• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اڃان ته ڪافي اهڙا ڪمپيوٽر استعمال ڪندڙ موجود آهن جن ونڊوز ايڪس پي ونڊوز وسٽا يا ونڊوز 7 تي ئي پنهنجي ڪمپيوٽر کي منتقل نه ڪيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي بحثن کي نيٽ تي ڳولا ڪجي ونڊوز 8 جون ڳالهيون هلي رهيون آهن۔۔۔
تازو ئي ونڊوز 8 بابت ڪجهه شيون ليڪ ٿيون ته سوچيم ته سنڌ سلامت جا رڪن انهن ڳالهين کان غافل ڇو رهن۔۔۔ هيٺ ونڊوز 8 جي ويلڪم اسڪرين جي ڊيفالٽ شڪل ڏيکارجي ٿي۔۔۔

Screenshots_Windows_8_Welcome_Screen_thumb.png

هن تصوير کي ڏسي توهان جو ڪهڙو به تصور اڀري پر جيڪڏهن توهان به ونڊوز ايڪس پي يا وسٽا يا وري ونڊوز 7 جي ويلڪم اسڪرين مان بور ٿي پيا آهيو ۽ ڪجهه نئون ڏسڻ گهرو ٿا جهڙوڪ هي ڏسو۔۔۔

customize-logon-screen-of-windows-xp-and-vista-easily.jpg

ته پوءِ هتي ڪلڪ ڪري پنهنجي ونڊوز لاءِ ڊائونلوڊ ڪري سگهو ٿا۔۔۔
 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

مائڪرو سافٽ جا اهي ملازم جيڪي ٻاهران به ڪجهه ڪمائڻ چاهين ٿا۔۔۔ اهي پنهنجي موبائيل تان ونڊوز 8 جي تجرباتي سرفيس جون وڊيو ٺاهي کپائي ڪنهن حد تائين مالدار ٿيڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن۔۔ اهڙي ئي هڪ مائڪروسافٽ جي ونڊو 8 ٽيسٽر جي تيار ڪيل ونڊوز 8 سرفيس وڊيو جو ڪجهه توهان به نظارو ڪيو۔۔۔۔

 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

ونڊوز 8 جي هڪ وڌيڪ وڊيو جيڪا ڏيکارجي ٿي ته لاگ ان ٿيندڙ يوزر پنهنجو پاسورڊ مائوس ذريعي يا اسڪرين ٽچ ذريعي لڳائيندو۔۔۔ جيڪو اڄ ڪلهه جي موبائيل نما ٽچ اسڪرين ايڊروائيڊ ٽائپ ڊوائيسز ۾ ٿيندو آهي۔۔۔

 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

مون جڏهن آفيس ايڪس پي انسٽال ڪئي هئي ته ، وايون بتال ٿي ويون ، ورڊ ۽ ايڪسل جا گهڻا سارا ٽولز ملن ئي نه پيا، ڏاڍو تنگ ٿي پيس ۽ مجبورن ٻيهر آفيس 2003 انسٽال ڪيم۔ پوء ڪنهن دوست وٽ ويهي ان کان سکيم ۽ گهڻيون سهولتون هجڻ ڪري پوء ٻيهر آفيس ايڪس پي لڳايم۔

هاڻي اسان اڃان ونڊوز ايڪس پي ۾ فاٿل آهيون ته مٿان هيڏيون گهڻيون تبديليون اينديون پيون وڃن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ٽيڪنالاجي جي گهڻي ترقي انسان کي ڪٿي پهچائيندي ۔ ڳالهه سمجهه ۾ ڪونه ٿي اچي پر لڳي ٿو ته هاڻي پنهنجي سکڻ جي اسپيڊ به وڌائني پوندي۔

سٺي شيئرنگ
 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

مان پاڻ سائين سليمان صاحب جي ڳالهين سان متفق آهيان

پاڻ فقير ماڻهو ڦاسي پونداسين ونڊوز 8 ۾

بهترين ڪوشش آهي سائين

جاري رکجو
 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

اسان اڃا ونڊوز سيون تي ئي نه پهتا آهيون ونڊو 8 تي ڪٿان پهچي سگهنداسين۔
 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

ادا اها ونڊوز ساڳئي ڪانفيگيوريشن واري ڪمپيوٽر لاءِ هوندي يا وري ان جي لاءِ سسٽم جي ڪانفيگيوريشن مختلف گهربل هوندي؟؟؟
 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

ادا اها ونڊوز ساڳئي ڪانفيگيوريشن واري ڪمپيوٽر لاءِ هوندي يا وري ان جي لاءِ سسٽم جي ڪانفيگيوريشن مختلف گهربل هوندي؟؟؟

اڃان تائين مائڪرو سافٽ وارن آفيشل اعلان نه ڪيو آهي ته ونڊوز 8 جي سسٽم گهرج ڪهڙي هوندي ان باوجود به ڪجهه اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔۔۔
ونڊوز 7 جي موجوده سسٽم گهرج آهي۔۔۔
سي پي يو: هڪ گيگا هائيٽس يا وڌيڪ
ريم: هڪ کان ٻه گيگا بائيٽ
هارڊ ڊسڪ: 16 کان 20 گيگا بائيٽ
گرافڪس: ڊائريڪٽ 9 ايڪس ۽ گهٽ ۾ گهٽ wddm 1.0 جو گرافڪ ڊرائيور

مائڪروسافٽ وارن جو چوڻ آهي ته ونڊوز 8، ونڊوز 7 جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيز ۽ هلڪي هوندي۔۔۔ پر جيڪي گرافڪس وڊيوز ونڊوز 8 جون ليڪ ٿيون آهن ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته باقي سموري سسٽم گهرج ڀلي ونڊوز 7 واري ئي هوندي پر گرافڪس کي بهتر طريقي سان ڏسڻ لاءِ ڪنهن سٺي ڪوالٽي ۽ ميموري جي گرافڪ ڪارڊ جي ضرورت ضرور هوندي۔۔۔ ته جيئن ونڊوز8 جي سمورن فيچرس جو درست طريقي سان فائدو وٺي سگهجي۔۔۔
 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

ونڊوز 8 جون ڪجهه وڌيڪ جهلڪيون۔۔۔۔


ڊيسڪٽاپ

394-Windows-8-unofficial-launched-desktop-image.jpg

ونڊوز 8 جي آفيشل وڊيو۔۔۔



 
جواب: ونڊوز 8 ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مستقبل جي ونڊوز۔۔

هي آهي اسٽيو بالمار جيڪو مائڪرو سافٽ جو چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر۔۔۔ سندس مائڪروسافٽ 8 بابت انٽرويو ۔۔۔

 
Back
Top