رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
روح پرور راحتون هي
منهنجون تو سان چاهتون هي
سڏين ٿيو ڪو سڪار ۾ آ
دل جي ڌڪ ڌڪ پچار ۾ آ
خوشبوخوشبو خوب مهڪي
چنبيلي ٿي اڄ خوب چهڪي
رابيل ڀي آ رس ڀريل اڄ
گلاب چهرا هن سڀ ٿيل اڄ
وڃن نه مرجهائجي جيئڙا
صدا ٻڌو هي ڪرن پيا سڏڙا.....
ٿي سنڌ پڪاري او پيارا
سڀ سڏ سڻو،گڏ سارا
اچ سچ ٿيون پوءِ هڪ ٿيون
دشمن جا ٿين منهن ڪارا
جوت جلايون سڀ گڏجي
ڳوٺن سان ٿن نينهن نيارا
صدين سڃاڻ آ پنهنجي
مستقبل لئه پو ڪر وارا
جيجل پئي ٿي يار پڪاري
اچ رهزن تي ڪر مارا
پوئين ويڙه به وڙهڻي آ
جنگ جوٽي پو هڻ نارا.........
نفس نهوڙي نيست ڪيو، گذريويون گهڙيون
روح ۾ ٿيون رڙيون،ڪچ ڪمايئه ڪوڙ سين
نفس نسورو نانگ، ڏه ڏه ڀيرا ٿو ڏنگي
وڻ ويڙهيءَ وانگروجود کي، ويڙهي ٿو ونگي
تنهن کي يار ٽنگي، سولي ڏي تون سوچ سان
سدان توتي سوار، نفس نڀاڳو نينهن
خواهشن خوار ڪيو، آهي ويتر تيئن
ماري پنهنجي نفس کي، هلي پئو تو هينئن
پو جڳ ۾ جيئندي جيئن، فڪر فڪيراڻو ڪري
اهي پتڪڙا پيرته پنهنجا
کنياسين شروع ۾لڳا ها ته انهجا
ڪڏهن چيچ بابا جي پڪڙي هلياسين
ڪڏهن ڌڪا کائيندي ٿاٻڙجي ڪرياسين
نرم ۽ نازڪ هو ننڍپڻ هو اسان جو
نه غم جي خبر هئي نه ڪو سور سهنجو
رابيل گل جيئن گلابي عنابي
ڪيان ياد ننڍپڻ ته ٿيان ٿو بيتابي
ائين پوپٽن جي پويان ڪو ڊوڙي
پري جي ٿيو هوم ته امڙ آئي ڊوڙي
ڀنڀوريون به پڪڙيون هيون سين هٿن سان
کيڏيون سين خوب رلجي رانديون انهن سان
وري شام ويلي روشن ٽانڊاڻا
ڊوڙي ڊوڙي تن لئه ٿيا ها سين ساڻا
ڄام شورو
اهو ڄام شورو آهي ذوق زورو
هن جو ته سنڌ تي آهي يار ٿورو
تعليم جو تونگر شهر آ
حسن جون ڪي ديويون جتي سڀ دنگ آ
هر رخ ۾هي ڪري رهبري ٿو
سياست ڇا ثقافت جو ڪو گهري ٿو
قباحت قدورت کان هي جيئه واندا
انساني اهڃاڻ آهن جيءَ جيئندا
پٿريلي ڌرتي پر نازڪ ته ماڻهو
اندر صاف جن جا شيشي جهڙا ماڻهو
هتي ئي ته سنڌو ثقافت جا سر هن
هتي ئي ته تمدن ۽ تهذيب گر هن
سونهن سڳنڌ سرهاڻ جا سائين
منهنجي هن مهراڻ جا سائين
تو لئه آس اٿاريل اڄ ڀي
تو لئه نينهن نکاريل اڄ ڀي
تو لئه ساه سڪايل اڄ ڀي
تو لئه پياس پڪاريل اڄ ڀي
روز پڇان ٿو روز لڇان ٿو
ڪنهن سان ڪجه ڀي ڪين ڪڇان ٿو
سج اڃاڳاڙهاڻ اوسائين
پاڇولا پيلاڻ او سائين
فلڪ مٿي چانڊاڻ او سائين
سڀ ستارن ساڻ او سائين
سنجها ساڪن ڪين بنايون
هلچل هن ۾ آءُ هلا يون
هن جا آهن پير پٿونئڙا
جڳ ۾ زخمي جيئن هن جيئڙا
ڳاله ڳجهي ٿا سڀ ڳالهائن
چر پر تنهنجي سڀ ٿا چاهن
تو لئه کوليم در دروازو
هٿ ۾ آهي گل هي تازو
خوشبو تنهنجي سنگھ او سائين
تانگهو پاڻي لنگھ او سائين
پٽن تي پيرو پچي ويا آهن
داڻا ديرن کڄي ويا آهن
ٽيلهون ٽيلهون ستارا ڏس تون
سڀئي گڏ ٿي جڙي ويا آهن
وڍ يندا ويرن جا ڪنڌ هاڻي
زنجير تالا ٽٽي ويا هن
ڀيٽا ڏيندا ڀرجهلا سڀ
لکين ڪروڙين مڙي وياهن
هو نانگ وانگر ڏنگي ٿو ڏائڻ
ماريون هن کي سڀ رڙي ويا هن
ڏٻرا ڏوٿي پر لوها سينا
سڀ للڪار تن ۾ لڏي ويا آهن
هي گيڙو وارا جوڳي جيئڙا
پيرين پنڌ هلي پيا هن
منزل ميارون نه ڏي اسان کي
تبل نقارا وڄي ويا هن