عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

پاڻ شاعر ته آهيون ڪون۔۔۔سو مڙئي معافي با۔
عاشق سولنگي صاحب سلام قبول پوي
منهنجو خيال ڪجهه هن طرح آهي باقي اوهان دوستن جي مرضي آهي:
سنڌ تان قربان ٿيڻ سولي ڳالهه آهي پر سنڌ لاء غازي ٿيڻ وڏي ڳالهه آهي۔ سنڌ لاء ڪجهه ڪرڻ کپي ۽ ان لاء ذهن ۾ اهو پختو ارادو هجڻ گهرجي ته اسان ڪامياب ٿينداسون ۽ اسان غازي ٿينداسون۔
وڌيڪ اوهان راز جا راڻا آهيو ، شهادت به عظيم رتبو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ان کان انڪار ناهي
واھ ادا سليمان تمام بهترين ڳالھ ڪئي آهي اوھان... بڪل غازي واري نقطي تي هر سنڌي کي عمل ڪرڻ گهرجي
مهرباني عاشق
ادا ڳالهه اها آهي ته سنڌي قوم کي سائين جي ايم سيد کانپوء صحيح رخ ۾ رهبري ڪرڻ وارو ڪوبه ناهي۔ جيڪي آهن ته انهن وٽ حل ناهي ، سکڻا نعرا آهن، قوم جي رهبري ڪرڻ لاء دعوائون وڏيون آهن پر عام قومي ڪارڪنن تائين ڪوبه ڪونه ٿو پهچي، نه ته ڪو انهن جي سار ٿو لهي ۽ نه ئي وري ڪو انهن کي صحيح سمت جو ڏس ٿو ڏي۔
...ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي...يا ته وري ڪو ڪي بورڊ ۾ فرق آهي...مان فيس بوڪ تي سنڌي لکي هتي پيسٽ ٿو ڪريان....سنڌسلامت وارو ڪي بورڊ مونکي سمجھ ۾ نه ٿو اچي
ادا عاشق ڳالهه مون کي به سمجهه ۾ نه آئي ته توهان سان مسئلو يا مونجهارو ڪاٿي اچي رهيو آهي۔۔۔ سنڌ سلامت جي موجوده پيڊ کي مختلف برائوزرس جهڙوڪ: انٽرنيٽ ايڪسپلورر، گوگل ڪروم، فائرفاڪس ۽ سفاري چيڪ ڪيو ويو آهي ۔۔۔ ۽ ان ڳالهه جي تصديق ٿي آهي ته انهن برائوزرس تي سنڌي لکڻ ۾ ڪابه دشواري نه آهي ها البته اوپيرا برائوزر ۾ ڪجهه مسئلا اچي رهيا آهن جن کي آهستي آهستي فڪس ڪيو ويندو۔۔۔
پنهنجي مسئلي جي ڪجهه وضاحت ڪريو ته جيئن تڪڙو حل ڪڍي سگهجي۔۔۔
سائين هيئر سھي آهي۔۔۔۔پهريان سهي نه پيو لکجي جي ا اي سان آهي ۽ شپٽ اي دبائينداسين ته آ لکبو آهي۔۔۔۔مون وٽ وري اُلٽو سسٽم ٿي ويو هو پو الائي ڇا جي ڪري۔؟؟؟ مان برائوزر گوگل ڪروم ئي يوز ڪندو آهيان۔۔هيئر ٽائيپنگ سهي پئي ٿئي۔۔۔مهرباني
اهو سڀ انڪري ٿيندو هوندو جو اوهان جا ڪيپس لاڪ آن هوندا۔ هميشه هاڻي ڪم ڪرڻ وقت ڪيپس لاڪ آف رکندا ته پوء ڪو مسئلو ڪونه ايندو۔
هاهاهاهاهاها۔۔۔ادا سليمان واھ جي ڳالھ ڪئي اٿئي۔۔۔لڳي ٿو پنهنجي به هاڻي ڀڇاڙي آهي۔۔۔جو هن ننڍڙي ڳالھ ڏي به ڌيان نه پئي ويو۔۔۔مهرباني۔
سنڌ تان مرڻ ڇو اسان جو مقدر آهي سنڌ تان اسان کي مارڻ گهرجي واه سائين سليمان وساڻ صاحب اوهان هڪ نئين جُهت جي طرف اڄوڪي نوجوان کي موڙ ڏنو آهي۔ بيشڪ اسان کي هن وقت مرڻ نه پر مارڻ جي ضرورت آهي ۽ مارڻ جسماني مارڻ ايڏو تڪليف ده ناهي هوندو جيترو سوچ کي مارڻ اڳين جي نظريعي کي مارڻ ، اڳين جي سفاڪي کي مارڻ اڳلي جي سوچ جو ٽوڙ ڪڍڻ، هي موت ڏاڍي دشمن لاءِ ڀيانڪ آهي ۔ اسان کي پنهنجي نوجوان جو ڌيان ڇڪرائڻ گهرجي ۔ جي اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿي ويا سين ته دُشمن پاڻهين پنهنجي موت مري ويندو واه سائين واه سليمان صاحب ۔
ادا سٺي ونڊ آهي