ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڇا ڪي بورڊ ۽ مائوس کان سواءِ ڪمپيوٽر مڪمل هوندو۔۔؟
    ان جو جواب ڪجهه به هجي پر گوگل وارن ان تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي۔۔۔ گوگل وارن جي خواهش آهي ته هاڻي ڪي بورڊ سان لکڻ ڏکيو ۽ مائوس سان ڪلڪنگ هڪ ٿڪائيندڙ ڪم آهي۔۔۔ ان کان سواءِ رفتار ۾ انتهائي سست آهي ۔۔۔
    گوگل وارا ان ڳالهه تي ڪافي عرصي کان تحقيق ڪري رهيا آهن ۽ هاڻي اهي توهان کي بهترين سهولت ڏيندي توهان جي پي سي جي ڪيمرا جي ذريعي توهان طرفان ڏنل اشارن تي عمل ڪندي توهان جي اي ميل کولي ۽ ان جو جواب لکي موڪلڻ تائين جو عمل توهان طرفان بغير مائوس ۽ ڪي بورڊ کي حرڪت ڏيڻ جي ڪري سگهن ٿا۔۔۔
    حالانڪه اها ٽڪينالاجي اڃان تجربي هيٺ آهي پر توهان لاءِ حيران ڪن ضرور هوندي ۔۔۔
    وڌيڪ معلومات لاءِ گوگل جي هي صفحو ۽ هيٺين وڊيو ڏسو۔۔۔۔

     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    ادا اسان اڳئي ئي سست وري جي مٿان هي ٽيڪنالاجي آئي ته پو۽ وڄي ٿيا خيئر

    بهرحال سندن ڪوششن کي سلام

    لاجوا ب ونڊ آهي اد ا

    جاري رکجو

    سدائين گڏ
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    ادا رشيد سمون جن کي هر دفعي سان ڪا نه ڪا انوکي ۽ عجيب تحرير ونڊ ڪندو آهي۔۔۔ هن دفعي به معلومات جي اڳواٽ فراهمي لا جس هجي اوهان کي۔۔۔۔۔ اهڙو سسٽم پاڪستان ۾ ڪڏهن متعارف ٿيندو۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    تمام سٺو ونڊ آهي۔

    هي ايجاد خاص ڪري اسان جي دوست عامر ضياء چارڻ لاء گهڻو فائدي مند ثابت ٿيندي جنهن کي جڏهن به ڪجهه شيئرنگ لاء چوندو آهيان ته جواب هوندو آهي ته ادا شيون ته شيئرنگ لاء گهڻيون آهن پر لِکي ڪير ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    هاڻي سندس ڪم ٿي ويندو ۔۔
     
  5. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    واهه ادا واهه۔۔۔ اهو آهي گوگل ”موشن“ جو ڪمال۔۔۔ موشن ته موشن آهي پوءِ اندرئين هجي يا ٻاهرئين۔۔۔ مطلب ته سنڌي معنى واري موشن ۾ به حرڪتون ۽ اشارا هوندا آهن ۽ هن گوگل واري موشن ۾ اشارا هوندا آهن۔۔
    همراهه جون حرڪتون (اشارا) ڏسي سوچيان ٿو ته هڪ ته اڳئي اسان جا مائٽ اسان کي ڪمپيوٽر تي گهڻو ويهڻ جي ڪري ذري گهٽ چرياڻ سمجهڻ لڳا آهن ٻيو وري جيڪڏهن مٿئين ٽيڪنالاجي آئي ته ”پورو چريو“ سمجهندا۔۔ ڪمپيوٽر جي اسڪرين جي اڳيان بيهي اشارا ڪري ان کي هلائڻ ۔۔۔ ها ها ها۔۔۔ مطلب ته اهو دور ايندو جو ڪمپيوٽر معيار ڏئي چوندو ته ”اشارو ڪرين ها، اڃان تيز هلان ها۔۔“
    مان ته مٿئين همراهه جي جڳهه تي سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي تصور ۾ رکي سوچيان پيو ته ڪيئن لڳندا۔۔۔ آفيس ته آفيس گهر ۾ به سندن گهڻو وقت اهي حرڪتون ڪرڻ ۾ گذري ويندو۔۔۔ پر مزي جي ڳالهه جيڪڏهن ڪمپيوٽر اسان جي حرڪتن کي غلط نه سمجهي! جيئن هينئر ڪمپيوٽر جي اڳيان ويهي ڪم ڪندي اسان چانهه به پي وٺندا آهيون پر اڳتي وري ڪمپيوٽر جي اڳيان ٻيو ڪو ڪم ڪندي لهرائينداسين۔۔۔

     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    منهنجي خيال ۾ ته گوگل وارن کي پنهنجو اهو آئيڊيا مٽائڻ گهرجي، ڇو ته ڪيبورڊ يا مائوس هلائڻ مهل پورو جسم نه پر فقط هٿن جي حرڪت ضروري هوندي آهي، جيڪڏهن گوگل واري موشن ٽيڪنالوجي شروع ٿي ته پوري جسم کي حرڪت ڏيڻي پوندي يعني جيتري دير ويهجي يا بيهجي ڪمپيوٽر جي اڳيان ماڻهون پيو حرڪتون يعني اشارا پيو ڪري۔۔
    ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن سينسر ٽيڪنالوجي کي صرف هٿن تائين محدود ڪجي ته بهتر رهندو۔۔ ان جو هڪ مثال هيٺ ڏجي ٿو۔۔​

    [video=facebook;217082158302913]http://www.facebook.com/video/video.php?v=217082158302913[/video]​
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    هن ٽيڪنالاجي اچڻ کان پوءِ مائڪروسافٽ جا ملازم ڪجهه عجيب غريب هرڪتون ڪندي ڏٺا پيا وڃن۔۔

    [​IMG]

    جي توهان به اهڙين حرڪتن ذريعي گوگل موشن کي آپريٽ ڪرڻ گهرو ته ريهرسل جاري رکو۔۔۔ :chilli: ڪوڊ حاضر آهن۔۔۔
    [PDF]http://static.googleusercontent.com/external_content/untrusted_dlcp/mail.google.com/en//mail/help/images/motion/motion_printable_guide.pdf[/PDF]​
     
  8. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    بس ادا اسان هتي روز دهشتگردن جا انوکا وڪيا ٿا ڏسو ۽ دنيا هر روز نئي ٽيڪنالاجي سان اڳتي وڌندي وڃي پئي
     
  9. بشيراحمد

    بشيراحمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2009
    تحريرون:
    436
    ورتل پسنديدگيون:
    379
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    جواب: ڇا هاڻي ڪيبورڊ ۽ مائوس جو موت به قريب آهي۔۔۔۔؟

    ادا سائين رشيد صاحب جو جواب يقينا سائنسي هوندو پر اسان وٽ ڪابه ٽيڪنالوجي ان وقت ايندي آهي جڏهن اها ترقي يافته ملڪن ۾ ايڪسپائر ڊيٽ ٿي ويندي آهي ، جنهن جو مثال برانڊڊ ڪمپيوٽر آهن , اسان جي سنڌب
    اشارن تي نڇندڙ ڪمپيوٽر يقينا ٽچ اسڪرين کان به ايڊوانس آهي
    بهرحال هان هارڻ جي گهرجي اسين نه ته اسان جو ايندڙ نسلون ضرور ڏسنديون :)
    باقي استعمال ڪنداسين يا نه ان جي ڪابه خبر نه آهي پر يوٽيوب تي انهي جو ويڊيو ڏسڻ کان اسان کي ڪو به نٿو روڪي سگهي :)
    ب
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو