سنڌ ۽ سنڌين سان پنهنجو پيار ته آهي محترم ڏاڏل شينو صاحب جن جي مهرباني جو ڪل پاڻ فون ڪري پنهنجو ديدار سائين جن ڪرايــــو. تقريبن شام جا ڇھ ٽائيم ٿي رهيو هُيو ته نئين نمبر تان منهنجي موبائيل تي فون آيو.....مون رسيو ڪري هيلو ڪيو ته اڳيان سلام جو آواز آيو ۽ چيائون عاشق سولنگي مون چيو اوهان ڪير چيائون ڏاڏل شينو سائين جن چيو ته مان اوهان جي علائقي ۾ آهيان ڪنهن دوست سان ملڻ آيو آهيان اگر اوهان وٽ ٽائيم آهي ته اچو....تنهن ٽائيم مان ڪجھ مصروف هيس ذاتي ڪم ۾ پر سائين جن سان ملڻ مون ضروري سمجهو ۽ سائين جن کان مون وقت گهريو سائين جن هائوڪار ڪئي. پوءِ تقريبن 15 منٽن کان بعد ۾ مان سائين جن وٽ پهتس رستي ۾ مون اھا سوچ ڪئي ته سائين جن کي مان سڃاڻيندس ڪيئن.؟ ڇوته سائين جن جي نيٽ تي ڪابه تصوير شيئر ٿيل نه آهي. مان سائين جن جي ٻڌايل هنڌ تي پهچي سائين جن کي فون ڪئي ته سائين جن جي نظر سامهون مون تي پئي ۽ سائين جن ڪرسي تان اُٿان ته مان سمجهي ويس ته هي ڏاڏل شينو جن آهن سائين جن سان ڪچهري جو ٽائيم منهنجي خيال ۾ ته ڪلاڪ کن رهيو، تنهن ۾ اسان ڪجھ سنڌسلامت جي حوالي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي سين ته ڪجھ مذهبي سماجي سياسي وغيره سنڌسلامت جو ذڪر هجي ۽ سنڌسلامت جي ميمبرن جو ذڪر نه ٿئي ته اھا نا انصافي آهي. اُتي ڏاڏل سائين جن هڪ سنڌسلامت جي نئين ميمبر سان ملاقات پڻ ڪرائي....نالو ذهن تي هن ٽائيم انهن جو نه پيو اچي. سائين جن چيو ته سنڌسلامت جي سالگرھ تي اُميد اھا هئي....ته تقريبن سڀني ميمبرن سان مُلاقات ٿيندي پر ائين نه ٿي سگهيو صرف چند ميمبرن سان مُلاقات ٿي سنڌ دوست ۽ هر وقت هر ميمبر کي ياد رکندڙ سليمان وساڻ صاحب جن جي تعريف ڪندي سائين ڏاڏل جن چيو ته سائين جن سان سنڌسلامت جوائن ڪرڻ کان اڳ به ڪجھ مُلاقاتون ٿيل هيون سائين جن پهريان سنڌسلامت جا دوست هئا....جن جو مونکي ديدار ۽ ڪچهري نصيب ٿي..هاڻي مُلاقاتن جو سلسو شروع ٿيو آهي...اُميد ته سڀني دوستن سان ملي روح رهاڻ ڪبي........سلام سنڌ
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ادا عاشق ڏاڏل سان ملاقات تي اوهان کي ۽ ڏاڏل کي واڌايون هجن ڪالهه منجهند جي وقت ڏاڏل جي ڪال آئي هئي پر منهنجو موبائل سائلينٽ تي رکيل هو۔ جيئن ئي موبائيل کنئي ته ڏاڏل جي ڪال ڏٺي ۽ سائين جن کي ڪال بئڪ ڪيم۔ ڏاڏل سنڌ سلامت بابت ڪجهه شيون پڇيون ۽ پوء چيو ته عاشق جو نمبر ڏيو جو مان انهن جي پاڙي ۾ آهيان۔ مون اوهان جو نمبر ڏاڏل کي موڪليو ۽ خوشي به ٿي ته سنڌ سلامت جا ميمبر ڪيئن هڪ ٻئي کي ڳولي ملندا ٿا وتن۔ سنڌ سلامت جي هن فورم اسان کي لکڻ پڙهڻ سان گڏ هڪ ٻئي سان ملڻ لاء سماجي موقعا ۽ دوست ميسر ڪيا آهن، جيڪا هڪ گهڻي خوشيء واري ڳالهه آهي۔ ڏاڏل کي لک شاباسون جو اوهان کي ڳولي مليو۔ لک لائق اوهان دوستن جا۔ دعائن ۾ ياد رکجو، سنڌ سلامت جي سالگرهه واري ڏينهن مون اوهان کي ڪال ڪئي هئي پر اوهان ڳوٺ هيا ۽ برساتي موسم جو مزو وٺي رهيا هئا۔ منهنجي ڪال ڪرڻ جو مقصد اهو هو ته جيڪڏهن اوهان هتي آهيو ته اسان سان گڏ شريڪ ٿيو۔ خير زندگي رهي ته ملاقاتون ٿينديون رهنديون۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات سائين اوهان جو ڪم ۽ اوهان جو سنڌسلامت جي ميمبرن کي هر وقت هر هنڌ ياد رکڻ قابل ذڪر ۽ قابل تعريف آهي
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ادا ڏاڏل جي هڪ تصوير جيڪا سندس فيس بوڪ پروفائيل تي رکيل آهي انٽرنيٽ تي ونڊ ٿيل آهي ۔۔۔ جنهن جو ذڪر علي علي به پنهنجي هڪ موضوع ۾ ڪيو آهي۔۔۔ پر پاڻ ان تصوير کان بلڪل مختلف ۽ هڪ سلجهيل شخصيت جا مالڪ آهن۔۔۔ دوستن سان ملڻ جو شوق به اٿن ته وري انهن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ اتساهه به ۔۔۔ سندس پهرين ڪچهري مون کي ياد آهي جنهن ۾ پاڻ شاهه صاحب جي شاعري کي سمجهڻ جا انيڪ نقطا پڻ ڏسيا هيا۔۔۔ سندس سان هر دفعي ملاقات ۾ سنڌ سلامت جي بي بها پنهنجائپ جو اظهار صاف نظر ايندو آهي اهو ئي سبب آهي جو سندس مشورن کي آ انتهائي سنجيدگي سان نوٽ ڪندو آهيان۔۔۔ جيتري تائين سنڌ سلامت جي سالگره تي دوستن کي گڏ ڪرڻ جو تعلق آهي۔۔۔ ته ان ۾ منهنجو قصور چئي سگهجي ٿو۔۔۔ اصل ۾ اهڙي ڪنهن به پروگرام کي رکڻ جي مون مخالفت ڪئي هئي ۔۔۔ جنهن جو سبب دوستن جي مصروفيت ۽ خود منهنجو هر وقت موجود نه هجڻ چئي سگهجي ٿو۔۔۔ ان باوجود جڏهن مختلف دوستن سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته اهي موجود نه مليا جو کين وقت سر ان پروگرام جي آگاهي نه هئي۔۔۔ بحرحال حياتي آهي ته ميل ملاقاتون جاري رهنديون۔۔۔ وري ڪو اهڙو موقعو مليو ته دوستن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي۔۔۔۔
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات سائين سليمان وساڻ صاحب جن جي مهرباني جن سائين عاشق سولنگي صاحب جن جو نمبر عنايت ڪيو ۔ ڪاله سائين عاشق صاحب جن سان ملاقات ٿي اتي سائين عاجز گبول جيڪو سنڌ سلامت جو نؤن ميمبر آهي سان ملاقات ٿي ۔ گهڻي دير تائين ڪجهه موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهي ۔ گهنِ دير تائين ويٺا رهيا سين ۔ سائين رشيد سمون صاحب سائين مست ،سائين عبدالرحيم سائين طاهر صاحب سائين ممتاز وگهيو صاحب ۽ سائين عرس پريو صاحب جن جن جو خاص ڪري زڪر ٿيندو رهيو ۽ بلخصوص سائين نثار صاحب جن جو ذڪر ڇو جو جا سنڌ سلامت جي زريعي ملاقات هجي ۽ سائين نثار صاحب جن جو ذڪر نه ٿئي ته آءٌ سمجهان ٿو اها سائين نثار صاحب جن سان ناانصافي چئبي ۔ ماشاء الله ڏاڍي خوبصورت ملاقات رهي
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ماشا الله تمام سٺي ڳالهه آهي جو دوست هڪ ٻئي کي وڃي ڳولهي ٿا لهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڏاڏل ء عاشق جي ملاقات ٿي ڀلو ٿيو اميد ته انتظاميا جلد ڪو پروگرام رکندي جنهن ۾ سڀني دوستن سان ملاقات ٿي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ جوت جلندي رهي لاٽ ٻرندي رهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي سنڌ سلامت جا ميلا مچندا رهن
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ادا اسان جون ڪچهريون شال سدا آباد رهن ڏاڍي خوشي جي ڳالهه ڳو دوست ٿا ملاقاتون ڪندا وتن سائين ڏاڏل کي عرض ته پنهنجي هڪ تصوير پروفائيل ۾ اپ ڊيٽ ڪن ڇو ته اسان به سائين جي ديدار کان محروم نه ٿيون
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ميلا لڳن، دوستيون وڌن ۽ سنڌ جي ڀلي جون ڳالهيون ٿين ته نثار جو روح خوش نه ٿئي ۔۔۔؟؟؟ سنڌ سلامت جي اوطاق ٺاهڻ جو مقصد ئي اهو هيو ته سنڌين کي هڪ هنڌ گڏ ڪجي، سنڌين جون دوستيون قائم ڪرائجن ۽ اهڙي اوطاق مهيا ڪجي جنهن سان اسين پنهنجي دل جون ڳالهيون ڪندي هڪٻئي جي رهنمائي ڪري سگهون ۔۔۔۔ دوست ياد ڪنٿا، پاڻ ۾ ملاقاتون ڪن ٿا ۔۔۔ انکان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشِي ؟؟؟؟ اميد ته سنڌ سلامت جا دوست محبتن جا امين ٿي سنڌ جو مان مٿاهون ڪندا رهندا ۔۔۔ اسين به ان آس ۾ آهيون ته هڪ ڏينهن ته ميلو ٿيندو ۔۔۔؟ ويٺا تڳون تنهنجي ديد لا ۔۔۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات واهه واهه تمام سٺو۔۔۔۔ منهنجي به سنڌ سلامت جي ماشاءَ الله تمام گهڻن دوستن سان ملاقات ٿي چڪي آهي، سائين نثار ناز، ابوواصف، رشيد سمون، علي علي، طاهر سنڌي، سليمان وساڻ، جمن شيخ، شينهن سمون، ادي شبانه امتياز، فقير محسن ۽ تازو وري ڦلپوٽو فقير سان ملاقات جو شرف مليو۔۔ پر مون کان وڌيڪ اعزاز سائين رشيد سمون، طاهر سنڌي، علي علي، سليمان وساڻ ۽ ڦلپوٽو فقير کي آهي جن هيل تائين سنڌ سلامت جي تقريبن ننڍن وڏن، نَون پراڻن ميمبرن سان ملاقات ڪئي آهي۔۔
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ماشاءَ الله، تمام سٺي ڳالهه آهي، ڏاڍي خوشي ٿي جو دوست ملن ٿا، ان شاءَ الله زندگي آهي ته ادي ڏاڏل سان ملاقات ضرور ٿيندي، ادي مست جا ٿورا۔
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات عاشق مجبور سان به ملڻ جو موقعو ملي ويو ته پوءِ واه واه ٿيندي، ڀلي ڪيڏا به ڪنڌار هجون!!
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات سائينجي شرفِ زيارت بخشيندؤ ته اوهان جا احسان اسان نادارن تي اسان کي اوهانجي ڪراچي آمد جو انتظار رهندواميد ته جلد اوهان جي زيارت کان مستفيد ٿينداسين ۔آمين وسلام
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات دوستن کان دوري جو درد ڇا آهي شايد ان ڳاله جو احساس پرديس ۾ رهندڙن کي وڌيڪ آهي۔ جنهن جو احساس اوهان کي سائين محترم نثار ابڙي جي ڳالهين مان ٿيو هوندو ۽ مٿان وري دوستن ۾ سائين سليمان وساڻ، عرس پرئي، ڏاڏل شينو، ممتاز وگهيو، طاهر سنڌي، عاشق سولنگي، سائين عبدالرشيد سمون ۽ مست جهڙا محبتي ماڻهو هجن ته ملن جو شوق اڃا وڌيو وڃي اگرچه انهن منجهان منهنجي گهڻن سان ملاقات نه ٿيل آهي ليڪن انهن جي ڳالهين مان پنهنجائپ کي پرکي سگهجي ٿو۔دوستن جي ملاقات جو ٻڌي ڏاڍي خوشي ٿي اميد ته محبتن جا اهي ميلا مچيل رهندا
جواب: محترم ڏاڏل شينو سان مُلاقات ماشاءَ الله، تمام سٺي ڳالهه آهي، ادا مون کي ڏاڍي خوشي ٿي ادي عاشق ء ادا ڏاڏل جي ملاقات جو ٻڌي