انساني حقن جي رپورٽ ۽ جمهوري حڪومت جا ٽي سال!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    عرفانه ملاح


    [JUSTIFY]يقينن انساني حقن جي حوالي سان 2010ع واري رپورٽ انهن سڀني ڳالهين جي نفي ڪري ٿي ۽ انهن سڀني دعوائن جي پت وائکي ڪري ٿي، جيڪي سرڪار نامدار گذريل ٽن سالن کان ڪندي اچي. هن سال جيڪا رپورٽ منظر عام تي آئي آهي، اها ان ڳالهه کي ٿلي ليکي وائکو ڪري ٿي ته سرڪار انساني حقن جي تحفظ جيڪو جمهوريت جو بنيادي ايڪو آهي، ان جي حفاظت ۾ بري طرح ناڪام وئي آهي. انساني حقن جي 2010ع واري رپورٽ گذريل سال انساني حقن جي حوالي سان انتهائي افسوس ناڪ منظرنامو پيش ڪري ٿي. ان ۾ 1258 قتل رپورٽ ڪيا ويا آهن، جيڪي پڻ اخباري انگ اکر آهن. حقيقي تعداد ان کان ٻيڻو به ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هنن سڀني انگن اکرن مان هڪ ڳالهه واضح آهي ته ڊرون حملن جي قتل ٿيل شهرين جي خبر ته نمايان طور ڇپجي پئي، پر فاٽا ۽ وانا وزيرستان اندر دهشتگردن سان ويڙهه لاءِ جوڙيل قبيلائي لشڪرن ۽ طالبان جي حملي دوران مارجي ويلن جا انگ اکر Missing persons وانگر ”گم“ آهن. ساڳي طرح ڪراچيءَ جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو احوال ته موجود آهي، پر سنڌ اندر قبيلائي جهڳڙن جو کاڄ ٿيلن جو ڪو ڪاٿو ئي ڪونهي. هتي مَرڻ ۽ مارڻ واري جي رنگ، نسل، علائقي ۽ مذهب جي بنياد تي خانابندي ٿيل آهي. ساڍا ٻارنهن هزار رپورٽ ٿيل قتلن ۾ هڪ هزار جي لڳ ڀڳ اهي شهري آهن، جيڪي آمريڪي ڊرون حملن ۾ ماريا ويا آهن. پر سڄي سال جون اخبارون کڻي ڏسو ته پارليامينٽ کان پريس ڪلبن تائين توهان کي رڳو ڊرون، ڊرون جو ذڪر ئي ٿيندو نظر ايندو. مذهبي جماعتن کان وٺي حڪومتي توڙي لساني پارٽين جو بهترين مشغلو اهو رهيو ته هو ڊرون حملن جي مذمت ڪن ۽ حقيقت ۾ اها ٿيڻ به گهرجي، پر هڪ ڳالهه جيڪا هن رپورٽ پڌري ڪئي ته انهن هزار ماڻهن جيڪي آمريڪي ڊرون حملن جو شڪار ٿيا، جي مقابلي ۾ ٻه هزار ماڻهو وري دهشتگرديءَ جو کاڄ ٿيا، جن ۾ يارنهن سئو سڌا سنوان خودڪش حملن ۾ ماريا ويا، جن ۾ پڻ گهڻائي انهن جي آهي، جيڪي پوري زندگي برداشت ۽ رواداريءَ جو درس ڏيندڙ صوفي بزرگن جي مزارن تي عقيدت جي حاضري ڀريندڙ هن ملڪ جا اهي غريب ۽ بي پهچ شهري هئا، جن جي بيماري ۽ لاچاريءَ جو هڪ آسرو اهي بزرگ ئي آهن. پر پوري سال نه ٽي وي ڪئمرائن نه ئي ميزبانن انهن مسڪين شهرين جو ذڪر ڪيو، نه ئي روايتي مذمتي بيانن کان هٽي ڪو مين اسٽريم يا ٻين پارٽين ان عمل خلاف چٽو موقف رکيو. ايتري قدر جو مولانا فضل الرحمان جي جلسي جي ذميواري به دهشتگردن قبول ڪئي ته به مذمتي بيان ڊرون حملن ۽ آمريڪا لاءِ شايع ٿيا. مطلب ته جڏهن حملي آور ٻاهريون آهي ته سڀ ڀالا کڻي هاءِ گهوڙا ڪرڻ ۾ لڳي وڃن ٿا، پر جڏهن ساڳيو ئي شهري ڪنهن ٻئي شهريءَ جي هٿان قتل ٿيو وڃي، يا رياستي دهشتگرديءَ جو شڪار ٿئي ٿو ته ان لاءِ نه ڪا ملامت آهي، نه ئي هاءِ گهوڙا آهي، نه ئي حڪمران آمريڪا سان احتجاج جو واعدو ڪن ٿا، نه ئي ڪا عسڪري قيادت تحرڪ ۾ اچي ٿي. ساڳي طرح جنهن ڏينهن ريمنڊ ڊيوس هٿان لاهور ۾ ٻه شهري بيدرديءَ سان قتل ٿيا، ان ڏينهن تي اخبارن ۾ ملڪ اندر ساڳي قسم جا ڏهه ٻيا ڪيس به رپورٽ ٿيا، جنهن ۾ پنجاب اندر پوليس تشدد جو شڪار هڪ شهري ۽ سنڌ ۾ قبائلي جهڳڙي جو کاڄ ٿيندڙ پنج ٻيا شهري به شامل هئا، پر ڪئمرا فليش، پوليس جي ليفٽ رائيٽ، سياستدانن جا چاٻا، دهمان، للڪار، حڪومت جو جو مرڪز ۽ محور اهي شهري ئي رهيا، جيڪي لاهور ۾ هڪ آمريڪيءَ هٿان ماريا ويا. انهن جو موت ته اگهامجي ويو، انهن جي سماجي صورتحال، انهن جي عورتن جون رڙيون، دانهون، ڪوڪون، تڪليفون، هر وقت اسان توهان جي اکين اڳيان ڦرنديون رهيون، اَي سِي هوٽلن ۾ پراهتمام ڊنر واپرائيندڙ کان بيوروڪريٽ تائين انهن ڪامينٽرين تي ها ۾ ها ملائيندو نظر اچي ٿو ته هڪ عام گهريلو عورت به اکين ۾ ڳوڙها ڀري ان ”نپٽي آمريڪي“ کي بدعائون ۽ پاراتا ڏيڻ ۾ اڳيان اڳيان هئي، پر اهي پنج ڳوٺاڻا جيڪي مزدوريءَ لاءِ گهران نڪتا هئا، رستي ويندي گولين جو کاڄ ٿيا، نه انهن جا لاش، نه انهن جا گهر، نه ئي جهوپڙين سڪندڙ اهي بکايل درد جون ماريل مائرون، نه ئي ڇاتين سُڪل سندن ونيون ڪٿي ڪا اخباري ڪنڊ والاري سگهيون، نه ئي ڪنهن سياستدان جو بيان ڪنهن آٿت وانگر سندن ڪنن تائين پهتو. انهن جو ذڪر صرف سنڌي اخبارن ۾ ئي آيو. ان وقت انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۽ انهن جا اهي لفظ ڪنن ۾ رجڻ لڳن ٿا ته ”سڀ انسان بغير ڪنهن رنگ، نسل، جنس ۽ علائقي جي برابر آهن“. جڏهن هو پنهنجي موت، پنهنجي جانين جي تحفظ ۾ برابر نه آهن ته زندگيءَ لاءِ جاکوڙيندي پيٽ لاءِ راهه ويندي مرڻ ۾ ڪيئن برابر آهن!؟ آمريڪي ڊرون حملن سان ماريل يا آمريڪي شهريءَ هٿان گولين جو کاڄ ٿيندڙ شهرين جو ته رت اگهامجي ٿو وڃي، يا آمريڪي جيل ۾ قيد ڊاڪٽر عافيه صديقي ته قوم جي ڌيءَ آهي، پر بلوچستان جي نياڻي زرينا مري جيڪا ڪيتري عرصي کان ”گم“ آهي، اها بدنصيب نياڻي ڪنهن جي ڌيءَ آهي، ڪهڙي رياست جي شهري آهي يا ڪهڙي سياسي پارٽي سندس وارثي ٿي ڪري؟
    آئين جي نظر ۾ سڀ برابر، سنڌي توڙي بلوچي، يا شهري توڙي ٻهراڙيءَ وارا سڀ برابر آهن، واري ڳالهه ان لمحي بي معنيٰ ٿيو وڃي، جڏهن تهه در تهه دفتر کلن ٿا. ڪهڙي ڳالهه ڳڻائجي، ڪهڙي ڇڏجي، ڪراچيءَ ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ موت جو شڪار ٿيندڙ جو انگ 301 آهي، پر ڪراچيءَ کان هٽي جيڪا اتر، اولهه ۽ اوڀر سنڌ آهي، ان ۾ ڇا ٿيو، ڪيترا نوجوان اغوا ٿيا، ڪيتريون نياڻيون ڪاريون ڪري ماريون ويون يا جرڳن ۾ ڪيئن وزيرن جي موجودگيءَ ۾ ”خون معاف“ ڪيا ويا، نياڻين کي سڱ چٽيءَ ۾ ڏنو ويو. انهيءَ انساني حقن جي لتاڙ واري خاني ۾ ان عمران جوکئي جو ذڪر به آهي، جنهن جي بيواه ماءُ يارنهن مهينن کان پنهنجي اڪيلي ٻچي جي ڳولا لاءِ در، در واجهائيندي رهي آهي، پوليس ٿاڻن جا چڪر ڪاٽيندي وس وارن کي ٻاڏائيندي بي حال ٿي وئي آهي، پر حقن جي لتاڙ يا مسنگ پرسن جي خاني ۾ هن جي ڳوڙهن ۽ گم ٿيل ٻچي جو به شمار نه آهي. گذريل پورو سال ذوالفقار مرزا اخباري پنن ۽ صحافين جي مائيڪن اڳيان قاتلن کي للڪاريندو رهيو، هنن جي سڄي توجهه جو مرڪز ڪراچي ۽ سڄي تنقيد رڳو هڪ گروپ مٿان رهي. سنڌ جو شهري، جن کين ووٽ ڏئي، ان جاءِ تي پهچايو، اهو سنڌي يا انهن جون تڪليفون، ان سنڌ جو امن امان يا قبائلي جهڳڙا، انهن جي خاتمي لاءِ هنن ٽن سالن ۾ هنن طرفان ڪا به هڪ سنجيده ڪوشش ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي. ٻيو ته ٺهيو ڪراچي واٽر بورڊ جي ملازمن ۽ ڪراچي ڪميونٽي پوليس جي ملازمن کي ته هٿ ٻڌي ۽ کل خوشيءَ سان پڪو ڪيو ويو، پر سنڌ جي 25000 هيلٿ ورڪرز تي بدترين لٺبازي ڪري، اڌ رات جو انهن نياڻين کي ٻنين ۾ ڊوڙائي ڊوڙائي انهن تي سخت تشدد ڪيو ۽ دهشتگردي ڪورٽ ۾ پيرين اگهاڙي، ٿڃ پياڪ ٻارن جي مائن کي چالان ڪيو ويو. ان عمل ۾ ڪهڙيون جمهوريت دشمن قوتون شامل هيون، يا اهي عورتون جمهوريت خلاف ڪهڙي سازش ڪري رهيون هيون؟ اها هٿين خالي نياڻين مٿان قهري ڪارروائي ڪندڙ پوليس ته گهرو کاتي جي ماتحت ئي ڪم ڪندي آهي، ته پوءِ ان جو ذميوار ڪير آهي؟
    انساني حقن جي لتاڙ واري هيءَ رپورٽ هڪ اهڙو دستاويز آهي، جيڪو حڪومت جي ٽن سالن جي سياستڪاريءَ يعني مفاهمت جي پاليسيءَ جي نتيجي ۾ ٺهندڙ سرڪار جي اوليت ۽ اندازِ حڪمرانيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. هن مان هڪ ڳالهه ته پڌري پٽ ظاهر آهي ته هن خطي ۾ نه رياست جي نظر ۾ سڀ شهري برابر آهن، نه ئي هن جمهوري سرڪار جي حڪمرانيءَ مان سڀ شهري برابر پيا لڳن. جتي ٻارنهن ساڍا ٻارنهن هزار ماڻهو بي موت ماريا وڃن ۽ سڄو سال صرف محور ۾ اهي هزار ماڻهو رهن، جيڪي ڊرون حملن ۾ ماريا ويا ته ان مان اها ڳالهه ته پڌري آهي ته رهيل ساڍا يارنهن هزار ماڻهو ته ڪنهن جي ايجنڊا تي نه آهن. نه ئي اسين شهري انهن لاءِ فڪرمند آهيون، نه ئي اسان جا حڪمران. ساڳي سال 2000 ماڻهو اغوا ٿيا، ۽ سنڌ ۾ انهن مان گهڻائي اقليتي برادريءَ سان واسطو رکندڙن يعني سنڌي هندن جي آهي. جن جي چئن سالن جي ٻار کان وٺي سورنهن سالن جون نياڻيون به محفوظ نه آهن. ساڳي حالت پنجاب ۾ مسيحي برادريءَ سان وسطو رکندڙن جي آهي. پوري ملڪ جو جائزو وٺجي ته انساني حقن جي لتاڙ جي حوالي سان هڪ جهڙو رويو محسوس ٿئي ٿو. حڪومت کڻي پي پي جي هجي، ڪيو يا نون ليگ يا اي اين پي حڪمران هجي، انساني جان، مال، روزگار جو تحفظ ناپيد آهي. حڪمران سڳورا پنهنجي وڏين گاڏين ۽ گارڊن، قبضا خورين ۽ ڪميشن کان ٻاهر ڪجهه ڪرڻ کان لاچار آهن. ماڻهن جي خدمت ڪرڻ ۽ حفاظت ڪرڻ مهل سندن هٿ ٻڌل آهن، پر نوڪريون پيسن تي وڪڻڻ يا مارو ماڻهن تي لٺيون وسائڻ مهل هو حڪمران آهن، سٺي حڪمرانيءَ جو مطالبو ڪندڙ جمهوريت مخالف ۽ سازشي آهن. کين چيو وڃي ٿو ته توهان ڏهه سال آمرن کي ڏ نا ۽ جمهوريت کي ٽي سال به نٿا ڏيو. ڇا آمرن کي ماڻهن پٺن تي ڪوڙا کائي، سيني تي گوليون سهي پنهنجا ٻجا مارائي اقتدار ۾ آندو هيو؟ جو انهن کان مطالبو ڪن؟ جيڪي ماڻهن جي ووٽ سان ايندا آهن، انهن کان هڪ هڪ ڪلاڪ جو پڇاڻو ڪرڻ جو حق به انهن ماڻهن کي آهي. ٽي سال هڪ ڊگهو عرصو آهي، ڪنهن به حڪومت جي پاليسي کان وٺي گورننس کي بهتر بنائڻ جو، پر ٽن سالن تائين به توهان بلوچستان کان وٺي فاٽا تائين، ڪراچيءَ ٽارگيٽ ڪلنگ توڙي اتر سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙن تي قابو پائڻ ته پري جي ڳالهه رڳو گهٽتائي به نه آڻي سگهيا آهيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ ڪهڙي انقلاب جي اميد ڪجي؟ اوهان ڪڏهن شهيد بينظير جي قتل جي رپورٽ کڻي پيا عوام کي انصاف جا آسرا ڏيو، ته ڪڏهن تاريخ جو رڪارڊ درست ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهيو، پر عوام جي حقن جو تحفظ ڪير ڪندو ۽ ڪڏهن هن ملڪ جا سڀ شهري برابر هوندا؟ زنده رهڻ ۾ نه سهي، پر موت کان پوءِ ته سندن ملهه هڪ جهڙو هجڻ گهرجي![/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انساني حقن جي رپورٽ ۽ جمهوري حڪومت جا ٽي سال!

    يار عرس ۔۔ جي صرف ڪالهوڪي واقعي کي ڏسون ته لڱ ڏڪي ٿا وڃن، انساني حقن جي لتاڙ هتي ڪا نئين ڳالهه ناهي پر هاڻي ته ليڪو ئي لتاڙجي ويو آهي۔ شريف انسان جو هن ملڪ ۾ ٽڪاء ڏکيو ٿي پيو آهي۔ هتي ته انڌير نگري اها آهي جو ظلم ڪندڙ ظلم به پيو ڪري ۽ وري دانهون به پاڻ پيو ڪري۔

    الله پناهه ڏي ، خبر ناهي اسان الائي ڪٿي وڃي پهتا آهيون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو