رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
دنيا درد ڀريل
هي دنيا آهي درد ڀريل
پيڙا پيڙا سان پڄريل
ڪو ماني ڳڀي ڪان ٻاڪاري
ڪو انگ اگهاڙو آ سائل
ڪو گهر بنان ٿو گهاري ڏينهن
ڪنهنجو اجهو آ اجڙيل
کوڙ جي آهن بک مرن ٿا
ٿورا تن تي هن ڏمريل
هو سرمائيدار ٿو سڃ ڪري
مزدور ويچارو آ هيسيل
هو پير وڏيرو ۽سردار
جت هارين جا هن هٿ ٻڌل
سڀ هڪ جهڙا ڪيئن ٿيون
تعليم بنان هون سڀ جاهل
چنڊ لئه چڪور جيئن آ آتو
رات کٽي وئي آ مون ڄاتو
وئي سنجها گذري ٿي پرڀات
شفاف شفق آ مون پاتو
جنهن صبح سبا پئي آهي گهلي
تنهن ڏينهن سان منهنجو آ ناتو......
مبارڪ مبارڪ مبارڪ مبارڪ
سيد جو ڄمڻ سڀ کي مبارڪ
مفڪر اعلي ا هو مرد اهڙو
مهان ماڻهو نه هن ڪو جهڙو
لازوال ليڊر هو سنڌ جو رهبر
مثل نه هن جي ڪوئي مفڪر
ڪيائين ارپن حياتي ساري
هجي سنڌ سڄي سکي ۽ سگهاري
ائين درد سنڌ لئه رکي ڪو ڏيکاري
عمر ڀر جيل ڪو گهاري ڏيکاري
هي دنيا آهي درد ڀريل
پيڙا پيڙا سان پڄريل
ڪو ماني ڳڀي ڪان ٻاڪاري
ڪو انگ اگهاڙو آ سائل
ڪو گهر بنان ٿو گهاري ڏينهن
ڪنهنجو اجهو آ اجڙيل
کوڙ جي آهن بک مرن ٿا
ٿورا تن تي هن ڏمريل
هو سرمائيدار ٿو سڃ ڪري
مزدور ويچارو آ هيسيل
هو پير وڏيرو ۽سردار
جت هارين جا هن هٿ ٻڌل
سڀ هڪ جهڙا ڪيئن ٿيون
تعليم بنان هون سڀ جاهل
چنڊ لئه چڪور جيئن آ آتو
رات کٽي وئي آ مون ڄاتو
وئي سنجها گذري ٿي پرڀات
شفاف شفق آ مون پاتو
جنهن صبح سبا پئي آهي گهلي
تنهن ڏينهن سان منهنجو آ ناتو......
مبارڪ مبارڪ مبارڪ مبارڪ
سيد جو ڄمڻ سڀ کي مبارڪ
مفڪر اعلي ا هو مرد اهڙو
مهان ماڻهو نه هن ڪو جهڙو
لازوال ليڊر هو سنڌ جو رهبر
مثل نه هن جي ڪوئي مفڪر
ڪيائين ارپن حياتي ساري
هجي سنڌ سڄي سکي ۽ سگهاري
ائين درد سنڌ لئه رکي ڪو ڏيکاري
عمر ڀر جيل ڪو گهاري ڏيکاري