بهاولپور رياست جي بحالي يا صوبائي حيثيت مڃرائڻ لاء نئين تحريڪ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 اپريل 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهاولپور رياست جي بحالي يا صوبائي حيثيت مڃرائڻ لاء نئين تحريڪ

    [JUSTIFY]پاڪستان جي رياستي ڍانچي ۾ 1971 ۾ آيل تبديلي کانپوء ماٺار رهي ۽ سنڌ ۾ علحدگيء جي تحريڪ اڀري جيڪا ناڪام رهي ان جا ڪيترائي سبب آهن ۽ اهو هڪ الڳ موضوع پڻ آهي۔ ويجهي ماضيء ۾ بلوچستان صوبي اندر پاڪستان سان نفرت ۽ پاڪستان کان علحدگيء جي هڪ تحريڪ اٿي آهي جيڪا اڃان جاري آهي۔ هن تحريڪ ۾ ڪيترائي بلوچ اھواڻ ۽ عام ڪارڪن پنهنجون قربانيون ڏئي تحريڪ جي ڪاميابيء ڏانهن وکون کڻي رهيا آهن۔

    سنڌ جي بدنصيبي آهي جو سائين جي ايم سيد جي وفات کانپوء قومي تحريڪ ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي ۽ واٽون ويهه ٿيون جي مصداق سنڌ ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا گروپ ٺهيا جنهن ڪري ڪا گڏيل تحريڪ ڪانه اٿي سگهي۔ سنڌ جي ٻي بدنصيبي پ پ پ جي سنڌين جي ووٽ سان آيل حڪومت ۾ به سنڌين جي نجات ڪانه ٿي ۽ پ پ حڪومت سنڌين سان انصاف ڪرڻ ۾ ناڪام وئي۔ ان جو هڪ وڏو سبب سندن وفاق ۾ موجود فائدا پڻ آهن۔

    خيبر پختونخواهه صوبي جي نالي کانپوء پنجاب ۾ پڻ هڪ هلچل ۽ آواز اٿي رهيو آهي جيڪو سرائيڪي پٽيء جو آهي ته وچ پنجاب ٻين علائقن سان نا انصافي ڪري رهيو آهي تنهنڪري پنجاب کي ننڍن صوبن ۾ ورهايو وڃي۔ نواز ليگ جي اڳواڻ مخدوم جاويد هاشميء جي قومي اسيمبليء ۾ ڪيل تازي تقرير ته پاڪستان جي سياست ۾ هڪ نئون اتساهه پيدا ڪيو آهي۔ مخدوم جاويد هاشمي جڏهن اها ڳالهه ڪئي ته پنجاب ننڍن صوبن خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان سان ويساهه گهاتي ڪري رهيو آهي جنهن جو هڪ وڏو سبب پاڪستاني فوج ۾ موجود پنجابين ۽ پٺاڻن جو وڏو تعداد هجڻ آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته جيستائين پنجاب جي هڪ هٽي ختم ڪونه ٿيندي تيسين انصاف ملڻ مشڪل آهي تنهنڪري پنجاب کي ٽن صوبن، پنجاب ، سرائيڪستان ۽ بهاولپور ۾ ورهايو وڃي۔

    ان کانپوء هاڻي پراڻي بهاولپور رياست جي عباسي خاندان هڪ دفعو ٻيهر تحريڪ هلائي جو چتاء ڏنو آهي۔ بهاولپور جي امير نواب صلاح الدين عباسي هاڻي بهاولپور عوامي پارٽي جي قيام جو اعلان پڻ ڪيو آهي۔ صادق پيليس ۾ ڪيل هن اجتماع ۾ اعلان ڪيو ته محمد علي جناح جيڪي وعدا ڪيا هئا اهي پورا ناهن ٿيا ۽ نه ئي حڪومت ان م سنجيدهه آهي تنهنڪري بهاولپور جي پراڻي حيثيت بحال ڪئي وڃي۔ هن جلسي ۾ محمد علي دراني پڻ موجود هو جيڪو هن جلسي جو منتظم هو۔ جنهن چيو ته اسان جو تعلق سرائيڪي صوبي سان ناهي پر بهاولپور صوبي جي قيام سان آهي۔ جيڪڏهن سرائيڪي چاهين ته ملتان، ڊي جي خان ۽ ڊيره اسمائيل خان کي ملائي صوبي جو مطالبو ڪن۔ان کان اڳ 1970 ۾ به بهاولپور جي ماڻهن صوبي لاء تحريڪ هلائي هئي پر بنگال جي حالتن کانپوء ان ۾ ٺاپر اچي وئي هئي۔

    هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هي تحريڪ ڪيترو زور ٿي وٺي ۽ ڇا هاڻي پاڪستان جو زوال قريب آهي ؟؟؟[/JUSTIFY]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو