موکي ڪير هئي؟
موکي متارن جو قصو، سنڌ جي نيم عشقيه لوڪ داستانن مان هڪ آهي. موکي متارن جي باري ۾، جڏهن محقق قلم کڻن ٿا ته بهترين معلومات فراهم ڪرڻ جي باوجود، موکيءَ جي باري ۾، فقط هڪڙي رُخ کان نظر وجهن ٿا، جڏهن ته هنن کي گهڻ رُخو جائزو وٺڻ گهرجي. هونئن به آئون گل حسن ڪلمتي صاحب جي متارن بابت قائم ڪيل راءِ سان سئو سيڪڙو اتفاق ڪريان ٿو ته، جن قبرن کي اسين متارن جون مزارون چئون ٿا، سي حقيقي متارا نه آهن. متارن کي هن کان ٻاهر ٻئي پاسي به ڳولڻ گهرجي، البت موکيءَ جي باري ۾ منهنجو موقف، سنڌ جي سڀني جاکوڙي اديبن، ليکڪن ۽ محققن جي برعڪس آهي. مون موکيءَ کي ان زاويي کان ڏٺو آهي، جنهن طرف ڪنهن به قلمڪار جو ڌيان اڃان تائين ناهي ويو. هر قلمڪار اهو ته لکي ٿو ته، موکي ناتر جي ڌيءَ هئي ۽ موکي جون ٻيون ڀينرون سُونگل، صفوران، تائيسر، مِٺان، سُکان ۽ الله ڦِيائي هيون. انهن جو هڪڙو ڀاءُ مادل به هو، پر محقق اهو ڇو نٿا سمجهن ته اهي عورتن جا نالا ته مسلمان عورتن وارا آهن. ناتر جي مڙس جو نالو هيبت خان ٻڌائين ٿا ته اهو نالو به ڪنهن مسلمان جو آهي. مٿي ڄاڻايل عورتن ۽ هيبت خان سان موکيءَ جو رشتو ڳنڍيندي، محقق يڪ لخت اهو وساري ويهن ٿا ته، موکي ته غير مسلم هئي. موکي ڪلاڙ يا ڪلال هئي. هاڻي هتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته اگر موکي غير مسلم هئي ته پوءِ، سونگل، صفوران، تائيسر، مِٺان، سُکان ۽ الله ڦيائيءَ وارن جي ڀيڻ نٿي ٿي سگهي ۽ نڪو ئي هزارين ايڪڙ زمين ۽ ديهن جي مالڪ، ڪنهن نواب يا سردار هيبت خان جي ڌيءَ ٿي سگهي ٿي، جو اهو شخص ڪهڙي قانون تحت، پنهنجي انتهائي پردي واري قبيلائي رسم و رواج کي نظر انداز ڪري، پهرين پنهنجي زال ناتر کي ۽ پوءِ پنهنجي ڌيءَ موکيءَ کي ٺري ٺاهڻ ۽ وڪڻڻ جي ڪاروبار لاءِ دڪان يا هٽ تي ويهڻ جي اجازت ڏيندو؟!! ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، موکيءَ کي ناتر جي ڌيءَ سمجهيو آهي، پر ان جي معنى اها ناهي ته، موکي مسلمان هئي، يا هيبت خان جي ڌيءَ هئي، يا صفوران، تائيسر ۽ الله ڦيائيءَ وارن جي ڀيڻ هئي. اگر موکي ناتر جي ڌيءَ آهي ته پوءِ ناتر هتي اچي ڪنهن مسڪين غير مسلم ماڻهوءَ سان شادي ڪئي هوندي، جنهن پنهنجي زال ناتر کي ٺري ٺاهڻ، مئخانو هلائڻ يا سرعام هٽن تي ويهي شراب وڪڻڻ جي اجازت ڏني ۽ بعد ۾ وري اهو ساڳيو ڪاروبار موکيءَ اختيار ڪيو. باقي صفوران، تائيسر، الله ڦيائي، مادل، هيبت خان، جاگيردار، نواب، سردار يا ديهن جي ڪنهن مالڪ جو، هن قصي سان دور دور تائين ڪوبه واسطو نه آهي. اهي سموريون ڳالهيون، تحقيق، عقل ۽ منطق جي دائري کان ٻاهر، هوائي توائي مفروضا، افسانوي ڳٺ جوڙ ۽ ڏند ڪٿائن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهن.
ڀلا موکيءَ جي ماءُ ناتر ۽ پيءُ جون قبرون ڪٿي آهن؟ تنهنڪري، منهنجي تحقيق ۽ موقف جو رخ هن طرف وڃي ٿو ته ماٿيلي جي حڪمران راجا نند گجر جون ست نياڻيون هيون، جن جا نالا هيٺين ريت هئا: (1) مومل (2) سومل (3) سوڍي (4) سورمي (5) ميران (6) موکي (7) چوکي. منهنجي نقطهء نظر کان، هي اها موکي آهي، جيڪا مومل وارن جي ڀيڻ هئي، جا مومل جي چکيا تي چڙهي وڃڻ کانپوءِ، پنهنجي ساڳي چالاڪ ٻانهيءَ ناتر کي ساڻ ڪري، هن علائقي ۾ اچي آباد ٿي. جهڙيءَ طرح چالاڪ ناتر جي مدد سان مومل، لڊاڻي تي وڃي ”ڪاڪ تڙ“ آباد ڪيو، تهڙي طرح، ساڳي چالاڪ ناتر جي مدد سان، موکيءَ به هتي اچي ”موکي تڙ“ آباد ڪيو. موکي تڙ جا نشان اڄ به هن علائقي ۾ موجود آهن. موکي تڙ جي باري ۾ هر ننڍو وڏو ليکڪ ۽ قلمڪار بخوبي ڄاڻ رکي ٿو. مومل ۽ موکيءَ جي ڪاروبار جي طريقي ۾ ڪوبه فرق نه آهي. مومل جو اصل مقصد ملڪيت ميڙڻ هو، ته موکيءَ جو مقصد به اهو ئي ساڳيو هو. هُتي ”ڪاڪ تڙ“ هو ته هِتي ”موکي تڙ“ آهي. هُتي چالاڪ ناتر هئي ته هِتي به ساڳي ناتر آهي. هُتي راجڪمار، سورما ۽ سوڍا ويندا هئا ته هِتي به شهسوار شهزادا ۽ مڻيادار متارا مهمان ٿيندا هئا، جيڪي سري جي سُرڪيءَ عيوض، ماڻڪن موڙيون ٻڌي اچي موکيءَ اڳيان رکندا هئا. تحقيق ۾ ڪابه ڳالهه حرفِ آخر نه هوندي آهي. مون سان ڪوبه ليکڪ اختلاف ڪري سگهي ٿو پر موکيءَ کي مسلم سمجهڻ لاءِ، ان کي بنيادي دليلن جي ضرورت پوندي.

استاد لغاري/سانگهڙ
روزانه ڪاوش تان ورتل