گوگل ڪروم پنهنجي ڪافي خصوصيتن ڪري استعمال ڪندڙن ۾ مقبول آهي۔۔۔ هن جي استعمال ڪندڙ وري مختلف قسم جا ايڪسٽينشن ڪڍي ڪافي سهولتون پڻ ميسر ڪيون آهن۔۔۔۔ انٽرنيٽ تي ڪم ڪندڙ اڪثر ڪافي جڳهين تي مشاهدي، ڊائونلوڊنگ، ميلنگ، سرچنگ ۽ اي ميلنگ يا وري سنڌ سلامت تي تحريرون پڙهڻ ۽ جواب ڏيڻ ۾ ايترا ته مصروف هوندا آهن جو کين ڪا وڊيو نظر اچي ته ان کي مڪمل ڏسڻ جيترو وقت به نه هوندو آهي۔۔۔ اهڙن مصروف دوستن لاءِ اڄ مون آندو آهي گوگل ڪروم جو هڪ بهترين ايڪسٽينشن۔۔۔ جي ها هن ايڪسٽينشن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن توهان ڪا يوٽيوب وڊيو مڪمل ڏسڻ نه چاهيو پر اهو معلوم ڪرڻ چاهيو ته وڊيو ڇا بابت آهي ته ان مٿان صرف مائوس ڪرسر آڻيو وڊيوز جا مختلف حصا تصويرن جي صورت ۾ توهان جي اڳيان پيش منظر طور ايندا۔۔۔ جنهن کان پوءِ چاهيو ته وڊيو مڪمل ڏسو يا وري نظر انداز ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ يقينن ان سان توهان جو ڪافي وقت بچندو۔۔۔ وڌيڪ تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو۔۔۔ گوگل ڪروم جو هي ايڪسٽينشن ڊائونلوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو۔۔۔
جواب: وڊيو ڏسڻ کان اڳ مائوس مٿان رکي وڊو جو پيش منظر ڏسو۔۔۔۔ صفا اصل لاجواب ايڪسٽينشن آهي مان ته انسٽال به ڪري ڇڏيو ان ايڪسٽينشن جي ڪري نه صرف ٽائيم پر يوزر کي ڪافي سهولت ملندي ادا توهان جي وڏي مهرباني جو توهان ڪافي محنت باوجود اهڙي شيئرنگ کي جاري پيا رکندا اچو سدائين گڏ
جواب: وڊيو ڏسڻ کان اڳ مائوس مٿان رکي وڊو جو پيش منظر ڏسو۔۔۔۔ مهرباني ادا رشيد مس مس وڃي ڪمپيوٽنگ ٽپس واري سيڪشن ۾ڪا شيئرنگ ملي آهي ، اها به ڪم واري۔ مان ته گوگل وارن کي شابسون ڏيندو آهيان جو اسان مفت خورن لاء اهڙيون سهولتون مهيا ڪندا رهن ٿا۔
جواب: وڊيو ڏسڻ کان اڳ مائوس مٿان رکي وڊو جو پيش منظر ڏسو۔۔۔۔ سائين تمام بهترين ۽ مددگار شيءِ توهان ٻڌائي آهي، مهرباني
جواب: وڊيو ڏسڻ کان اڳ مائوس مٿان رکي وڊو جو پيش منظر ڏسو۔۔۔۔ تمام بهترين ايسڪينشن آهي، مان هاڻي ئي ڊائونلوڊ تي لڳايان ٿو
جواب: وڊيو ڏسڻ کان اڳ مائوس مٿان رکي وڊو جو پيش منظر ڏسو۔۔۔۔ گوگل طرفان تمام بهترين ڪار آمد اضافو آهي۔