شهيد ڀُٽي سان بيوفائيءَ جو ريفرنس ڪٿي داخل ڪجي؟ تحرير: ذوالفقار قادري [JUSTIFY]ذوالفقار علي ڀٽي جي موت جو فيصلو ته 10 آگسٽ 1976ع جي ان رات ئي ٿي چڪو هو، جڏهن آمريڪي وزير خارجه ڊاڪٽر هينري ڪسنجر پنهنجي حسين جميل زال نينسي سان گڏ، ”شاهي قلعي“ جي سبزه زار تي گورنر پنجاب نواب صادق حسين قريشي پاران ٽوٽل ٽيهن مهمانن جي مان ۾ سجايل محفل ۾ موجود هو. اڳئين صف ۾ ويٺل ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ڊاڪٽر هينري ڪسنجر فريده خانم جي غزلن تي ڪنڌ پئي لوڏيو. ڪسنجر کي اردو ته سمجهه ۾ نه پئي آئي، پر فريده خانم جي گائيڪي جي انداز ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ڪنڌ لوڏڻ تي مجبور پئي ڪيو. ان لمحي کلندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر، شهيد ڀٽي کي چيو هو ته: “Mr. Bhutto, we will run rail road engine over you” تنهن تي ڀُٽي صاحب وڏو ٽهڪ ڏيندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي چيو هو ته: “When the time will come, we will see to that also”. اها رات ڀٽي صاحب جي زندگيءَ جي اهم رات هئي، جڏهن فريده خانم جي راڳ بعد ۽ ڊنر تي وڃڻ کان پهرين شهيد ذوالفقار علي ڀٽي تقرير ڪندي ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ياد ڏياريو ته جنهن هنڌ اسين ويٺا آهيون، اهو قلعو اسان جي بادشاهن جو مسڪن رهيو آهي، جتي بادشاهه جي رهائشگاهه به هوندي هئي ته درٻار به لڳندي هئي، مهمانن جون دعوتون به ٿينديون ته خاص قيدي به رکيا ويندا هئا. پوءِ ذوالفقار علي ڀٽي، ڊاڪٽر هينري ڪسنجر کي ٻڌايو هو ته ڪيئن شهزادو سليم هڪ ڪنيز انارڪليءَ جي عشق ۾ هندستان جي سلطنت ڇڏڻ لاءِ تيار ٿي ويو، پر اناپرست شهنشاهه اڪبر پنهنجي وقار خاطر انارڪليءَ کي قلعي جي ديوار اندر بند ڪرائي ڇڏيو. انارڪلي ڪنيز ٿي ڪري شهنشاهه اڪبر جون سڀ مراعاتون عشق خاطر ٺڪرائي مرڻ قبول ڪيو. سو اسان شاندار تاريخ رکندڙ آهيون، هڪ ڪنيز پنهنجي محبوب خاطر ايڏي قرباني ڏئي سگهي ٿي ته اسان پنهنجي ملڪ جي وقار خاطر ڪئين جانيون قربان ڪري ڇڏينداسين. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي تقرير بعد جڏهن ڊاڪٽر هينري ڪسنجر تقرير ڪرڻ آيو ته هن پنهنجي تقرير جو آغاز هنن لفظن سان ڪيو: Ladies and Gentle men, its my misfortune that I have to speak after Mr. Bhutto, who is the best orator in the world today. He has not only made a speech but he has spoken better English than me. چون ٿا ته پوءِ رات دير تائين هينري ڪسنجر شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي سمجهائيندو رهيو ته پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تان هٿ کڻي وڃو، ان جي بدلي آمريڪا اربين ڊالر امداد، فوجي سهڪار ۽ گهڻو ڪجهه ڏيڻ لاءِ تيار آهي، پر موهن جي دڙي جو هي ارڏو انسان اٽل ٿي بيهي رهيو. ذوالفقار علي ڀٽي کيس صرف ايترو چيو ته، مسٽر ڪسنجر، توهان آمريڪا جا پهريان اديب وزير خارجه آهيو، پر لڳي ٿو ته انڊس ويلي جي تاريخ اوهان ناهي پڙهي. ڀٽي صاحب جي ان جواب بعد ذوالفقار علي ڀٽي جي موت واري پلي جو اسڪرپٽ لکجڻ شروع ٿي ويو، ۽ پوءِ سڀني کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جون هدايتون ملڻ شروع ٿي ويون. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن جنرل ايوب سان مهاڏو اٽڪائي لاهور پهتو ته لاهورين ڀٽي صاحب جي اکين مان لڙيل لڙڪن وارو رومال هٿو هٿ خريد ڪري ورتو. آخر ڀٽي صاحب 30 نومبر 1967ع تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي جاءِ تي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو اعلان ڪيو. ان پهرئين اجلاس ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن، شيخ رشيد، حيات محمد خان شير پائو، مير رسول بخش ٽالپر، حق نواز گنڊاپور، تاج محمد لانگاهه، طاهر محمد خان، دانيال لطيفي، ڊاڪٽر شميم، مير حامد حسن، عارف نظامي، ميان اسلم، امان الله خان، بيگم آباد احمد، بيگم شاهين رامي، بيگم انور غالب، غازي ذڪا رفيق باجوه، ميان اقبال، ملڪ اسلم حيات، احمد رضا قصوري، ملڪ نويد، راجه منور، مرتضيٰ کر، چاڪر علي جوڻيجو، عبدالرزاق سومرو، پير بخش ڀٽو، فاروق بيدار، افتخار تاري شامل هئا، جڏهن ته مغربي پاڪستان اسيمبليءَ جي ميمبرن مان مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ممتاز علي ڀٽو، غلام مصطفيٰ جتوئي، ملڪ معراج خالد، محمود علي قصوري کان علاوه خورشيد حسن مير، معراج محمد خان، طارق عزيز، جي اي رحيم، ڊاڪٽر مبشر حسن، امان الله گچڪي، عبدالوحيد ڪٽپر، حنيف رامي کان علاوه حبيب جالب، شورش ڪاشميري، عبدالله ملڪ، حسن نقي، منو ڀائي، اطهر نديم، عباس اطهر جهڙا ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيا. پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي پهرين پارٽي هئي، جنهن ۾ سڀني طبقن جا ماڻهو شامل هئا. اقتدار ۾ اچڻ بعد سوشلسٽ نڪرندا ويا ۽ پارٽي تي وڏيرا ۽ جاگيردار قابض ٿي ويا. اها ذوالفقار علي ڀٽي جي طلسماتي شخصيت هئي، جنهن هڪ ئي وقت شينهن ۽ ٻڪريءَ کي هڪ گهاٽ تان پاڻي پئي پياريو. ڀٽي صاحب جاگيردارن جي گهيري ۾ هئڻ باوجود غريب انور کوکر ۽ پٺي اگهاڙي ڪري لاڙڪاڻي جي رستن تي گڏهه تي گهمندڙ جمع فقير کي نه وساريو. پوءِ 5 جولاءِ جي اها ڪاري رات آئي، جڏهن ڀٽي صاحب کي قيدي بنايو ويو ته سمورا وڏيرا، جاگيردار کيس نڌڻڪو ڇڏي هليا ويا. شهنشاهه ايران رضا شاهه پهلوي ذوالفقار علي ڀٽي جو گهاٽو دوست هو، پر خطي ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وڌندڙ اثر ۽ اسلامي دنيا ۾ اندر شاهه فيصل، معمر قذافي، حافظ الاسد، شيخ زيد، حواري بومدين، ياسر عرفات ۽ ٻين اسلامي ملڪن جي سربراهن وٽ ڀٽي صاحب جي وڌندڙ اهميت، عزت ۽ اثر رسوخ کان هو خائق هو. 4 ۽ 5 جولاءِ 1977ع جي رات جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو آخري پريس ڪانفرنس ڪري ٽي وي سينٽر مان وزير اعظم هائوس پهتو ته کانئس غلام مصطفيٰ جتوئي، ممتاز علي ڀٽو، حفيظ پيرزادو، ڪوثر نيازي ۽ غلام مصطفيٰ کر موڪلائي پنهنجي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽيا ته رات دير سان ذوالفقار علي ڀٽي سان آخري ملاقات پاڪستان ۾ متعين آمريڪي سفير ڪئي. هڪ طرف وزير اعظم ڀٽي ۽ آمريڪي سفير جي ملاقات جاري هئي ته ٻئي طرف سڏ پنڌ تي هٿياربند فوج جي سربراهه جنرل ضياءُ الحق جي رهائش گاهه آرمي هائوس تي فوج جا ڪور ڪمانڊر، پرنسپل اسٽاف آفيسر ۽ فارميشن آفيسر گڏجڻ شروع ٿي ويا. 5 جولاءِ 1977ع جي فوجي ڪارروائي جو انچارج ڏهين ڪور جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل فيض علي چشتي کي بڻايو ويو، ۽ طئي اهو ٿيو ته جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو مزاحمت ڪري ته شيخ مجيب الرحمان جيان کيس سموري خاندان سميت اڏايو وڃي. فوجي دستن ۽ ٽينڪن سميت وڃي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي حراست ۾ ورتو ويو، ان سان گڏ ملڪ اندر اسيمبليون ٽوڙي مارشل لا نافذ ڪئي وئي. 4 اپريل جي رات ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهيءَ چاڙهيو ويو ۽ جنهن قلم سان ڀٽي صاحب کي ڦاهيءَ جي سزا جنرل ضياءُ الحق برقرار رکي، اها پين چوڌري شجاعت جي والد چوڌري ظهور الاهي تحفي طور جنرل ضياءَ کان ورتي. سمورا نواب، جاگيردار، وڏيرا ذوالفقار علي ڀٽي جا دوست پارٽيءَ جا مکيه اڳواڻ هئا، پر ڀٽو نڌڻڪو ڪري ماريو ويو. ججن جي فيصلي بابت ته ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي، پر آمريڪا، جنرلن، سياستدانن ۽ پارٽي اڳواڻن جي بي وفائيءَ جو فيصلو ڪهڙي ڪورٽ ڪندي؟ اهو فيصلو تاريخ مٿان آهي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: شهيد ڀُٽي سان بيوفائيءَ جو ريفرنس ڪٿي داخل ڪجي؟ سائين اها ڳاله اسان به ڪئي هئي ته دشمن حقيقي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائيندڙ ڀٽي جو ڪيس ري اوپن ڪرائي ڇا ڪندا اصل ڀٽي جو ڪيس جي ري اوپن ڪرڻو آهي ته ڀٽي جي دشمنن سان اها دشمني کولي وڃي نه ڪي انهن جي جهولين ۾ ويهجي ۔ وسلام
جواب: شهيد ڀُٽي سان بيوفائيءَ جو ريفرنس ڪٿي داخل ڪجي؟ جڏهن ڀٽي صاحب کي قيدي بنايو ويو ته سمورا وڏيرا، جاگيردار کيس نڌڻڪو ڇڏي هليا ويا. ادا سليمان جڏهن هي سيٽ منهنجي ذهن تي پيون سچ پڇو ته دل گهڻي آزاري ٿي ادا اسان سنڌين جا ڪوبه سڃڻ نه ٿيا آهن ۽ نه ٿيندا هميشه اسان کي انهن جا لاش نصيب ٿيا آهن جهن سدائين حق ۽ سچ جي ڳاله ڪئي آهي