سنڌ کي هن ڪوس جو حساب گهرجي

'شل سنڌ ۽ سنڌو آباد رهي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏23 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ کي هن ڪوس جو حساب گهرجي
    تحرير : جي اين مغل

    [JUSTIFY] سنڌ پاڪستان ٺاهيو، شايد سنڌ جي ”مهربانن“ جي نظر ۾ سنڌ اهو وڏو ڏوهه ڪيو، اهوئي سبب آهي جو گذريل چوهٺ سالن کان سنڌ کي لتاڙيو پيو وڃي، چچريو پيو وڃي ۽ سنڌ جي ٻچن جو ڪوس ڪيو پيو وڃي پر شايد سنڌ هيءُ ڪوس بخش نه ڪري. هيءُ ڪوس ٿيڻ سان سنڌ جا پراڻا ۽ نوان سڀ ڦٽ کلي پيا آهن.

    سنڌ سان ڪوس ۽ ڪيس ته پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پهرئين ڏينهن کان ٿيندا پيا اچن. انهن مان هر ڪوس ۽ هر ڪيس وحشياڻو ۽ انسانيت دشمن پئي رهيو آهي. پر شايد ههڙو ڪو وحشياڻو ڪوس سنڌ ته ڇا پر سڄي پاڪستان ۾، پوءِ ڀلي اهو بلوچستان هجي يا خيبر پختون خواهه هجي، اڃا تائين ڪٿي به نه ٿيو هجي. اهو ڪيس خميس جي ڏينهن سانگهڙ ضلعي ۾ ٿيو آهي. اخباري اطلاعن مطابق، جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) جا ٽي رهنما ۽ ڪارڪن قربان کهاوڙ، روپلو چولياڻي، نادر بگٽي پنهنجي ڪار ۾ وڃي رهيا هئا ته ڪن ”اڻ ڃاتل“ هٿياربندن جيڪي ڊبل ڊور گاڏين ۾ سوار هئا تن جسمم جي گاڏيءَ کي سانگهڙ شهر کان 5 ڪلوميٽر ٻاهر کپري، موري ۽ سانگهڙ چوٽياريون وچ ۾ روڪي، گاڏي ۾ ويٺلن کي گوليون هڻي پڙ تي قتل ڪري بعد ۾ گاڏيءَ تي پيٽرول هاري گاڏيءَ کي باهه ڏيئي ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ گاڏي ته سڃي سڙي رک ٿي وئي پر ٽيئي قتل ٿيل جسمم جا رهنما مڪمل طور سڙي ويا ۽ هنن جا جسم ڪوئلي ۾ تبديل ٿي ويا. جسمم جو چوٿون ڪارڪن نورالله تنيو جيڪو پڻ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو ۽ هن جي حالت انتهائي نازڪ هئي، تنهن فوري طور تي اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته: ”هڪ ڳجهي اداري جي 7 اهلڪارن ڪار روڪي اهو حملو ڪيو“.

    ان سانحي جو اطلاع ملڻ شرط سڄي سنڌ ۾ فوري طور رد عمل ٿيو ۽ سڄي سنڌ خودبخود بند ٿي وئي. اطلاعن مطابق، جمعي جي ڏينهن به انهي سانحي جي ردعمل ۾ سڄي سنڌ ۾ مظاهرا ٿيندا رهيا.
    انهيءَ سانحي ۽ انهيءَ وحشياڻي ڪوس کان پوءِ سڄي سنڌ سواليا نشان بنيل آهي؟ سنڌ سوال ڪري رهي آهي ته جن ”عناصرن“ اهڙيءَ طرح سنڌ جي پرامن ۽ هٿين خالي سياسي ڪارڪنن کي ڪار مان لاهي گوليون هڻي ماري ۽ بعد ۾ هنن جي لاشن کي به ساڙي ڇڏيو، اهي ان سانحي ذريعي سنڌ جي عوام کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. سنڌ ته هيستائين پرامن سياسي جدوجهد ڪندي رهي آهي. سنڌ ته اڄ تائين هٿيار کڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي ته ڇا، هن واقعي ذريعي سنڌ جي پرامن سياسي ڪارڪنن کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته هو به بلوچستان وانگر پرامن سياست جو رستو ترڪ ڪري هٿيار کڻن ۽ بم گولن جو استعمال ڪن؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته ان سازش جو مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي سموري سياسي قيادت ۽ دانشور هڪ هنڌ مٿو جوڙي ويهن ۽ ان ڳالهه جو جائزو وٺن ته سنڌ جي عوام خلاف ان قسم جا هٿڪنڊا استعمال ڪندڙ جو مقصد ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ۽ ته سنڌ جو ردعمل ڇا هئڻ گهرجي؟

    حقيقت اها آهي ته سنڌ پهرئين ڏينهن کان پرامن سياسي جدوجهد ڪندي رهي آهي. موٽ ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي سياسي قيادت سان مسلسل ارهه زورائي ٿيندي رهي آهي، رکي رکي اهڙا ڪوس ٿيندا رهيا آهن. اسين ڳالهه ڪٿان شروع ڪريون؟ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، هارين کي حق ڏيڻ جي ڳالهه ڪندو هو پر موٽ ۾ هن کي سدائين قيد ۾ بند رکيو ويو. سائين جي ايم سيد به پارليامينٽري سياست ڪئي پر هن کي پارليامينٽري سياست به نه ڪرڻ ڏني وئي ۽ هن کي مسلسل جيل ۾ بند رکيو ويو. بعد ۾ جڏهن ملڪ ۾ مارشل لا لڳي ته سيد، پليجي ۽ ڪجهه ٻين ساٿين سان گڏجي بزم صوفيائي سنڌ واري پليٽ فارم ذريعي سنڌ جي مختلف هنڌن تي وڃي سنڌ جي عوام ۾ صوفياڻو پيغام ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر سيد کي اهو به ڪرڻ نه ڏنو ويو ۽ کيس نظربند ڪيو ويو. آخرڪار سيد مجبور ٿي سنڌو ديش جو نعرو هنيو، پر ان لاءِ به سيد هٿيار کڻڻ جي ڳالهه نه ڪئي، جنرل ضياءُالحق جي مارشل لا کان پوءِ رسول بخش پليجي، فاضل راهو ۽ مير علي بخش ٽالپر جي قيادت ۾ هارين جو هڪ وڏو اجتماع ڪيو ويو. پر حاڪمن کي اها ڳالهه به نه وڻي، گرفتارين جو هڪ وڏو سلسلو شروع ڪيو ويو. رسول بخش پليجي کي گرفتار ڪري هڪ ڊگهي عرصي تائين پنجاب جي جيلن ۾ قيد رکيو ويو. ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي. ان کان سواءِ مٿس قتل جو ڪوڙو ڪيس هلائي پنجابي جنرل ۽ پنجاب جي ججن کيس ڦاهي چاڙهي ڇڏيو. سنڌ جي نوجوان ترقي پسند سياسي ڪارڪن نظير عباسي کي گرفتار ڪيو ويو. بعد ۾ کيس ڊگهي عرصي تائين ٽارچر ڪري قتل ڪيو ويو. سنڌ جي بهادر سپوت ۽ سنڌ جي سياست جي جرنيل ”فاضل راهو“ کي قتل ڪرايو ويو، ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ سنڌ جي پرامن سياسي ڪارڪنن تي تشدد ڪري هنن مان ڪيترن کي قتل ڪيو ويو. سنڌ جي شينهن محترمه بينظير ڀٽو جڏهن ملڪ واپس وري ته پهرين 18 آڪٽوبر تي سندس جلوس تي خودڪش بمباري ذريعي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ پاڻ بچي وئي پر بعد ۾ 27 ڊسمبر ۾ پاڪستان جي ڪوفي راولپنڊي ۾ وري مٿس حملو ڪري کيس قتل ڪيو ويو.

    ان کان پوءِ سنڌ سان ٻيا ڪيئي ڪوس ۽ ڪيس ٿيا آهن.سنڌ کان ايم آر ڊي واري تحريڪ ڪيئن ٿي وسري سگهي جڏهن سڪرنڊ ويجهو احتجاج طور نيشنل هاءِ وي تي قرآن شريف جي تلاوت ڪندڙن تي ٽئنڪ چاڙهي ڪيئي سنڌي شهيد ڪيا ويا. بعد ۾ سنڌ جي ”ويٽنام“ خيرپورناٿن شاهه ۽ ان جي پسگردائيءَ تي گن شپ هيلي ڪاپٽرن مان گوليون وسايون ويون. هڪ گولي خيرپور ناٿن شاهه ويجهو، فصل ۾ گاهه ڪندڙ هڪ هارياڻي گولي لڳڻ سبب شهيد ٿي وئي.

    سنڌ جو انهن مڙني خونن، ڪوس ۽ ڪِيسن جو حساب رهيل آهي پر خميس جي ڏينهن ٿيل هن وحشياڻي ڪوس ۽ نوان ۽ پراڻا سڀ ڦٽ کولي ڇڏيا آهن. هاڻ سنڌ جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سنڌ کي انهن خونن جو حساب ڏنو وڃي.

    اهو ان وقت ڇو ڪيو ويو آهي جڏهن سڄي سنڌ بو گس آدم شماري خلاف شديد احتجاج ڪري رهي آهي؟ ڇا ان ڪوس کان پوءِ سنڌ ماٺ ڪري ويهي رهندي؟ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي سموري سياسي قيادت هڪ هنڌ گڏ ٿي هن سموري صورت حال جو گهرائي سان جائزو وٺي پنهنجي حڪمت عملي تيار ڪري پ پ حڪومت جو فرض آهي ته قاتلن کي پڪڙي انهن کي سنڌ جي عوام اڳيان پڌرو ڪري ساڳي ذميداري هن ملڪ جي حساس ادارن جي به آهي، سنڌ جي ماڻهن اڳيان پنهنجي صفائي پيش ڪئي وڃي. اهڙي طرح سنڌ جو عوام سپريم ڪورٽ ڏانهن به واجهائي رهيو آهي، هر اشوءَ جو سوئو موٽو نوٽيس وٺڻ واري سپريم ڪورٽ جو ڇا اهو فرض نه آهي ته اهڙي وحشياڻي نموني ٿيل انهن قتلن جو فوري سوئو موٽو نوٽيس وٺي.

    اڄ پ پ حڪومت، ايجنسيون ۽ سپريم ڪورٽ جو رويو سنڌ جي ايجنڊا تي آهي. سنڌ کي انهن قتلن جو حساب ملڻ گهرجي. جيڪڏهن هن ڀيري سنڌ کي مطمئن نه ڪيو ويو ته چئي نه ٿو سگهجي ته غير مطمئن سنڌ هن ڀيري ڪهڙي راهه اختيار ڪندي.[/JUSTIFY]

    روزانه عوامي آواز جي ٿورن سان
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ کي هن ڪوس جو حساب گهرجي

    نه ته پي پي پي جواب ڏيندي، نه ته ڪورٽ ڪو انصاف ڪندي ۽ نه وري موجوده وس وارا ان واقعي جو ڪو بلو ڪندا ۔۔۔ سنڌ جي ميڊيا عام ۽ پاڪستان جي ميڊيا خاص ڪري ان واقعي کي ڪو خاص اهم ڪون سمجهيو آهي ۔۔۔ اردو ميڊيا ته ان واقعي کي سنڌ جي هڙتال کي ۽ سنڌي جي تباهيءَ کان ائين اکيون ٻوٽيون آهن جيئن خطري جي وقت ٻلي اکيون پوري ڇڏيندي آهي ۔۔۔

    اسين سنڌي قوم کي گذارش ڪنداسون ته خدارا گڏ ٿيو، اتحاد ڪيو ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ زيادتين جو تدارڪ ڪيو ۔۔۔۔ سنڌ جا نوجوان ۽ سنڌ جا سورهيه ته سر گهوريندا رهندا پر اي قوم جا مفڪر، ڏاها ۽ سياسي اڳواڻو پاڻ ملهايو سنڌ بچايو ۔۔

    لک ٿورا ليک ونڊ ڪرڻ جا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو