عرس پريو
سينيئر رڪن
اياز گل
ذهن تي اڄ به ائين نانءُ ڪو تري ٿو پيو
ڊٺل منظر تي ڄڻ ديپ ڪو ٻري ٿو پيو
جو توسان روز ٿو گڏجي هو جيئرو ماڻهو
الائي ڏينهن ۾ ڪيڏا دفعا مري ٿو پيو
نه ڪائي آڳ نه سورج سوا ڪو نيزي تي
شهر تڏهين به صفا برف جيان ڳري ٿو پيو
اسان کي ڪهڙي پئي آ ٺرون زماني تي
زمانو ڪهڙو اسان تي ڀلا ٺري ٿو پيو
اهو به ٺيڪ پري ڪين کيس سمجهيو مون
ائين به آهي برابر رهي پري ٿو پيو
ڪڏهن ته ڪوئي انهيءَ کان ڪري پڇاڻو ڇو
نظر سان روز نوان حادثا ڪري ٿو پيو
وري وجود رهاڻيون ڪهاڻيون پيو ٿئي
اسان ڏي پيار، وري ڀاڳ جيان وري ٿو پيو
ذهن تي اڄ به ائين نانءُ ڪو تري ٿو پيو
ڊٺل منظر تي ڄڻ ديپ ڪو ٻري ٿو پيو
جو توسان روز ٿو گڏجي هو جيئرو ماڻهو
الائي ڏينهن ۾ ڪيڏا دفعا مري ٿو پيو
نه ڪائي آڳ نه سورج سوا ڪو نيزي تي
شهر تڏهين به صفا برف جيان ڳري ٿو پيو
اسان کي ڪهڙي پئي آ ٺرون زماني تي
زمانو ڪهڙو اسان تي ڀلا ٺري ٿو پيو
اهو به ٺيڪ پري ڪين کيس سمجهيو مون
ائين به آهي برابر رهي پري ٿو پيو
ڪڏهن ته ڪوئي انهيءَ کان ڪري پڇاڻو ڇو
نظر سان روز نوان حادثا ڪري ٿو پيو
وري وجود رهاڻيون ڪهاڻيون پيو ٿئي
اسان ڏي پيار، وري ڀاڳ جيان وري ٿو پيو