سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچايو؛

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    انڊس هيرالڊ بلاگ: جي ٿورن سان:
    سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچايو؛
    سنڌو يوسف؛
    [​IMG]

    [JUSTIFY]گذريل صدي جي دوران دنيا ۾ ڪيئي تبديليون آيون جينئن ٻن عظيم جنگين جو لڳڻ، خلافت عثمانيه جو ٽٽڻ ۽ ايشيا جي نقشي تي ڪيترن ئي ننڍين رياستن جو ٺهڻ جنهن ۾ پاڪستان به شامل ھو۔ ھندوستان جي مسلمانن کي سچ به ڪنهن آزاد رياست جي ضرورت ھئي يا نه پر مغربي حڪمرانن کي ايشيا ۾ ‌پنهجي بالادستي قائم رکڻ ۽ سويت يونين سان پراڻي دشمنيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ ھڪ اھڙي رياست جي ضرورت ھئي جنھن سان ھو ڏکڻ ايشيا مان نڪرڻ‌کان پوءِ به پنھنجو اثر رسوخ جاري رکي سگھن. چوڻ جو مقصد ته پاڪستان جي ٺهڻ ۾ ملسمانن جي جدوجھد سان گڏ انگريز حڪمرانن جي سازش به شامل هئي۔ 1947 ۾ اسان آزاد نه پر دراصل غلامن جي به غلاميءَ ۾ اچي وياسين۔ انگريزن پنھجي حڪومت قائم رکڻ لاءِ مذھب جي بنياد تي ھتي جي ماڻھن کي پاڻ ۾ ويڙھايو جنھن کي ھُو ڊوايئڊ اِينڊ رول پاليسي ڪوٺين ٿا ۽ جنھن جي نتيجي ۾ پاڪستان ٺھيو
    پاڪستان ٺھڻ‌ کان پوءِ اھڙا حالات پيدا ڪيا ويا جو سنڌ جو ھندو سنڌي مجبورن پنھنجا گھر تڙ ڇڏي ھندوستان ھليو ويو۔ انھن کان انھن جي ڌرتي ۽ انھن جي شناخت سڀ کسجي ويو۔ سنڌي ھوندي به ھو سنڌ ۾ اچي نه پئي سگھيا۔ انھن کي ھندو ھجڻ جي ڏوھ ۾ ھميشه لاءِ جلا وطن ڪيو ويو پر ھو سنڌ نه وساري سگھيا. ھو اڄ به سنڌي آھن ۽ سنڌ انھن جي ڌرتي آۡھي. انجي ابتڙ سنڌ ۾ انھن کي آباد ڪيو ويو جيڪي ڪڏھن پاڻ کي سنڌي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آھن۔ بلڪه اسرائيل وانگر پنھنجو الڳ صوبو يا ملڪ ٿا ٺاھڻ گھرن۔ اڄ سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ وارا آھن جئين بلوچستان ۾ پٺاڻن جي علائقن ۽ انهن کان ٻاهر افغانين کي آباد ڪري ۽ گوادر بندر جون رٿائون ٺاهي، بلوچن کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي۔ اسان جو به اھو ئي حشر ٿيندو ڇو ته پنجاب اسان تي باقائدي منصوبي تحت حڪمراني ٿو ڪري. اھو سڀ ڪجھ پاڪستان ۾ حڪمرانن جي مسمينيجمينٽ جو نتيجو نه آھي ۽ انھن کي پنهنجي جوڙيل منصوبي تحت خبر آھي ته انھن کي اڳواٽ ڪھڙا حفاظتي قدم کڻڻ گھرجن۔ تنھن ڪري بنگلاديش ٺھڻ کان پوءِ مجيب رحمان بھارين کي واپس گھراِئڻ جي شرط رکي ھئي پر ذولفقار علي ڀٽي انڪار ڪيو پر نواز شريف انھن کي گھرائي ھتي آباد ڪيو آخرڇو ۽ ڪھڙي قانون تحت؟ بھارين ۽ افغانين جي لاِءِ ھتي جڳھ آھي پر سنڌ ۾ سنڌ جي وارثن لاءِ جڳھ نه آھي
    سنڌي هندن کي ويزا ڏيڻ ۾ سختي ڪئي ٿي وڃي آخر ڇو؟ برطانيه ۽ ٻين ڪيترن ملڪن ۾ اڄ به انھن ماڻھن کي شھريت ملي ٿي جن جا ڏاڏا پڙ ڏاڏا اتي جا ڄاول ھئا پوءِ سنڌ جا اھي سنڌي سنڌ ۾ ڇو نٿا اچي سگھن؟ اسرئيلي اھو چئي فلسطين جا وارث ٿيا ته ٻه ھزار سال اڳ اھو ملڪ انھنجو ھو۔ دنيا ۾ جتي به جنگيون لڳن ٿيون اتي لڏپلاڻ ٿيئ ٿي پر جنگين کان پوءِ اھي ماڻھو وري پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽن ٿا۔ اِئين ئي ورھا ڱي جي وقت جنگ جھڙي صورتحال ٿي وئي ھئي. ماڻھن کي پنھجا ٻار ٻچا بچائڻ لاءِ ملڪ ڇڏڻو پيوھو۔ پر بعد ۾ سنڌ جي ھندن لاءِ پاڪستان اچڻ مشڪل ڪيو ويو. بلڪه سنڌ ۾ رھيل ھندن سان اھڙو سلوڪ ڪيو ويو ته اھي به ڀڄي وڃن ۽ جيڪي ھليا ويا آھن اھي ھتي اچڻ جو نالو نه وٺن۔ ساڳي وقت انڊيا مان ايندڙ ٻين قومن لاءِ پاڪستان جا دروازا ڪڏھن به بند ڪونه ٿيا ۽ نه ئي انھن کي را جو ايجينٽ ڪوٺيو وڃي ٿو. پنجاب جا سک به ھر سال پنهنجي مذهبي ڏينهن تي پاڪستان اچي سگهن ٿا پر سنڌين تي سنڌ جا دروازا بند ڪيا ويا ته جيئن اھي سنڌ ۾ اچي سنڌي جي شھرن ۾ وري آباد نه ٿي وڃن
    سنڌ سان اھي نانصافيون ڪو اتفاق ناھن بلڪه اھي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي منصوبي جو حصو آھن. بلوچستان جو مثال اسان جي سامھون آھي۔ اڄ سنڌي سنڌ ۾ اقليت ۾ تيبديل ٿيڻ جي قريب آھن۔ سنڌ جي شھرن ۾ ڌارين جي آباد ڪاري وڌي وئي آُھي۔ اسيمبلين ۾ انھن جو انگ گھڻي ڀاڳي آھي۔ سڀاڻ اسان شايد ڪا قراداد به مشڪل سان پاس ڪرائئ سگھون۔ ويجھڙائيءَ ۾ حڪومت طرفان ھڪ بل پيش ڪيو ويو جنھن تحت ٻٽي شھريت وارا سرڪاري عھدو نٿا رکي سگھن۔ ھن بل جي پاس ٿيڻ سان عوام کي ڪو فائدو رسندو يا نه مان ان تي ته بحث ڪونه ڪنديس۔ پر انجي جڳھ تي تجويز ڪنديس ته حڪومت قرارداد پاس ڪر ي ته سنڌ ما لڏي ويل سنڌين کي سنڌ اچڻ لاءِ ويزا جو شرط غير ضروري آھي ۽ سنڌ جا اھي سنڌي خواھ ‌ڪنھن به ملڪ ۾ ھجن سنڌ جا شھري آھن ۽ انھن کي ٻي شھريت به رکڻ جو پورو حق آھي ۽ جيڪي سنڌي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ چاھن ٿا انھن کي سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ ڀرپور مدد ملڻ گھرجي ته جئين انھن جا حوصلا وڌن حڪومت انھن کي پورو تحفظ ڏئي
    ٻئي طرف ٻاھر آباد سنڌي ماڻھو به پنھجي پوري ڪوشش ڪن۔ پاڪستان جي شھريت وٺن. جي نه ملي ته انکي گڏجي ڪورٽ ۾ چيلينج ڪن۔ ھتي اچي سنڌ ۾ ڪاروبار ڪن ڇو ته اڄ سنڌ کي انھن جي ضرورت آھي ۽ هتي آباد ٿيل سنڌي پنھنجي سنڌي ڀائرن جي پوري مدد ڪن جيئن انھن پنھجي مسلمان ڀائرن جي ڪئي ھئي۔ سنڌي ھندن جي ھتي آچڻ سان سنڌ کي وڏو فائدو ٿيندو۔ سنڌ ۾ سنڌي واپاري ڪلاس ايندو، سنڌ جو مڊل ڪلاس وڌندو. سنڌ ۾ سنڌي پڙھيل لکيل ترقي پسند ماڻھن جو انگ وڌندو، سنڌ جي اقتصادي حالت بھتر ٿيندي، سنڌجي شھرن ۾ سنڌي اقليت ۾ تبديل ڪونه ٿيندا ۽ سنڌي قوم جو وڏو حصو ٻين ملڪن ۾ڪنھن ٻي قوم ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي ويندو۔ آخر انھن جو نئون نسل ڪيستائئن سنڌ کان پري رھي به پنھجي شناخت قائم رکي سگھندو۔ ھو سنڌ جا اصل وارث آھن ڪي سنڌ دشمن ڪونه آھن جنھن کان مستقبل ۾ سنڌي قوم کي خطرو ھجي بلڪه ھو سنڌ دوست آھن، سنڌ جي حقن تي ڪا سوديبازي ڪرڻ وارن ما نه آھن
    سٺ سال اڳ سنڌ لآِءِ ٻين فيصلو ڪيو ۽ اسان ان تي عمل ڪيو. اڄ سڄي دنيا ۾ رھندڙ سنڌي قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ھو ڇا ٿا چاھين؟ سنڌ ۾ رھندڙ سنڌي عوام فيصلو ڪري ته ھو سنڌ جي جلاوطن ٿيل سنڌين کي انھن جي ڌرتي تي رھڻ جو حق ڏياريندو يا نه؟ سنڌ ما لڏيل سنڌي فيصلو ڪن ھو سنڌ ۾ واپس اچي سنڌ کي ٽڪڙا ٽڪڙا ٿيڻ کان بچائيندا يا نه؟
    مون کي خبر آھي ته اھو ايترو آسان ڪونھي۔ پر جڏھن بنگلاديش مان بھاري اچي سگھن ٿا افغانسان مان افغاني اچي سگھن ته پوءِ سنڌي ڇونه؟ جڏُھن ٻن شھريت جي رکڻ وارن سرڪاري عھدا نه رکڻ جي قرادا پاس ٿي سگھي ٿي ته اھا قراداد پاس ڇونه ٿي سگھي؟ سڀ کان وڌيڪ جڏھن مذھب جي بنياد تي ڌاريا ھن ملڪ ۾ اچي رھي سگھن ٿا ته سنڌ جا سنڌي ڇونه جيڪي ھميشه کان سنڌ جا رھاڪو رھيا آھن، جيڪي ان جا وارث آھن؟ جيڪڏھن ڪو قانون ناھي ته ٺاھڻ کپي. پر ان لاءِ حوصلي سچائيءَ ۽ يڪجھتي جي ضرورت آھي۔ اسان سڀن کي سنڌ جي بچائڻ لاءِ ڪي تاريخي قدم کڻڻا پوندا. اھي فيصلا ڪرڻا پوندا جيڪي اسان جا پنھجا ھجن نه ڪي حڪمرانن جي سازش جو نتيجو۔ سنڌ مان لڏي ويل سنڌين کي اڃا گھڻو عرصو ڪونه ٿيو آھي جو انھن جي واپسي جا درھمِيشه لاءِ بند ٿي وڃن. اڄ سنڌ کي انھنجي ضرورت آھي ۔ته ھمت ڪن ۽ اچن پنھنجي سنڌ بچائين. ڪيتريون ئي تڪليفون ته انديون. ان کي ھمت سان منھن ڏين. سنڌي عوام پنھجي سنڌي ڀائرن کي واپس آڻڻ‌لاءِ جاکوڙ ڪري ته جئين نه صرف انھن سنڌين کي پنھجو ملڪ ملي بلڪه سنڌ ۾ سنڌي قوم اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچي سگهي
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچايو؛

    سائين نثار سٺو ڪالم لکيل آهي

    اسان جي بد نصيبي اها آهي جو آئين ٺاهيندڙن ۽ آئين ڊاهيندڙن ۾ اسان جا پنهنجا ئي موجود آهن۔ ادارن ۾ اسان جا پنهنجا سنڌي ويٺا آهن۔ مخدوم جاويد هاشمي سچ ڳالهائي ٿو ته پارٽيء جي پوين سيٽن تي ويهاريو ٿو وڃينس۔ ميڊيا وڪاميل آهي، صحافي سچ ڪونه ٿا لکن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    ڪاڏي وڃجي اهڙا حال رهيا ته اسان اقليت ۾ تبديل ٿي وينداسون۔ اسان جا اڳواڻ هڪٻئي سان گڏ ويهڻ لاء تيار ڪونهن۔ هو پيرين پنڌ جدوجهد لاء تيار ناهن۔۔۔۔۔۔

    پوء به اڃان رڃ مان رڙ اچي ٿي اچي ٿي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ کان بچايو؛

    ادا سٺي ونڊ آهي ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو