• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تازه شاعري تو سولي کي سينگاريو هو

ساريندي سڄڻن، ڳڙي پياڳوڙها
اندر اڊڪا اهڙا، جيئن سنب کڻن گهوڙا
منجها سڪ ساه کي، وڏا مروڙا
مون کي پڪ پروڙ آ، ملي ملبو يار

اڄ سڏ ٿيو آسڪ مان هلو جيڏيون جاڙ
متان ٿي اجاڙ،سرت ڪيو ساٿ جي

اڄ سڏ ٿيو آ ساٿ جو،نباهيون اهو نينهن
سفر سارو ڏينهن، پڄ ته پورائو ٿئي

هجوم هلي پيا هوت ڏي، سنڀري سڪري ساٿ
اچي ٿي پرڀات، پڄڻ منزل ماڳهين


هلو هلو مانجهيا ويرن وٺون وير
ڪات ڪهاڙا ڪڇ ۾ تکو کڻو پير
متان ٿئي اوير دشمن دوکو ديد جو

هلو هلو ساٿيو جتي نازڪ آهي نينهن
سڪ برابر سڏڙا، آتو اندر تيئن
منزل ماڻيون هيئن،ساٿ سان سويلڙو






تو سوليء کي سينگاريو هو
هن اڀ ۾ پوءِ نهاريو هو
هو امر ٿيڻ لئه هو آتو
تون ڏائڻ ڏوه ۾ هئين ڦاٿو
هي ڏيه سڄو آ هن جي زبان
هي هر هرپوءِ ڪندو ته بيان
هو زنده آ هن ظاهر ۾
۽ سوز سچو ڪنهن شاعر ۾
تون ڪوڙ ملامت ۾ وئين مٽجي
ائين ڌوڙ مٽيء ۾ ڄڻ لٽجي
تو باندي خانه ڪيڏا ڀري
ڇڏيو ڏاڍ ڏمر هو عام ڪري
تون بزدل ڪوڙو ڪوڙا هڻي
هت ماءُ رني ڪئي لاش کڻي
ٿو پورو پورب ٻاڪاري
اهو ڏينهن وري پيو سڀ سنڀاري
هي ڀٽو سڀ جو ڀاءُ هيو
جنهن سان سڀ کي چاه هيو

سونه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو سيڻ مٽائي سون تي
جو واٽ ڏسي ويرن کي
جو ٿڃ لڄائي ماءُ جي
جو لڄ وڃائي ڀيڻ جي
ڌرتي دوله دوکو ڏي
سونه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو
جو پنهنوارن پور ڏي
جو سنڌ منهنجي سور ڏي
جو مارن منهنجي مرڪ کسي
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهجي جند جو
جو نه سوچي سنڌ لئه
جو نه لوچي سنڌ لئه
جو نه سچو سنڌ سان
سو نه منهنجي سنڌ جو
سو نه منهنجي جند جو









دعا ڪريو جيڏيون پڄان هو ته همير
اندر جهڄي جهير جنهن لاءِ آهي اڪير
سي ملندا مون سان مير سڪ جن جي ساه ۾

اهو اهڙو سور ،هن نه جهڙو ڪو
هن جو حمايتي هتي ڏسجي پيو سڀ ڪو
ائين جيئن چڀڪو چهنڊي وڌي چاه ۾


جي بادل ٿي بيهان ته رڳون ريهان ڪن
مندائتي مينهن جي هر هند پچر تن
جوءِ جيارن جان سان جي جوڙا هر هلن
کيڙين سر سيتيون اندر اڌمان جن
او ساڀ ٿينديون انهن ،دعائون در الله جي







عورت
بنان تنهنجي رونڪ نه آهي جهان ۾
حوا جي تون ڄائي اسان ڀي توهان ۾
اڌواڌ اسان ۾ تو آباد آهين
پر جهالت جي دنيا ۾ناشاد آهين
ڪن ننڍڙي هوندي توکي جيئري دفن ڪيو
ڪن ستي لڪڙي ڪري ساڙيو هو
اڄ تو کي ننگو ڪري هو نچائن
ڪڏهن بيچ تي پيا تو کي گهرائن
اڄ توکي فيشن جي زينت چئي هو
اگهاڙو ڪرن ٿا سڄي لوڪ سامهون
اهي ئي وئشاپيا توکي بنائن
ائين اجتمائي زنا ٿاڪرائن
ڪي وني ڪري توکي عيوض ڏين ٿا
ڪي ڪاري چئي ڪهاڙين ڪهن ٿا
تذليل تنهنجي طرحين ڪرن ٿا
اهي مرد مومن جو پاڻ کي چون ٿا
آ






















سدان هجي منهنجي، سنڌ سڄي سرهاڻ
موج ڀريو مهراڻ،شل ڀرجي هلي ڀينرو

سنڌ سگهاري سوچ،رکي جيئو جهان ۾
پوءِالله جي امان ۾ هوندين شل هر جاءِ تي

امڙ،سنڌ جيجل، سنڌ منهنجي ماءُ
سدان سک سنڌ جا ڳوليان پيو ٿو ڀاءُ
دشمن ڏي ٿو گهاءُ،موت ماريون هن موذي کي



وچن به توسان ورونهن آهي
سڄي هي سنڌ منهنجي سونهن آهي
هن سان ته منهنجو نينهن آهي
بهار باغن ۾ جيئن آهي
خمارجي جي کيت پوندا
خوشين ڀريل پوءِ گيت هوندا
بک وگهي نه جيءَ جهرندا
اندر اڃايل نه مارو مرندا......



 
Back
Top