نثارابڙو
نائب منتظم
سنڌ جي نياڻين سان هم ڪلامي ...
نثار ابڙو
عرفانه ملاح، تمام سٺي حوالي سان شروعات ڪئي آهي پر سائين منهنجا ڇا ڪجي، انسان جي فطرت ۾ شر آهي، رب العالمين جڏهن کيس پئدا ڪري، ملائڪن کي چيو ته کيس سجدو ڪريو ته مالائڪن جي پهريان لفظ هن مخلوق لئه چيا سي اجهو هي آهن
” اَتجعلُ فِيهَا مَن يُفسدُ فِيهَا وَ يَسفِڪُ الدِمَاءَ“
” هي ته زمين ۾ فساد برپا ڪندو ۽ خون وهائيندو“
سورت بقره
فساد جي تعريف ڪبي ته هر اها برائي يا اهو عمل جو سماج ۾ ويڙه ۽ نفاق جو سبب ٿئي سو فساد آهي ... ان ۾ نه پٽ، نه ڀاءُ، نه پيءُ، نه عورت نه مرد نه سنڌي ۽ نه وري انگريز بلڪه سمورو انسان ان فساد جي چڪرويو ۾ جڪڙيل آهي ... انڪري ڪٿي ڪيئن ڪٿي ڪيئن واري حالت آهي ... ڪٿي گهڻو ڪٿي ٿورو اهو خون وهائڻ جاري ۽ ساري آهي ... بس رڳو رنگَ ۽ ڍنگَ مختلف آهن ...
ڀيڻ عرفانه ملاح کي آءُ هن ليک ذريعي اهو ٻڌائڻ چاهيندس ته ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سنڌي ماڻهون انتهائي مان وارا ۽ اصول پسند آهن، هو عورت جي عزت ڪندا آهن، سنڌين وٽ عورت گهر جي مالڪياڻي آهي ۽ کيس وڏا وڏا رتبا مليل آهن ... مشرق جي ڌيءُ، ڀيڻ، ماءُ ۽ زال جن سماجي رشتن جو مزو ماڻي رهي آهي سي رشتا مغرب جي ڌيءَ پنهنجي نام نهاد آزاديءَ جي نالي ۾ وڃائي چڪي آهي ...
ٻين قومن جي ڀيٽ ڪبي ته سنڌي قوم سماجي طور اڃان بهتر حالت ۾ نظر ايندي ... ها ڪٿي ڪٿي ڪا ڪمي ضرور آهي پر مجموعي طور سنڌ جي سماجي حالت بهتر آهي .... اسانجي ادب تي سنڌي عورت ڇانيل آهي ... اسانجي لطيف سڳوري ته سڀ سُرُ عورت جي عظمت جي بيان ڪرڻ ۾ لڳائي ڇڏيا آهن ... اسان وٽ اڃان طلاق جو تناسب ايترو ناهي جيترو ٻين قومن وٽ آهي ، اسان وٽ سنڌي عورت جي اهميت ٻين گهڻين قومن کان وڌ آهي جو عورت کي جهيز وغيره ڏيڻو ناهي پر ٻين قومن ۾ غريب ڇوڪريون جهيز گڏ ڪندي ڪندي ڪراڙيون ٿيو وڃن ۽ جهيز نه هجڻ جي صورت ۾ ساڙيون وڃن ٿيون ... انڪري ڀيڻ کي صلاح ڏيندم ته سندس جنم صحيح ڌرتيءَ تي ٿيو آهي، کيس مبارڪون ڏيندم ته هوءَ سنڌ جي باغيرت قوم جو هڪ حصو آهي ... ۽ پئدا ٿيندڙ سڀني نياڻين کي عرض ڪندس ته هو سنڌين جي گهرن ۾ پئدا ٿين، جو سنڌي اڄ به نياڻين کي قرآن سان ڀيٽن ٿا ۽ ان جيتري ئي عزت ڏين ٿا ...
ڀيڻ کي آءُ ياد ڏياريندم ته يورپ جي جنهن حصي جي هوءَ ڳالهه ڪري رهي آهي، اتي عورت جي عزت جي قيمت صرف ٻه چار ڊالر آهي ... مغرب ۾ جيترا ”سونا باٿ“ ٺهيل آهن شايد ئي ڪنهن هنڌ هجن جتي عورتون دنيا جي آيل مردن کي وهجارينديون آهن، صابڻ هڻنديون آهن، مالشون ڪنديون ۽ آخر ۾ ڪاروبار جوچئي پنهنجو جسم ڪجه ڊالرن جي عيوض حوالي ڪنديون آهن، جت ٻارن ڄڻڻ کي هڪ بيڪار عمل سڏيو ويندو آهي جي ٻار ڄمندو به آهي ته نه ماءُ جو نه پيءُ جو بلڪه ميونسپل ڪاميٽيءَ جو هوندو آهي ... جت دنيا جون سڀ کان گهڻيون بلو پرنٽ (اگهاڙيون) فلمون ٺهنديون ۽ عورتن جي حياء شرم جو واپار پوري دنيا ۾ ٿيندو آهي، جت عورت هڪ ويڪائو مال آهي ... دنيا جي اهڙن ملڪن ۾ عورت سان جنسي ڏاڍائي هڪ عام ڳالهه آهي ۽ ان جو تناسب سنڌ جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻو آهي ...
پر سنڌ ۾ الحمد الله اهڙي حالت ناهي ۽ اميد ته اهڙي حالت ٿيندي به نه جو سنڌ رهواسي غيرتمند ۽ پنهنجي عورت سان نڀائڻ ڄاڻن ٿا ... ها ڪنهن هڪ اڌ خراب واقعي سان پوري قوم کي خراب نٿو چئي سگهجي پر مغرب ۾ ته مجموعي سماجي حال انتهائي خراب آهي ... ڇا منهنجي ڀيڻ اهڙيون حالتون سنڌ ۾ به چاهي ٿي؟ ڇا ادي عرفانه ملاح جديد سنڌ جو تصور ٻڌائيندي ته ڇا آهي؟
ڇا هوءَ چاهي ٿي ته منهنجي ڌيءَ ، منهنجي ڀيڻ، منهنجي ماءُ يا منهنجي زال اچانڪ گهر ۾ اچي ته ڪنهن نوجوان جي ٻانهنُ ۾ هجي سندس چپن جي گرمي ونڊيندي گهر جي ڪمري ۾ هلي وڃي ۽ اتي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي، پنهنجي جسم جي گرميءَ سان ان نوجوان کي وندرائيندي ٿڪجي ٻاهر نڪري ته آءُ کيس شاباش ڏيان، کيس خدمت ڪريان ۽ ڇوڪري جي تعريف ڪريان، ٻي ڏينهن منهنجي ڀيڻ، منهنجي ماءُ، منهنجي ڌيءَ يا منهنجي زال ڪنهن ٻي نوجوان سان ظاهر ٿئي ۽ اهڙي نموني اهو عمل ورجائيندي رهي ۽ سندس تعريف ڪندو رهان ڪجه به نه چوان بلڪه کيس همٿايان ته هوءُ ڀل مزا ماڻي وٺي جو زندگي تمام ٿورڙي آهي ...
ڇا هوءَ اهو چاهي ٿي ته روڊن ۽ رستن تي مختصر ڪپڙا پائي گهمي، مني اسڪرٽ جا گوڏن کان گهڻو مٿي هجي، يا وري سندس مخصوص جسم جا حصا ڍڪيل هجن ۽ هوءَ انهن ڪپڙن ۾ پاڻ کي آزاد محسوس ڪري يا وري هوءَ چاهي ٿي ته سمنڊ جي ڪناري تي ويهي دنيا کان بينياز ٿي پنهنجا ڪپڙا لاهي تيل مالش ڪندي رهي ۽ سج جي تپش وٺي ڳاڙهي ٿيندي رهي يا وري اڃان هوءَ چاهي ٿي ته باغن ۾، گاڏين ۾ سر عام رستن تي، چمين جا، ڀاڪرن جا ۽ جنسي بي راهرويءَ جا مزا ماڻيندي رهي ...
آخر منهنجي ڀيڻ چاهي ڇا ٿي سندس انهن لفظن مان ڇا مراد آهي ته هوءَ تڏهن پئدا ٿيندي جڏهن
”حرام حلال جا سڀ حساب تاريخ جي دز لڳل ڪتابن جي اڏوهي کاڌل پنن ۾ رهجي ويندا“
آءُ پنهنجي ڀيڻ کي اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته حرام ۽ حلال جو فلسفو انسان جي هزارها سالن جي تجربي جو نچوڙ آهي ... اهو فلسفو اسان سڀني کي شيطاني عملن کان بچائي ٿو ... اهو حرام ۽ حلال جو مسئلو ئي اسانکي حيوان مان انسان بڻائي ٿو ... جيڪڏهن اسان ان حلال ۽ حرام جي نظريي کي پٺي ڏينداسون ته اسان انسان جي هزارها سالن جي تجربن کي باه ڏئي وري ان وحشي جيوت واري دور ۾ هليا وينداسون ...
آءُ پنهنجي ڀيڻ کي عرض ڪندس ته ان مسئلي جو حل اهو ناهي ته جذبات ۾ اچي سڀ فلسفا ٽوڙي مروڙي ڇڏجن بلڪه انهن فلسفن کي رائج ڪري پنهنجي سماج کي شيطاني ڪمن کان بچائي وٺجي ... ڀيڻ جنهن مغرب جو حوالو ڏئي رهي آهي اهو مغرب جو پئسي ڏوڪڙ جي چمڪ دمڪ ۾ گم آهي پر سندن معاشرتي حالت انتهائي خراب آهي ... سندن رشتا ٽٽندا پيا وڃن، سندن عورت ۽ مرد جو9 تعلق صرف جسماني ۽ شهوتي وڃي رهيو آهي ... سندن حلال ۽ حرام جو تصور ختم ٿيندو پيو وڃي ....
منهنجي ڀيڻ! سنڌي سماج هن وقت جنهن سياسي چڪرويو ۾ ڦاٿل آهي، جنهن غلامانه ذهنيت جي وڪڙ ۾ آيل آهي، ان سماج کي ان چڪرويو مان ڇڏائي ئي ان مسئلي جو حل ڳولهي سگهجي ٿو ... تعليم جي ڪمي آهي ۽ جنهن حلال ۽ حرام کي تون ڌڪارين ٿي ان نظام کي بحال ڪرڻ ۾ ئي آفيت آهي ... اچو ته اسين سنڌي ڌيئرون ۽ پٽ سڀ گڏجي سنڌ کي آزاد ڪريون ان ۾ حق جي راه وارو نظام رائج ڪريون، صراط المستقيم کي پنهنجي سماج ۾ رائج ڪريون ته جيئن اهڙيون جهالتون ختم ٿين ... ۽ هر ماڻهونءَ کي پنهنجي پنهنجي ڪيل عمل جو فائدو به ٿئي ۽ نقصان به ...
منهنجي ڀيڻ تون پئدا ٿي بلڪ منهنجي اکين تي ... ڇا آءَ ڀاءُ جي حيثيت ۾ تنهنجي عزت جي حفاظت نٿو ڪريان، يا تنهنجي لوئي ۽ لڄ جي پرواه نه اٿم، ڇا آءُ پيءَ جي حيثيت ۾ تنهنجي سر تي شفقت جو هٿ رکي پنهنجي سر تي ڏک سک کڻي، تتيءَ ٿڌيءَ ڪاهي به تنهنجي هر ضرروت پوري نٿو ڪريان، ڇا آءُ پٽ جي حيثيت ۾ توکي مٺي ماءُ ڪري نٿو پڪاريان، ڇا آءُ مڙس جي صورت ۾ توکي اٽو لٽو ۽ اجهو نٿو مهيا ڪريان ۽ پوءِ به تون پئدا ٿيڻ نٿي چاهين، افسوس منهنجي ڀيڻ، منهنجي ڌيءَ، منهنجي ماءُ ۽ منهنجي زال تنهنجي انهيءَ سوچ تي ... بس هڪ اڌ واقعي تي ايتري ناراضگي جو سڄي سماج کي ڊاهي پٽ ڪرڻ ٿي گهرين ۽ سڀني مذهبن کان منهن موڙين ٿي، پنهنجن سڀني رشتن جي نفي ڪري، اسانجي دلين تي غم جا ڪارا ڪڪر ڪرڻ لئه تو اهو ڪيئن سوچيو، اهو ڪيئن سوچيو ؟؟؟؟ سنڌ جي نياڻي اچ پئدا ٿيءَ ته آءُ اهي سڀ سوال توکان ڪريان....
سنڌ ڄائي تون پنهنجي لوئيءَ ۽ لڄ جي حفاظت ڪندي رهه، تون پنهنجن عزت نفس کي قائم رکندي اچ، تون شرم ۽ شرمگاه جي حفاظت ڪندي رهه، اسين سنڌ ڄاوا توسان گڏ آهيون، موت آيو ته موت ۾ گڏ ٿي شهادت جي رتبو ماڻينداسون ۽ جي فتح ٿي ته فتح ۾گڏجي جهمريون پائينداسون ...
منهنجي ماءُ، منهنجي ڌيءَ، منهنجي ڀيڻ ۽ منهنجي شريڪ حيات، هيءَ حقيقت به نظر ۾ رکڻي پوندي ته حق ۽ ناحق جي جنگ ته هلندي رهندي، اها جنگ ته آدم سان شروع ٿي آهي، آدم جي آخرت سان ئي ختم ٿيندي .... ڪٿي حق کي قائم رکڻ لئه ڪو شهيد ٿيندو ته ڪٿي ڪو ناحق جي حمايت ۾ مرندو رهندو .... اهائي فطرت آهي، اها ئي دنيا آهي ... انهن ڳالهين ڪري دل برداشته ناهي ٿيڻو ... همٿ ڪر ۽ پئدا ٿي گڏ هلڻ لئه، مقابلو ڪرڻ لئه...
چڱا ڪـــــن چڱــــايون، مـــــدايون مـدن،
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن.
نثار ابڙو
________________________________________عرفانه ملاح جي ليک ”سنڌ سان هم ڪلامي“ تي هڪ نظر ...
نوٽ؛ ڪجه ڏينهن اڳ اسانجي پياري دوست نثار ناز، سنڌ سلامت جي اڱڻ تي عرفانه ملاح جو مٿيون مضمون اسان سان ونڊ ڪيو هو جو اخبار ڪاوش ۾ شايع پڻ ٿيو هو ... مضمون انتهائي اهميت وارو آهي جو ان جو تعلق سنڌي مرد ذات سان آهي، جنهن ۾ سنڌ جي نياڻي پئدا ٿيڻ کان ڪيٻائي ٿي، ڊڄي ٿي ۽ هڪ نئين سنڌ جي آسري ۾ آهي، سنڌ جي نياڻي پنهنجي ماءُ جي پيٽ ۾ سنڌي معاشري کي انتهائي ڀيانڪ ۽ ڀوائتو سمجهي پئدا ٿيڻ نه ٿي چاهي ۽ حلال ۽ حرام واري فلسفي جي ختم ٿيڻ جي شرط سان پئدا ٿيڻ کي ترجيح ڏئي ٿي ....

تون مارئي ٿيءَ ته آءُ دودو ٿيندس، سمون ٿي سامون جهليندس،
تون نوري ٿيءُ ته آءَ ڄام تماچي ٿي توکي عزت ۽ من ڏيندس،
تون سورٺ ٿيءُ ته آءُ راءُ ڏياچ ٿي تنهنجي تندرستيءَ لئه پنهنجو سر ڪپائيندس
تون سسئي ٿيءُ ته آءُ پنهونءُ جي ويس ۾ ور ور پيو ورندس ۽ تنهنجي قبر تي اچي مرندس