• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جتي به شوق کي پورو شباب ايندو آ،

عرس پريو

سينيئر رڪن
جتي به شوق کي پورو شباب ا يندو آ،
اتي ضرور وڏو انقلاب ا يندو آ۔

ڪري جو هوش ۾ هيڏو حجاب ا يندو آ،
اهو به جوش ۾ ٿي بي حجاب ايندو آ

سوال رات سڄي ڪن تڪي تڪي تارا،
جواب پاڻ کڻي آفتاب ا يند و آ ۔

جڏهن هِيانء ۾ هوندو چُڀيو تکو ڪنڊو،
تڏهن نگاهه ۾ نکري گلاب ا يند و آ ۔

هزار تاب تکي آفتاب جان پائي،
ڏسي ته ڪير ڏسي، بي نقاب ا يند و آ ۔

هلون هميشه ڀٽائي جي ڇونه ميلي تي،
سڄي خطي جو اتي انتخاب ا يند و آ ۔

ڪڏهن ڪڏهن ته تمنا ڪندي تِلاوت آ،
ڪڏهن ڪڏهن ته نظر هو ڪتاب ا يند و آ ۔

رُسي وڃي ته بخاري، مٿان اجل ڪڙڪي ا
اچي قريب ته يوم الحساب ا يند و آ ۔

بخاري​
 
جواب: جتي به شوق کي پورو شباب ايندو آ،

ڪري جو هوش ۾ هيڏو حجاب ا يندو آ،
اهو به جوش ۾ ٿي بي حجاب ايندو آ


هل ته سهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي

عشق جي انتها آهي ۔۔۔۔۔۔۔ استاد جي لاجواب شاعري
 
جواب: جتي به شوق کي پورو شباب ايندو آ،

هلون هميشه ڀٽائي جي ڇونه ميلي تي،
سڄي خطي جو اتي انتخاب ا يند و آ ۔
واه واه تمام بهترين ونڊ
 
جواب: جتي به شوق کي پورو شباب ايندو آ،

ڪري جو هوش ۾ هيڏو حجاب ا يندو آ،
اهو به جوش ۾ ٿي بي حجاب ايندو آ


هل ته سهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه اتي وڃي پهتي آهي

عشق جي انتها آهي ۔۔۔۔۔۔۔ استاد جي لاجواب شاعري

استاد ته عاشقن جو عاشق هيو ان ڪر سندس شاعري به عشق سان ڀريل آهي

پسند ڪرڻ جي مهرباني
 
جواب: جتي به شوق کي پورو شباب ايندو آ،

سائين تما بهترين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ونڊ استاد بخاري۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔جي مهرباني ونڊ ڪرڻ جي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: جتي به شوق کي پورو شباب ايندو آ،

واه سائين واه زبردست ونڊ

هلون هميشه ڀٽائي جي ڇونه ميلي تي،
سڄي خطي جو اتي انتخاب ا يند و آ ۔


هي سٽون ته صفا بهترين
 
Back
Top