• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي ويب جو اضافو

ادا نقاش مهرباني

سنڌي ٻوليء جي واڌاري لاء هڪ نئين ويب جو اضافو سٺي ڳالهه آهي۔ مون هي ويب وزٽ ڪئي تمام سهڻي ڳالهه۔ خوبصورت رنگينين سان سجايل ۽ بهترين فونٽس سان سلهاڙيل ويب آهي۔ ليک پڙهڻ وقت پويان جيڪا گرافڪس اچي ٿي اها اکين کي پريشان ٿي ڪري۔ دوست ان گرافڪس کي هٽائين ته اڃآن سٺو ٿيندو ۽ پڙهڻ کان اکيون ڪونه ٿڪبيون۔

تمام گهني خوشي ٿي۔ اڃان نئين نئين ويب سائيٽ آهي اميد ته هتي به سٺو ۽ معياري سنڌي مواد ملي ويندو۔
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي ويب جو اضافو

ادا سٺي ڪوشش آهي۔۔۔۔ جاري رکو
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

سڀ کان پهريان ته سنڌي لنڪ جي دوستن، خاص ڪري ادي عاجز سمي صاحب کي واڌايون جو هن سنڌي ٻولي جي واڌ ويجهه ۾ پاڻ پتوڙيندي هڪ ويب سائيٽ جو بنياد رکيو آهي ۔۔۔ اسانجون اکيون ٿڌيون ۔۔۔ وڌي واڙي لڳي ڀاڳ ۔۔۔ جيتريون به سنڌي ٻولي جي واڌ جون اوطاقون هونديون اوترو ڀلو ۽ اوترو ئي ڪم ٿيندو ۔۔۔

ٻي ته سائيٽ کي پڙهندي پويان جيڪا ستارن جي جهرمر آهي سا پڙهڻ ۾ ڏکيائي ڪري ٿي ۔۔۔ جيڪڏهن ان جا تي خاموش منظر هوندو ته وڌيڪ بهتر لڳندو ۔۔۔ اوهان مختلف لنڪس کي هڪ جا تي ڪٺي ڪرڻ جي سٺي ڪوشش ڪئي آهي ۔۔۔ واڌايون قبول پون ۔۔۔

ٽين ۽ آخري ڳالهه ته افسوس اوهان به اڄڪلهه جي رائج هڪ ناڪاره ۽ بيڪار روايت کي ٽوڙي نه سگهيا جو پيش لفظ ۾ بجآ ڪا تعميري ڳالهه يا ڪو هڪ سهڻو سنڌ پرستيءَ جو نياپو ڏيڻ جي اوهان مَکِ جيئان مٿو پٽيندي ٻين سنڌي سائيٽن جي مخالفت سان شروعات ڪئي آهي ۔۔۔ جيڪا نه فقط اوهانجي عمل کي ڌڪ رسائي ٿي بلڪه سٺا ۽ سڄاڻ پڙهڻ وارا ان مان اوهانجي نيت تي پڻ شڪ ڪندا ۔۔۔ اوهانکي گهربو هو ته اوهان پنهنجي ڳالهه ڪريو ها، پنهنجو مقصد واضح ڪريو ها ۔۔۔ پر نه ! اوهان اها ئي ريت نڀائي جو ڪو هڪ ماڻهون ڪنهن گهر ۾ مهمان ٿي ماني کائي ۽ ماني کائڻ کانپوءِ ان ئي ٿانوَ گند ڪري ۔۔۔

اوهان جڏهن پنهنجي خاندان سميت سنڌ سلامت تي هيا ته اسين اوهانکي عزتون ڏنيون ۔۔۔ اوهانکي مان ڏنو ۽ اوهانجي ڪمن جي تعريف ڪئي جيڪا اڄ به رڪارڊ آهي، اوهان چيٽ روم کوليو ته اسان ات آياسون پر جئين ته اسانجي طبيعت ۾ ڪنهن ڇوڪريءَ سان هرڀرو چيٽ ڪرڻ جو مقصد نه هيو ته پاڻ پاسو ڪري وياسون ۔۔۔ چيٽ ڪرڻ جا ڪي ڪارڻ هوندو آهن ۔۔۔ باقي تون ڪير مان ڪير؟ واري چيٽ جو ڇا فائدو، نه سنڌ نه سنڌيت ۽ مٿان وري فيسبڪ جي هڪ مڪمل سائيٽ جي هجڻ سان انجو ڪو ڪارڻ به نه رهيو ۔۔۔ پر جيڪڏهن اوهان دوستن کي ان ۾ مزو اچي ٿو ته اسان انجي مخالفت نه ڪئي پر ان اردو چاٽ جي ڌيءَ سنڌي چاٽ جي لنڪ کي ڪن سببن ڪري غير فعال ڪري ڇڏيو ۔۔۔

اوهان جي هن سائيٽ جي شروعات ئي مخالفانه بيان سان، اهو به سنڌي سائيٽس جن ۾ سنڌ پرستي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو ڪم ٿئي ٿو ۔۔۔ ؟؟؟ ڇا سنڌ سلامت پنهنجن ڪارڪنن کان پئسا وٺي ٿي ۔۔۔ يا وري سنڌ سلامت تي جيڪي رڪن اچن ٿا انهن سان سنڌ سلامت کي مڻ ماکيءَ جا ملن ٿا ۔۔۔؟؟؟ نه منهنجا دوست! سنڌ سلامت هڪ پرخلوص دوستن جو گروهه آهي جن جي من ۾ سنڌ جي سلامتي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي واڌ جو مقصد آهي اهو به پنهنجن کيسن مان خرچ ڪري ۔۔۔؟؟؟

اوهانکي لک شاباسون سائين محترم عاجز سمان صاحب، اوهان وري به ياد ڪيو پوءِ سٺن نه ته برن لفظن ۾ ئي سهي ۔۔۔ اسين اوهانجي هن سائيٽ جي کلڻ سان تمام گهڻو خوش ٿيا آهيون ۽ دعا ڪريون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ جي هيءَ سائيٽ پڻ پاڻ ملهائي سگهي ۽ ان ڏس ۾ اوهانکي ڪنهن به مدد جي گهرج آهي ته حڪم ڪريو ۔۔۔ اسين سنڌ جي ڳالهه ڪريون ٿا ۔۔۔ سنڌ لاءِ اسانجي هڙ حاضر آهي ۔۔۔ حال پريان نال ۔۔۔

هڪ دفعو ٻيهر، اوهانجا لک ٿورا سٺن لفظن سان ياد ڪرڻ جا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
پيارا ساٿيو

ٻولي فقط ڪو لفظن جي لڙي ناھي، ان ۾ ھدايتن جي ھڪ اھڙي قوت موجود ھوندي آھي جيڪا ان جي معنائن ۽ استعمال کان مٿانھين آھي. اسان پنھنجي ٻوليءِ جو سنگيت سکيوسين، جيتوڻيڪ ٻولي اسانکي تصورن ۽ علامتن وسيلي دنيا جو ھڪ منظر ڏسي ٿي. پر ٻولي پنھنجي سونھن آھي جيڪا ان ۾ ئي سمايل ھوندي آھي. اسان اھا سونھن ڄاتيسين. سامراجيت ڪيتري حد تائين حقيقتن جي چير ڦار ڪري چڪي آھي. ان حقيقتن کي اونڌو ڪري ڇڏيو آھي: مناسب، غير مناسب بڻجي ويو آھي ۽ غير مناسب کي مناسب ۽ بھتر قرار ڏنو ٿو وڃي. پنھنجي ٻولي، پڻڳنجي ماحول ۽ پنھنجي ذات ۽ ڪردار جي وچ ۾ ھم آھنگي کي پنھنجي بنياد بڻائي ھلڻ جي نتيجي ۾ ٻارڙا ٻوليون به سکي سگھن ٿا ۽ گڏوگڏ ٻين ماڻھن جي ثقافتن ۽ سندن ادب ۾ موجود انساني ، جمھوري ۽ انقلابي عنصرن مان لطف اندوز ٿي سگھن ٿا ۽ کين ان لاءِ پنھنجي ٻولي، پنھنجي ماحول يا پنھنجو پاڻ کي ھيٺانھون تسليم نه ڪرڻو پوندو جنھن دور ۾ ٻولي کي اجاگر ڪرڻ لا سنڌ جا ڏاھا ساڃاوندھ ماڻھو پاڻ پتوڙڻ جي ڪوشش ڪن پيا اتي مون جھڙي نا چيز ٻولي کي عزيز سمجھي ٻولي لا ڪجھ ڪرڻ جو سوچيو سنڌي لنڪ جي صورت ۾ ”سنڌڙي تنهنجو نانءُ ورتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو“. انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته مون جڏهن انٽر نيٽ تي سنڌي لنڪ ٺاهي رليز ڪيو ته جهڙو ڪاريهر تي پير پاتم تڏھن مون سوچيو ھو ته ھن ننڍڙي قومي فرض ۾ پنھنجون ڪوشش شامل ڪندس ته مون کي ھمت افزائي ملندي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿوسنڌي نوجوان جي حثيت ۾ مون دوست گھٽ ٺاھيا سنڌي لنڪ رليز ٿيڻ تي دشمن گھڻا پيدا ڪيا تڏھن مون کي احساس ٿيو واقعي مون قومي فرض ۾ ڪجھ نه ڪيو آھي . مون کي اھا اميد ھئي ٻولي جا وارث منھنجي حوصله افزائي ڪندا ھمت ڏياريندا پر ائين ٿيو گھٽ سنڌي لنڪ جي رليز ٿيڻ وقت ھميشه ٻولي جي وارثي ۽ ٻولي کي اجاگر ڪرڻ وارن دعويدار سڄڻن طرفان هر پانسان رڳو تنقيد ٿيڻ لڳي پراوا گهٽ پنهنجا گهڻو مڇرجي پيا مون کي انھن جي تنقيدن ائين محسوس ڪرايو جڻ مون وڏو گناھ جو ڪم ڪيو آھي سنڌي لنڪ تي تنقيد ڪندڙ ڪي ٻيا ھجن ھا ته خير ھو پر سنڌي لنڪ ناڪام بنائڻ سازشون انھن سٺيون ۽ وس سارو دوستن سميت پنھنجن ۾ سنڌي لنڪ جي خلاف زھر پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي ھي دل کي جھنجھوڙيندڙ حرڪتون انھن ٻولي جي سڄڻن طرفان ڪيون ويون جنن جون نيٽ تي سنڌي سائيٽون آهن ، فورم آهن جيڪي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي کي بچائي ٿوڻي ڏئي بيھڻ جي وڏي دعويداري پيا ڪن سنڌ سُڪار، سلامت جا ڳيچ پيا ڳائين انهن نه رڳو مخالفت ڪئي، اسان تي سامراجي قوتن سان ملڻ جا الزام به ھنيا ويا پر پنهنجي فورم تي سنڌي لنڪ جي نالي کي هميشه لاءِ بين ڪري ڇڏيائون متان ڪو هتي سنڌي لنڪ جو ذڪر ڪري ھنن ڇو ائين ڪيو ان چادر کي اٿلائڻ کپي اسان اھڙو غلط ڪم ڪو ن ڪيو جنھن تي ھنن ايترو ماحول ٺاھي اسان کي سنڌي لنڪ ڀت سان ھڻڻ جي ڪريل حرڪتون ڪيون ان جو سبب اھو آھي اسان جي يارن جي دڪانداري تي وڏو اثر سنڌي لنڪ جي اچڻ کانپوءِ پيو آهي شايد اھڙي سوچ ۽ نيت رکندڙن تي ڪا معيار ناھي پر اسان کي انھن جي پردي پٺيان لڪيل حقيقتن تي پردو کڻڻو پوي ٿو . ھڪ طرف ھن عظيم ٻولي کي اجاگر ڪرڻ ۽ اندر ۾ ڪارو نانگ ۽ ٻاھران ٻولي سنوارڻ جا دعويدار آھن .اسان ھن فورم تي ھنن کان اھو پڇڻ جو حق محفوظ رکون ٿا ته نقاب پائي ٻولي کي بھتري ڏانھن آڻڻ جا نعرا ھڻي اسان سميت سڀني کي بيوقوف ڇو ٿا بنايو جيڪڏھن اوھان کي اوھان جا اھي ڀڀ ھنن ڪوڙن دعوائن ۽ نعرن تي مجبور ٿا ڪن انھن جو ٻيو ڪو حل ڳوليو پنھنجن مفادن کي عزيز نه سمجھو سونھن ۽ سالن جي تايخ رکندڙ ٻولي لاءِ ڪو وس آھر ڪو قدم کڻي ٿو ته ان کي توھان پنھنجي دڪانداري جي خلاف نه سمجھو وس آھر ٻولي لاءِ ڪوشش وٺندڙ ھر ساٿي جي حوصلا افزائي ڪريو پنھنجن اندرن جي زھريلن نانگن کي سچائي جي مرلي وڄائي ھميشه لاءِ ھن مان ڌڪاريو ڇو ته اھي نانگ رھيا سنڌي لنڪ جي سٿ سميت ٻولي جي سڄڻ کي ٽڪڻ ڪو نه ڏيندا . متان اسان پاران پيش ڪيل ھن درد جي ڪھاڻي کي اھي دوست پنھنجي سچائي جي توھين سمجھن جيڪڏھن اھي دوست پنھنجن دعوائن ۾ سچا آھن ٿيڻ اهو کپندو هوسنڌي لنڪ جي رستا روڪ ڪرڻ بجاءِ انهن سينئر ساٿين کي اسان جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي ها ، سنڌي لنڪ جو سفر جاري آهي ماشاءُاللھ هاڻ سنڌي لنڪ جي سٿ ۾ تمام پيارا ساٿي شامل ٿي چڪا آهن ، انهن جو ساٿ رهيو ته سنڌي لنڪ وڌيڪ ترقي ڪندي. مان ٿورائيتو آهيان انهن سڀني ساٿين جو جن منهنجي هن ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏنو ۽ ٻانهٻيلي ٿيا. ايندڙ وقت ھن سٿ جي ساٿين سميت ڀٽائي جي عظيم ٻولي جي حقيقي وارثن ڪارونجھر جي جبل جھڙي مظبوط ارادن جي مالڪن کان اھا اميد ٿا ڪيون ساٿ ڏيڻ ڪونه ڪيٻائيندا اھڙن سازشن جو مقابلو ڪندا . اسان جون دليون اڃا زنگيون ناھڻ جن ھن سنڌي لنڪ جي راھ مفادن کي عزيز سمجھي رڪاوٽون وڌيون وري به اسان جا ئي آھن ھي سھڻي ٻولي ڳالھيندڙ آھن پنھنجن مفادن ڇڏي اسان جو ساٿ ڏين اسان جي قافلي ۾ شامل ٿين جئين سندن دعوائون به رنگ لائين . سنڌي ميگزين جو پروگرام ان ڏينهن کان رٿيل آهي جڏهن سنڌي لنڪ رليز ٿيو هيو پر اهو اڪيلي سر انجام ڏيڻ ڏاڍو مشڪل هيو ماشاءُ الله ميگزين کي ترتيب ڏيڻ لاءِ بهتر ٽيم جڙي آهي ۽ جڙي پئي اسان جي هي ڪوشيش ڪئين لڳي هن ۾ ضرور ڪميون پيشون ، ڪوتاهيون هونديو جيڪي هاڻ اوهان ساٿين جي تجويزن ، رائين سان هي بهتر بنائي سگهون ٿا مهرباني ـ ـ اوهان جو عاجز سمون

ادا عاجز ۽ ادي عاجز جي ٽيم آءُ اوهان کي گذارش ڪندس ته ٻيلي تفرقا اسان سنڌين ۾ حقيقي ميدان ۾ گهڻا ٿي چڪا، ڇا هن بهترين انٽرنيٽ جي ٽيڪنالاجي ۾ ساڳيا تفرقا آڻيندا، هن ٽيڪنالاجي ۾ اوهان سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جي خدمت اهڙي طريقي سان ڪندا؟؟؟!!!
اوهين سڄڻن کي اسان عام سنڌي گذارش ڪندا سون ته سنڌين ۾ ٻڌي جو سبب بڻجو، نه ڪي تفرقو ڪرايو۔
هن جي پارٽي، هن جي پارٽي؟؟؟
ڇا هي قافلو جنهن ۾ اسان آهيون ان ۾ ڪا خرابي آهي؟
جي هن ۾ ڪا خرابي آهي ته اسان کي ٻڌاريو وڃي ته سنڌ سلامت ۾ ڇا خراب آهي؟
اڄ تائين سنڌ سلامت اسان سنڌين کي ڪجهه ڏنو آهي، اڄ تائين اسان کان سنڌ سلامت ڪجهه گهريو ئي نه آهي ته پوءِ ڪهڙي دڪانداري ڏانهن اوهين اشارو ٿا ڪريو۔
اوهين ڪنهن کي اندر جا ڪاريهر ٿا ڪوٺيو۔
هت سوين سنڌي دوست آيا جن پنهنجون ويب سائيٽون ٺاهيون آهن انهن پنهنجن ويب سائيٽن جو هت ذڪر ڪيو داد حاصل ڪئي ڳالهه ختم۔
مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌي لنڪ پنهنجو پاڻ کي ٻين تي زبردستي ڇو ٿي مڙهي؟
وري چئون ٿا ته اسان اوهان جي محلات ڏسي پنهنجي هن محبتي پياري جهوپڙي سنڌ سلامت کي ڪانه ڇڏيندا سون۔
اوهان جون ڪاوشون تمام بهترين آهن، آءُ ساراهيان ٿو، پر اهو چيلينج به ڪريان ٿو ته اوهان جيڏي به ڪوشش ڪريو سنڌ سلامت جو ڳاٽ شان شوڪت سان اونچو رهندو، ان جي سنڌي سڄڻن ۾ اڃان اضافو ٿيندو ان شاءَ الله۔
اوهين چوٽي جو زور لڳائي ڏسو، پر اوهان جڏهن به هر واري هن اڱڻ تي ايندا اوهان کي سڄڻن جي تعداد ۾ اضافو ئي ملندو۔
اسان اوهان کي وري به گذارش ڪريون ٿا ادا عاجز، ادي چانڊوڪي، ادا نقاش هن ٽيڪنالاجي کي اسان عام سنڌين جي متفق ٿيڻ جا ڪارڻ بڻجو۔
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

ادا سليمان وساڻ وانگر مون به پهرين سرسري طور تي ويبسائيٽ جو جائزو ورتو پر سائين نثار ابڙو جي ڪمينٽس کان پوءِ مون جڏهن مٿي ڏنل ويب سائيٽ جو پورو جائزو ورتو ته ان سائيٽ جو تعارف پڙهي حيرت ۾ وٺجي ويس۔۔ ”اتي سنڌ سڪار ۽ سلامت جي“ نعري سان سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ انٽرنيٽ تي پاڻ پتوڙيندڙ اسان جي هن فورم جي انتظاميه لاءِ طرح طرح جا لفظ استعمال ڪيا ويا آهن، سنڌ سلامت جي هڪ رڪن جي حيثيت سان، هن ويب سائيٽ جي ذريعي گهڻو ڪجهه پرائيندڙ هڪ عام سنڌيءَ جي حيثيت سان مان سنڌي لنڪ ويب سائيٽ جي مالڪن کان پڇڻ چاهيندس ته اوهان سنڌي ٻوليءَ جي انٽرنيٽ تي ڪيتري خدمت ڪئي آهي؟؟ ڇا نوجوانن کي ”چيٽنگ يعني ڳالهه ٻولهه جي ذريعي وقت وڃائڻ“ جي سهولت ڏيڻ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت آهي؟؟ ڇا سنڌيءَ جي لاءِ ڪي شاعر، ليکڪ، تحقيق دان تيار ڪيا ويا آهن؟؟ ڇا ٽيڪنالوجي جي خبرن ۽ معلومات جي ذريعي اوهان سنڌ جي نئين نسل کي باخبر رکيو آهي؟؟؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ سنڌ سلامت ۽ اهڙين ٻين سائيٽن تي آڱر کڻڻ اوهان جي اندر جي کوٽ کي ظاهر ڪري ٿو۔۔ توهان جي لاءِ اڄ به اسان جي دل ۾ عزت آهي پر مهرباني ڪري اهڙيون ڳالهيون ڪري پنهنجي عزت اسان جي دل ۾ گهٽ نه ڪريو۔۔۔۔ اڳئي سنڌين ۾ ڦيٽاڙو وجهندڙن جي گهٽتائي آهي جو اوهان هي ڳالهيون شروع ڪيون آهن۔۔۔
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

نهايت ئي ڏک ۽ ندامت جي ڳالھ آهي جو اڄ جي دور ۾ به سنڌي ڀا سنڌي ڀا سان اهائي رسم رکيو پيو اچي جنهن اسان جي هر ان ڪاميابي جي منزل جو راھ روڪن ٿا جنهن ۾ سنڌ يا سنڌ واسين جو ڀلو ٿئي . اڃان شايد اسان تعليم جي زيور سان سهڻي نموني آراسته نه ٿيا آهيون . پهريان مان پنهنجي قوم جي تاريخ (چوهاڻ) مرتب ڪندي اهو سوچيندو هئس ته شايد اهي خرابيون فقط اسان جي ذات اندر آهن جيڪي اسان کي پوئتي ڪيون ويٺيون آهن پر اڃان وڌيڪ تحقيق جي دائري کي وڌايم ته معلوم اچي ٿيو ته اها بيماري ته وڏي پيماني ۾ پکڙيل آهي . جيڪي وڏي پيماني ۾ اڏوهي وانگر اسان جي وجود کي کائي رهي آهي . ڪجه احباب دوست جيڪي هر شعبي ۾ آهن هن نذاڪت کي سمجهندي پنهنجي فرض کي نڀائڻ لاءِ جيڪر اڳتي اچن ٿا هنن کي پوئتي ڌڪڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن . نهايت افسوس سان چوڻو ٿو پوي تي اسين پنهنجي محسن ۽ پنهنجي رقيب ۾ ڪو فرق ئي نٿا رکون . بنا تحقيق بنا سوچڻ سمجهڻ ، بنا غور فڪر جي جيڪو ذهن ۾ آيو برملا چئي ٿا وڃون ، افسوس صد افسوس اها قوم ڇا ترقي ڪندي جنهنجا رهاڪو اهڙي سوچ جا مالڪ آهن جو بنا فرق دوست دشمن جي انوکو ڪردار ڪندي نظر ٿا اچن!

سنڌي ٻولي کي پوري دنيا ۾ اوچو ڳاٽ ڪرڻ لاءِ مان سائين عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب جن ۽ ادي عبدالرشيد صاحب کي ڇا سمّان ڏيان ، ڇا لکي ڇا لکيان ، اهو وقت اچي ثابت ڪندو ته ڪير سنڌ جا محسن آهن ڪير دشمن؟

اڄ جيڪر اسان پاڻ ۾ ايتريون مسافتن ۽ دورين هوندي گڏ ٿيا آهيون ، ڇا اهو ڪردار سنڌ سلامت جو ناهي ،ڇا اڄ سڄي دنيا ۾ سنڌي ٻولي کي عام ڪرڻ جو سبب سنڌ سلامت ناهي ڪيو؟ ها جيڪر اِها دڪان داري آهي (اوهان جي نظرن ۾) ته پوءِ ادا اها دڪانداري ئي صحيح اسان هن دڪان جا خريدار آهيون هن دڪان جي بقا ۽ دوام لاءِ جيڪر ڏکئي مان ڏکيو وقت به آيو ته انشاءالله هن فورم جا دوست هن کي اڪيلا نه ڇڏيندا ، انشاءالله

الحمدلله سنڌ سلامت هميشه مثبت ڪم جي واکاڻ ڪندي آئي آهي ۽ ڪندي رهندي ، اهو واحد فورم آهي جنهن جا دروازا هر ماڻهو لاءِ کليل دل سان کليل هوندا آهن . اسان کي هن فورم سان دل و جان سان چاھ آهي ۽ انشاءالله

لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي جي مصداق بڻجي هن فورم کي فعال ۽ قائم دائم رکبو

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

سنڌ سلامت جا دوستو اوهان کي مون حقير جي طرف کان گذارش ٿي ڪئي وڃي ته سچل سائين جي هن ٻولن تي ڌيان ڌريو وڃي۔۔۔۔

ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي مان جوئي آهيان سوئي آهيان۔۔۔۔

ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا۔۔۔ اميد ته سنڌي لنڪ وارن کي به هن سٽ کان واقفيت ٿي ويندي۔۔۔۔
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

ادا نقاش اسان دل جي گهيراين سان هن نئي سنڌي فورم کي ڀلي ڪار چئون ٿا ۽ توهان جي کنيل قدم ۽ محنت کي داد ڏيون ٿا حقيقت پڇو ته جڏهن هن فورم جو وزٽ ڪيو ته دل خوشي ما ٻهڪي اٿي هر روز هڪ نئون قدم سنڌه ۽ سنڌين لا نئون پيغام پر ڪجه هدايتون آهن جيڪو ادا وساڻ ڪري چڪو آهي انهن تي غور َزور ڪندا
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

ادا واه جي سنڌي ويب سائت اهي
تمام سٺي سائٽ اهي مهرباني ادا لک ٿورا ادا
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

سنڌي لنڪ ويب سائيٽ تمام سٺي اهي
هن ويب سائيٽ تان توهان ويڊيو چيٽ ڪري سگهو ٿا
هاڻي توهان کي ياهو ميسنجر ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ڪابه گنجائش نه آهي بس هاڻي هن ويب سائيٽ تان چيٽ ڪري سگهو ٿا
۽ هن سائيٽ ۾ توهان آن لائين چيٽ ڪري سگهو ٿا ۽ ان کان علاوه سنڌي گانا،سنڌي ٽو انگريزي ڊڪشنري۔سنڌ جا عظيم شاعرن جي شاعري،سنڌي ريڊيو،سنڌي اخبارون ۽ وغيره آهن
 
جواب: انٽر نيٽ تي هڪ نئي سنڌي ويب جو اضافو

ادا عاجز ۽ ادي عاجز جي ٽيم آءُ اوهان کي گذارش ڪندس ته ٻيلي تفرقا اسان سنڌين ۾ حقيقي ميدان ۾ گهڻا ٿي چڪا، ڇا هن بهترين انٽرنيٽ جي ٽيڪنالاجي ۾ ساڳيا تفرقا آڻيندا، هن ٽيڪنالاجي ۾ اوهان سنڌي ٻولي ۽ سنڌين جي خدمت اهڙي طريقي سان ڪندا؟؟؟!!!
اوهين سڄڻن کي اسان عام سنڌي گذارش ڪندا سون ته سنڌين ۾ ٻڌي جو سبب بڻجو، نه ڪي تفرقو ڪرايو۔
هن جي پارٽي، هن جي پارٽي؟؟؟
ڇا هي قافلو جنهن ۾ اسان آهيون ان ۾ ڪا خرابي آهي؟
جي هن ۾ ڪا خرابي آهي ته اسان کي ٻڌاريو وڃي ته سنڌ سلامت ۾ ڇا خراب آهي؟
اڄ تائين سنڌ سلامت اسان سنڌين کي ڪجهه ڏنو آهي، اڄ تائين اسان کان سنڌ سلامت ڪجهه گهريو ئي نه آهي ته پوءِ ڪهڙي دڪانداري ڏانهن اوهين اشارو ٿا ڪريو۔
اوهين ڪنهن کي اندر جا ڪاريهر ٿا ڪوٺيو۔

هت سوين سنڌي دوست آيا جن پنهنجون ويب سائيٽون ٺاهيون آهن انهن پنهنجن ويب سائيٽن جو هت ذڪر ڪيو داد حاصل ڪئي ڳالهه ختم۔
مونکي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته سنڌي لنڪ پنهنجو پاڻ کي ٻين تي زبردستي ڇو ٿي مڙهي؟
وري چئون ٿا ته اسان اوهان جي محلات ڏسي پنهنجي هن محبتي پياري جهوپڙي سنڌ سلامت کي ڪانه ڇڏيندا سون۔
اوهان جون ڪاوشون تمام بهترين آهن، آءُ ساراهيان ٿو، پر اهو چيلينج به ڪريان ٿو ته اوهان جيڏي به ڪوشش ڪريو سنڌ سلامت جو ڳاٽ شان شوڪت سان اونچو رهندو، ان جي سنڌي سڄڻن ۾ اڃان اضافو ٿيندو ان شاءَ الله۔
اوهين چوٽي جو زور لڳائي ڏسو، پر اوهان جڏهن به هر واري هن اڱڻ تي ايندا اوهان کي سڄڻن جي تعداد ۾ اضافو ئي ملندو۔
اسان اوهان کي وري به گذارش ڪريون ٿا ادا عاجز، ادي چانڊوڪي، ادا نقاش هن ٽيڪنالاجي کي اسان عام سنڌين جي متفق ٿيڻ جا ڪارڻ بڻجو۔




مان ادي طاهر جي مٿين لفظن سان متفق آهيان۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هون به جيلسي ماڻهون ڪڏهن به ترقي نٿو ڪري توهان لڳايون پنهنجو زور ۔۔۔۔۔ مونکي ته ائين ٿو لڳي ته دوست کان سنڌ سلامت جي ترقي نٿي ڏٺي وڃين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ڏسي رهجي ته ڇاٿو ٿئي
 
Back
Top