٿان شروع ڪيان ۔۔۔۔۔۔ قلم ساٿ ڪون پي ڏنو۔ مهان شخصيتن تي لکڻ لاء اهڙي ئي قسم جي سوچ ۽ سمجهه کپي۔ مان محترم خالق جوڻيجو جون ڪجهه سٽون پيو اقتباس ڪيان :

    جي.ايم سيد بلاشبه هڪ متنازعه شخص هئو ۽ بلاشبه دنيا جا وڏا ماڻهو، غيرمعمولي ماڻهو متنازعه ٿيندا آهن. اهي ان ڪري متنازعه هوندا آهن ته اهي نوان ۽ مختلف خيال پيش ڪندا آهن، اهڙا خيال جيڪي ان وقت جي مروج روايتن، معيارن ۽ تصورن جي خلاف هوندا آهن

    سائين سنڌ جي آزاديء جي ڳالهه ڪري پاڪستان لاء هڪ متنازع شخصيت بڻيو ۽ اسان سنڌين لاء محسن سنڌ بڻيو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو