سنگت کي سلام شل قبول پوي۔ سنگت بابل اسان کي ڪجھ ھن سائيٽ جي باري ۾ ڪجھ سمجھايو يار اصل سمجھ ۾ ئي نپئي اڇي۔
جواب: سلام سهڻا سائين فدا سهتو صاحب۔ دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔ ادا سائين اوهانکي ڪهڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي؟ سنڌ سلامت سنڌ دوست اوطاق آهي، هن اوطاق تي صرف ۽ صرف سنڌي زبان ۾ ليک موڪليا وڃن ٿا ۔۔۔ اوهانکي لکڻ ۽ ڪنهن ليک موڪلڻ ۾ تڪليف آهي ته اوهان ۔۔۔ ” سنڌ سلامت سکيا“ واري ڪمري ۾ وڃي پنهنجي مشڪلاتن کي هل ڪرڻ وارا ليک پڙهي سگهو ٿا ۔۔۔ اميد ته اوهانکي ڪافي ليک ملندا ۔۔۔ پر پوءِ به اوهانکي ڪا دقت آهي ته اوهان ساڳئي طرح سان پڇڻا نه منجهڻا ۾ پنهنجو سوال موڪلي سگهو ٿا ۔۔۔ اميد ته دوست اوهانجي سوال جو جواب ضرور ڏيندا ۔۔۔ هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۔۔۔۔ اچو ڙي سورن واريون ڪريون سور پچار ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سلام واليڪم السلام ادا ادا اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ٿا چئون ادا توهان کي ڪهڙي شي سمجهه ۾ نه پئي اچي ٿوري ان جي وضاحت ڪريو ته جيئن ان باري ۾ اوهان کي معلومات ڏئي سگهجي ادا باقي توهان سنڌ سلامت فورم تي سنڌ سلامت سکيا سڪيشن جو ڦيرو ضرور ڀرجو ان سڪيشن ۾ اوهان کي سکڻ لا۽ گهڻو ڪجهه ملندو سدائين گڏ